Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




گلتين 4:1 - Muslim Sindhi Bible

1 ڏسو، عام طور وارث جيتوڻيڪ هر شيءِ جو مالڪ هوندو آهي، تنهن هوندي بہ جيستائين هو ٻار آهي تيستائين انهيءَ ۾ ۽ غلام ۾ ڪوبہ فرق نہ هوندو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

1 پوءِ آئون چوان ٿو تہ جيستائين وارث نابالغ آهي، تيستائين اگرچہ هو سڀ جو مالڪ آهي، تہ بہ انهيءَ ۾ ۽ غلام ۾ ڪوبہ فرق ڪونهي؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

1 ڏسو، عام طور وارث جيتوڻيڪ هر شيءِ جو مالڪ هوندو آهي، تنهن هوندي بہ جيستائين هو ٻار آهي تيستائين انهيءَ ۾ ۽ غلام ۾ ڪوبہ فرق نہ هوندو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

1 پر منھنجي چوڻ جو مطلب ھي آھي تہ وارث جيستائين ٻار آھي، جيتوڻيڪ ھو ھر شيءِ جو مالڪ آھي، تنھن ھوندي بہ انھيءَ ۾ ۽ غلام ۾ ڪوبہ فرق ڪونھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




گلتين 4:1
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنهن کان پوءِ يهويدع ڪاهن بادشاهہ جي پٽ يوآس کي ٻاهر وٺي آڻي مٿس تاج رکيو ۽ بادشاهي ڪرڻ جي قاعدن قانونن جو ڪتاب سندس حوالي ڪيو. پوءِ يوآس کي مسح ڪري بادشاهہ مقرر ڪيو ويو ۽ ماڻهن تاڙيون وڄائي چيو تہ ”خدا شل بادشاهہ کي سلامت رکي!“


يوآس پنهنجي حياتيءَ جي ڏينهن ۾ اُهي ئي ڪم ڪيا جيڪي خداوند جي نظر ۾ چڱا هئا، ڇو تہ يهويدع ڪاهن سندس رهنمائي ڪندو هو.


هاڻي جيڪڏهن اوهين مسيح جا آهيو تہ پوءِ ابراهيم جو نسل آهيو ۽ خدا جي واعدي موجب وارث بہ آهيو.


هو انهيءَ وقت تائين سنڀاليندڙن ۽ مختيارن جي وس ۾ رهندو آهي، جيڪو وقت سندس پيءُ مقرر ڪندو آهي.


ٻانهيءَ وارو پٽ عام طور ڄائو هو، پر آزاد زال وارو پٽ خدا جي واعدي موجب ڄائو هو.


پر جيئن انهيءَ وقت جسماني طور پيدا ٿيل ٻار پاڪ روح جي قدرت سان پيدا ٿيل ٻار کي ستائيندو هو، تيئن ئي هاڻي بہ ٿئي ٿو.


جيڪو خدا جي فرزند تي ايمان رکي ٿو، سو دل سان اها شاهدي قبول ڪري ٿو. پر جيڪو انهيءَ کي قبول نہ ٿو ڪري سو ڄڻ تہ خدا کي ڪوڙو ٿو ڪري، ڇاڪاڻ تہ هو خدا جي انهيءَ شاهديءَ تي يقين نہ ٿو ڪري، جيڪا سندس فرزند جي حق ۾ آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ