Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




گلتين 3:24 - Muslim Sindhi Bible

24 مطلب تہ جيئن ٻار جو ڪو نگهبان ٿيندو آهي، تيئن شريعت مسيح جي اچڻ تائين اسان جي نگهبان ٿي، انهيءَ لاءِ تہ جيئن اسين ايمان آڻڻ جي وسيلي خدا ڏانهن سچار بڻايا وڃون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

24 تنهنڪري شريعت اسان کي مسيح تائين پهچائڻ لاءِ اسان جو اُستاد ٿي آهي، انهي لاءِ تہ ايمان جي ڪري اسين راستباز ٺهرايا وڃون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

24 مطلب تہ جيئن ٻار جو ڪو سنڀاليندڙ ٿيندو آهي، تيئن نيم مسيح جي اچڻ تائين اسان جو سنڀاليندڙ ٿيو، انهيءَ لاءِ تہ جيئن اسين وشواس آڻڻ جي وسيلي ايشور ڏانهن سچار بڻايا وڃون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

24 سو شريعت مسيح جي اچڻ تائين اسان جي نگھبان ٿي، انھيءَ لاءِ تہ جيئن اسين ايمان جي وسيلي سچار بڻايا وڃون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




گلتين 3:24
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جيئن تہ شريعت جو مقصد مسيح ۾ پورو ٿي ويو، تنهنڪري جيڪو بہ مٿس ايمان آڻي ٿو سو ئي خدا ڏانهن سچار بڻجي ٿو.


ان مان اسان جي چوڻ جو مطلب هي آهي تہ جيتوڻيڪ غير قوم وارن خدا وٽ سچار طور قبول پوڻ جي ڪا ڪوشش نہ ڪئي، تہ بہ انهن مان ڪن کي خدا پاڻ ڏانهن سچار بڻايو ۽ اهو سندن ايمان رکڻ جي ڪري ئي ٿيو.


جيتوڻيڪ مسيح جي راهہ تي هلڻ ۾ اوهان جا ڏهہ هزار نگهبان بہ ڇو نہ هجن، تہ بہ اوهان جا پيئر گھڻا ڪين آهن. آءٌ ئي اوهان جو پيءُ بڻيس، ڇاڪاڻ تہ خوشخبريءَ جي تبليغ وسيلي اوهين عيسيٰ مسيح ۾ منهنجا ئي ٻار ٿيا.


تنهن هوندي بہ اسين ڄاڻون ٿا تہ ڪوبہ ماڻهو شريعت تي عمل ڪرڻ سان نہ، پر رڳو عيسيٰ مسيح تي ايمان آڻڻ سان خدا ڏانهن سچار بڻجي ٿو. تنهنڪري اسان بہ عيسيٰ مسيح تي ايمان آندو تہ جيئن شريعت تي عمل ڪرڻ سبب نہ، پر مسيح تي ايمان آڻڻ سبب خدا ڏانهن سچار بڻايا وڃون، ڇاڪاڻ تہ شريعت تي عمل ڪرڻ سبب ڪوبہ انسان خدا ڏانهن سچار نہ بڻبو.


جيئن تہ شريعت جي وسيلي آءٌ گنهگار قرار ڏنو ويو آهيان، سو شريعت جي نسبت ۾ آءٌ مري ويو آهيان، تہ جيئن خدا جي نسبت ۾ جيئرو رهان.


هاڻ جڏهن ايمان واري واٽ ملي ويئي آهي تہ پوءِ اسين شريعت جي نگهبانيءَ هيٺ نہ رهيا آهيون.


اهي رسمون تہ بعد ۾ اچڻ وارين شين جو رڳو پاڇو آهن، جڏهن تہ حقيقت مسيح پاڻ آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ