Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




گلتين 3:23 - Muslim Sindhi Bible

23 پر انهيءَ ايمان واري واٽ ملڻ کان اڳ اسين شريعت جي پهري هيٺ قيد ۾ هئاسين. هائو، ايمان واري واٽ ظاهر ڪئي وڃڻ تائين اسين شريعت جا پابند رهياسين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

23 پر ايمان اچڻ کان اڳي اسين شريعت جي هيٺ بند هئاسين، ۽ جو ايمان پوءِ ظاهر ٿيڻو هو، تنهن لاءِ بند ڪري رکيا وياسين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

23 پر انهيءَ وشواس واري واٽ ملڻ کان اڳ اسين نيم جي پهري هيٺ قيد ۾ هئاسين. هائو، وشواس واري واٽ ظاهر ڪئي وڃڻ تائين اسين نيم جا پابند رهياسين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

23 پر انھيءَ ايمان جي اچڻ کان اڳ اسين شريعت جي نگھبانيءَ ۾ قيد ھئاسين ۽ ايمان جي اچڻ تائين، جيڪو پوءِ ظاھر ٿيڻ وارو ھو، اسين شريعت جا پابند رھياسين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




گلتين 3:23
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

بيشڪ جنهن کي خدا موڪليو آهي سو خدا جون ڳالهيون ٻڌائي ٿو، ڇاڪاڻ تہ خدا کيس پنهنجو روح بي‌حساب عطا ڪري ٿو.


مطلب تہ خدا سڀني انسانن کي نافرمانيءَ واري ڦندي ۾ ڦاسڻ ڏنو آهي، تہ جيئن هو سڀني تي رحم ڪري.


پوءِ هيءَ لکت ڪنهن جي لاءِ آهي؟ اسين ڄاڻون ٿا تہ شريعت ۾ جيڪي بہ فرمايل آهي سو انهن لاءِ فرمايل آهي جيڪي شريعت جا پابند آهن، تہ جيئن سڄي دنيا سان گڏ انهن مان بہ ڪنهن کي بهاني جي ڪا گنجائش نہ رهي، بلڪ سڄي انسانذات خدا آڏو گنهگار قرار ڏني وڃي.


تہ پوءِ شريعت جو مقصد ڇا آهي؟ بعد ۾ شريعت انهيءَ لاءِ ڏني ويئي تہ جيئن خدا جي حڪمن جي ڀڃڪڙي ظاهر ٿئي. شريعت جو مدو ابراهيم جي انهيءَ نسل جي اچڻ تائين هو، جنهن لاءِ خدا واعدو ڪيو هو. اها شريعت ملائڪن جي انتظام سان هڪ وچ واري يعني موسيٰ جي معرفت ڏني ويئي.


اوهين جيڪي شريعت جي تابع رهڻ ٿا گھرو، سي مون کي ٻڌايو تہ اوهين شريعت جون ڳالهيون نہ ٿا ٻڌو ڇا؟


پر جيڪڏهن اوهين پاڪ روح جي هدايت تي هلو ٿا تہ شريعت جي تابع نہ آهيو.


اهو ايمان ئي هو جنهن تي اهي سڀ مرڻ گھڙيءَ تائين قائم رهيا. جيتوڻيڪ کين ڪجھہ بہ نہ مليو، جنهن جو خدا ساڻن واعدو ڪيو هو، تڏهن بہ پري کان ئي سڀ ڪجھہ ڏسي خوشيءَ جو اظهار ڪيائون. ان سان گڏ هنن اقرار ڪيو تہ ”اسين ڌرتيءَ تي پرديسي ۽ مسافر آهيون.“


اچو تہ هن ڊوڙ ۾ اسين عيسيٰ تي پنهنجيون نظرون رکي ڊوڙندا رهون، جيڪو اسان جي ايمان جو باني ۽ ڪامل ڪندڙ آهي. هن انهيءَ خوشيءَ جي خاطر جيڪا سندس نظر آڏو هئي، شرمندگيءَ جي پرواهہ نہ ڪري صليب جي تڪليف سٺي ۽ خدا جي تخت تي ساڄي پاسي وڃي ويٺو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ