Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




گلتين 3:20 - Muslim Sindhi Bible

20 ڏسو، شريعت ڏيڻ ۾ ڪي وچ وارا هئا، جڏهن تہ خدا بنا ڪنهن وچ واري جي ابراهيم سان سڌو سنئون واعدو ڪيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

20 هاڻي درمياني هڪڙيءَ ڌر جو نہ ٿيندو آهي؛ پر خدا هڪڙو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

20 ڏسو، نيم ڏيڻ ۾ ڪي وچ وارا هئا، جڏهن تہ ايشور بنا ڪنهن وچ واري جي ابرهام سان سڌو سنئون وچن ڪيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

20 پر رڳو ھڪ ڌر جي لاءِ وچ واري جي ضرورت نہ ٿيندي آھي ۽ خدا ھڪڙو آھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




گلتين 3:20
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انهيءَ مهل خداوند ابرام سان هڪڙو عهد ڪندي چيو تہ ”آءٌ هي سڄو ملڪ، مصر جي سرحد واري برساتي نهر کان وٺي وڏي ندي فرات تائين تنهنجي اولاد کي ڏيڻ جو عهد ٿو ڪريان،


ڪاش! اسان ٻنهي جي فيصلي لاءِ ڪو امين هجي، جيڪو اسان ٻنهي جي وچ ۾ انصاف ڪري.


جيئن تہ هيروديس صور ۽ صيدا جي ماڻهن تي ڏاڍو ڪاوڙيل هو، تنهنڪري اتان جا ماڻهو هڪ ٽولو ٺاهي کيس پرچائڻ لاءِ وٽس آيا، ڇاڪاڻ تہ سندن شهرن جو دارومدار هيروديس جي ملڪ مان ملندڙ سيڌي سامان تي هو. انهن پهريائين محلات جي دربان بلاسطس کي پنهنجي پاسي ڪيو.


منهنجو مطلب هي آهي تہ جنهن عهد جي خدا پهريائين ئي تصديق ڪئي هئي تنهن کي شريعت، جيڪا چار سؤ ٽيهن سالن کان پوءِ آئي، سا ڪوڙو ڪري نہ ٿي سگھي، نہ تہ خدا جو واعدو بيڪار ٿي وڃي ها.


”اي بني اسرائيل! ياد رکو، خداوند اسان جو خدا هڪڙو ئي خداوند آهي.


انهيءَ جو سبب هي آهي تہ ڇوٽڪارو ڏيڻ وارو خدا هڪڙو ئي آهي ۽ خدا ۽ ماڻهن جو وچ وارو بہ هڪڙو آهي، يعني عيسيٰ مسيح جيڪو انسان آهي.


اوهين نئين عهد جي وچ واري عيسيٰ وٽ ۽ سندس ڇٽڪاريل انهيءَ رت وٽ آيا آهيو، جيڪو هابيل جي وهايل رت وارين ڳالهين کان بهتر ڳالهيون ٿو ڪري.


پر هاڻي عيسيٰ کي انهن ڪاهنن کان ايتري قدر بهتر خدمت ملي آهي، جيتري قدر پراڻي عهد کان اهو عهد بهتر آهي جنهن جو هو وچ وارو آهي. اهو عهد خدا جي بهتر واعدن جي بنياد تي قائم ڪيو ويو آهي.


انهيءَ قربانيءَ جي وسيلي ئي مسيح خدا ۽ ماڻهن جي وچ ۾ نئين عهد جو وچ وارو آهي، انهيءَ لاءِ تہ جن کي خدا سڏيو آهي، سي سندس دائمي ورثو حاصل ڪن جنهن جو هن واعدو ڪيو آهي. پر اڳ ۾ اهو ضروري هو تہ جيڪي ماڻهو پهرئين عهد جي زماني ۾ حڪمن جي ڀڃڪڙي ڪري قصوروار بڻيا هئا، تن لاءِ هڪ موت ٿئي تہ جيئن اهي گناهہ کان آزاد ٿين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ