Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




گلتين 3:19 - Muslim Sindhi Bible

19 تہ پوءِ شريعت جو مقصد ڇا آهي؟ بعد ۾ شريعت انهيءَ لاءِ ڏني ويئي تہ جيئن خدا جي حڪمن جي ڀڃڪڙي ظاهر ٿئي. شريعت جو مدو ابراهيم جي انهيءَ نسل جي اچڻ تائين هو، جنهن لاءِ خدا واعدو ڪيو هو. اها شريعت ملائڪن جي انتظام سان هڪ وچ واري يعني موسيٰ جي معرفت ڏني ويئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

19 تڏهن شريعت ڇا آهي؟ اُها پوءِ حڪمن ڀڃڻ ڪري ڳنڍي ويئي، جيسين ڪ اُهو نسل اچي، جنهن سان اُهو واعدو ڪيو ويو هو؛ ۽ اُها ملائڪن جي وسيلي هڪڙي درميانيءَ جي معرفت تيار ڪئي ويئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

19 تہ پوءِ نيم جو مقصد ڇا آهي؟ بعد ۾ نيم انهيءَ لاءِ ڏنو ويو تہ جيئن ايشور جي حڪمن جي ڀڃڪڙي ظاهر ٿئي. نيم جو مدو ابرهام جي انهيءَ پيڙهيءَ جي اچڻ تائين هو، جنهن لاءِ ايشور وچن ڪيو هو. اهو نيم دوتن جي انتظام سان هڪ وچ واري يعني موسيٰ جي معرفت ڏنو ويو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

19 تہ پوءِ شريعت جو مقصد ڇا آھي؟ بعد ۾ شريعت انھيءَ لاءِ ڳنڍي ويئي تہ اھو ظاھر ٿئي تہ حقيقت ۾ گناھہ ڇا آھي؟ شريعت جو مدو ابراھيم جي انھيءَ نسل جي اچڻ تائين ھو جنھن سان خدا واعدو ڪيو ھو. اھا شريعت ملائڪن جي وسيلي ھڪ وچ واري جي معرفت ڏني ويئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




گلتين 3:19
31 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن خدا فرمايو هو تہ ”آءٌ هنن کي برباد ڪندس.“ بلڪل ائين ئي ٿئي ها، جيڪڏهن خدا جو چونڊيل موسيٰ سندن وچ ۾ نہ پوي ها، تان‌تہ هو خدا جي ڪاوڙ ٽاري ڇڏي، ۽ اهي برباديءَ کان بچي وڃن.


اهو ئي قاعدو آهي انهيءَ مرد جي واسطي جنهن کي جريان جي بيماري هجي يا جيڪو انزال ٿئي ٿو، جنهن سان هو ناپاڪ ٿئي ٿو.


ابراهيم چيس تہ ’جيڪڏهن هو موسيٰ ۽ ٻين نبين جي لکتن کي نہ ٿا مڃين، تہ پوءِ ڪو مئلن مان بہ جيئرو ٿي وڃين تہ انهيءَ جي بہ ڪونہ ٻڌندا.‘“


شريعت موسيٰ جي معرفت ملي، جڏهن تہ فضل ۽ سچائي عيسيٰ مسيح جي معرفت ملي.


جيڪڏهن آءٌ نہ اچان ها ۽ کين اهي ڳالهيون نہ ٻڌايان ها تہ انهن کي گنهگار قرار نہ ڏنو وڃي ها. پر هاڻي کين پنهنجن گناهن لاءِ ڪوبہ بهانو نہ آهي.


هي اهو ئي آهي، جنهن بيابان ۾ سڄي بني اسرائيل کي آڻي گڏ ڪيو. اتي هو اسان جي ابن ڏاڏن ۽ انهيءَ ملائڪ جو وچ وارو بڻيو، جنهن ساڻس سينا جبل تي ڳالهايو هو. هي اهو ئي آهي جنهن کي زندگي ڏيندڙ ڪلام مليو، انهيءَ لاءِ تہ اهو اسان تائين پهچائي.


اوهين اهي آهيو جن کي ملائڪن جي معرفت شريعت ملي، پر اوهان ان تي عمل نہ ڪيو.“


انهيءَ جو سبب هي آهي تہ خدا شريعت ٻڌڻ وارن کي نہ، پر شريعت تي عمل ڪرڻ وارن کي ئي پاڻ ڏانهن سچار ٿو بڻائي.


ڳالهہ اها آهي تہ شريعت تہ خدا جو غضب پيدا ڪري ٿي، پر جتي شريعت ئي نہ آهي اتي انهيءَ جي حڪمن جي ڀڃڪڙي ڪهڙي؟


خدا جا واعدا بہ اهڙي نموني آهن جيڪي هن ابراهيم ۽ سندس نسل سان ڪيا. ڏسو، پاڪ ڪلام ائين نہ ٿو چوي تہ ”نسلن سان،“ جنهن مان مراد گھڻا ماڻهو هجن. پر هو چوي ٿو تہ ”نسل سان،“ جنهن مان مراد هڪڙو شخص آهي ۽ اهو مسيح آهي.


هن چيو تہ ”خداوند سينا جبل کان پنهنجي قوم سان اچي گڏيو، هائو، هو ادوم جي علائقي مان انهن تي سج جيان اڀريو، ۽ فاران جبل مان اچي اتي چمڪيو. ساڻس گڏ هزارين ملائڪ هئا، سندس ساڄي هٿ کان باهہ جي شعلي جيان وڄ ٿي نڪتي.


انهيءَ وقت آءٌ خداوند ۽ اوهان جي وچ ۾ بيٺو هئس، انهيءَ لاءِ تہ خداوند جو فرمان اوهان کي ٻڌايان، ڇو تہ اوهين باهہ جي ڪري ڊڄي ويا ۽ جبل تي نہ چڙهيا. تڏهن خداوند فرمايو تہ


ڏسو، شريعت جو جيڪو پيغام ملائڪن جي معرفت ٻڌايو ويو، سو قائم رهيو ۽ جنهن انهيءَ تي عمل نہ ڪندي ان جي نافرماني ڪئي تنهن کي جوڳي سزا ڏني ويئي.


بيشڪ هي ڇوٽڪارو ملائڪن جي معرفت ٻڌايل پيغام کان عظيم آهي، ڇاڪاڻ تہ هن آخري زماني کان پوءِ نئين سر بحاليءَ وارو ايندڙ زمانو، جنهن بابت اسين هن خط ۾ ذڪر ٿا ڪريون، تنهن کي خدا ملائڪن جي تابع نہ ڪيو آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ