انهيءَ مهل خداوند ابرام سان هڪڙو عهد ڪندي چيو تہ ”آءٌ هي سڄو ملڪ، مصر جي سرحد واري برساتي نهر کان وٺي وڏي ندي فرات تائين تنهنجي اولاد کي ڏيڻ جو عهد ٿو ڪريان،
پر خدا چيو تہ ”نہ. تنهنجي زال سارہ تنهنجي لاءِ هڪ پٽ ڄڻيندي ۽ تون انهيءَ جو نالو اسحاق رکجانءِ. آءٌ انهيءَ سان ۽ سندس اولاد سان پنهنجو عهد، جيڪو دائمي عهد آهي، قائم ڪندس.
اوهان موت سان جيڪو ٺاهہ ڪيو آهي، سو رد ڪيو ويندو. ۽ پاتال سان اوهان جو عهد اقرار قائم نہ رهندو. تنهنڪري جڏهن دشمن لشڪر سزا واري طوفاني ٻوڏ جيان ايندو، تڏهن اوهين انهيءَ ۾ غرق ٿي ويندا.
حقيقت ۾ مسيح مون کي بپتسما ڏيڻ لاءِ نہ پر خوشخبري ٻڌائڻ لاءِ موڪليو آهي ۽ اها بہ ڏاهپ وارن لفظن استعمال ڪرڻ سان نہ، متان مسيح جو صليب تي چڙهي جان ڏيڻ بياثر ٿئي.
اي ڀائرو ۽ ڀينرون! چوڻ جو مطلب هي آهي تہ آخري وقت ويجھو اچي چڪو آهي. سو مسيح جي اچڻ جي بنسبت هاڻي کان وٺي پرڻيل ماڻهو پنهنجي شاديءَ کي ڪا اهميت نہ ڏين،
اي ڀائرو ۽ ڀينرون! آءٌ اوهان کي روزاني زندگيءَ جو هڪ مثال ڏيان ٿو تہ ماڻهن جي تصديق ڪيل معاهدي کي ڪوبہ رد نہ ٿو ڪري سگھي ۽ نہ ئي ان کي گھٽائي وڌائي سگھي ٿو.