Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




گلتين 3:15 - Muslim Sindhi Bible

15 اي ڀائرو ۽ ڀينرون! آءٌ اوهان کي روزاني زندگيءَ جو هڪ مثال ڏيان ٿو تہ ماڻهن جي تصديق ڪيل معاهدي کي ڪوبہ رد نہ ٿو ڪري سگھي ۽ نہ ئي ان کي گھٽائي وڌائي سگھي ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

15 اي ڀائرو، آئون ماڻهن جي دستور موجب ٿو ڳالهايان، تہ جيتوڻيڪ اهو ڪنهن ماڻهو جو عهد هجي، تہ بہ جڏهن اُهو پڪو ڪيو ٿو وڃي، تڏهن ڪوبہ انهي کي رد نٿو ڪري، نڪي انهي ۾ ڪجهہ وڌائي ٿو سگهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

15 اي ڀائرو ۽ ڀينرون! آءٌ اوهان کي روزاني جيون جو هڪ مثال ڏيان ٿو تہ ماڻهن جي تصديق ڪيل اقرار نامي کي ڪوبہ رد نہ ٿو ڪري سگھي ۽ نہ ئي ان کي گھٽائي وڌائي سگھي ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

15 اي ڀائرو ۽ ڀينرون! آءٌ اوھان کي روزاني زندگيءَ جو ھڪ مثال ڏيان ٿو تہ انسان جي تصديق ڪيل عھدنامي کي ڪوبہ رد نہ ٿو ڪري سگھي ۽ نہ ئي ان کي وڌائي سگھي ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




گلتين 3:15
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هائو، اهو ئي عهد جيڪو هن ابراهيم سان ٻڌو هو، هائو، اهو ئي قسم جيڪو هن اسحاق سان کنيو هو.


هڪڙي ڏينهن جڏهن اٽڪل هڪ سؤ ويهہ ايمان وارا اچي گڏ ٿيا، تڏهن پطرس انهن جي وچ ۾ اُٿي بيٺو ۽ چيائين تہ


اي منهنجا ڀائرو ۽ ڀينرون! اوهان کي خبر هئڻ گھرجي تہ مون ڪيترائي دفعا اوهان ڏانهن اچڻ جو ارادو ڪيو هو، پر هيستائين ڪنهن نہ ڪنهن ڳالهہ جي ڪري اچي نہ سگھيس. منهنجي مرضي آهي تہ جيئن منهنجو ڪم غير قومن جي ٻين ماڻهن ۾ وڌيو ويجھيو آهي، تيئن اوهان ۾ بہ وڌي ويجھي.


پر جيڪڏهن اسان جي بڇڙائيءَ جي ڪري خدا پنهنجي سچائي ظاهر ڪري ڏيکاري ٿو تہ پوءِ اسين ڇا چئون؟ ڇا ائين چئون تہ ”خدا سچو نہ آهي، جو هو غضب نازل ڪري ٿو.“


اوهان جي انساني فطرت واري ڪمزوريءَ جي ڪري آءٌ اوهان کي غلاميءَ جو هي عام رواجي مثال ڏيئي سمجھائي رهيو آهيان. جيئن اڳي اوهان بڇڙائي ڪرڻ لاءِ پاڻ کي حرامڪاريءَ ۽ بدڪاريءَ جي غلاميءَ ۾ ڏيئي ڇڏيو هو، تيئن هاڻي پاڪ ٿيڻ لاءِ پاڻ کي سچائيءَ جي غلاميءَ ۾ ڏيئي ڇڏيو.


جيڪڏهن آءٌ رڳو هن ئي زندگيءَ لاءِ اِفسس شهر ۾ ڄڻ تہ جھنگلي جانورن سان وڙهيس تہ پوءِ مون کي ڪهڙو فائدو رسيو؟ جيڪڏهن مئل جيئرا ڪري نہ ٿا اٿاريا وڃن تہ پوءِ ڇو نہ کائي پي وٺون، ڇو تہ سڀاڻي مري کپي وينداسين.


اي ڀائرو ۽ ڀينرون! شل اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جو فضل اوهان تي هجي. آمين.


خدا جڏهن ابراهيم سان واعدو ڪيو تڏهن هن پنهنجو ئي قسم کنيو، ڇاڪاڻ تہ کانئس وڏو ڪوبہ نہ آهي.


ڏسو، قسم کڻڻ وقت ماڻهو پاڻ کان ڪنهن وڏي جو ئي قسم کڻندا آهن. اهڙيءَ طرح اهي تڪرار ۾ هر بحث کي ختم ڪرڻ لاءِ آخري ثابتي قسم سان ئي ڪندا آهن.


مطلب تہ عهد ڪرڻ واري جي جيئري هوندي عهد ڪونہ ٿو ٻڌجي. پر هن جي مري وڃڻ سان ئي اهو عهد عمل ۾ ٿو اچي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ