Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




گلتين 2:13 - Muslim Sindhi Bible

13 اتي وارا سڀ يهودي، جيڪي مسيح جا ٿيا هئا سي بہ اهڙي رياڪاريءَ ۾ پطرس جو ساٿ ڏيڻ لڳا، ايتري قدر جو خود برنباس بہ انهن جي رياڪاريءَ ۾ ڦاسي پيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

13 ۽ باقي ٻين يهودين بہ سندس جهڙو ڍونگ ڪيو، ايتري قدر جو خود برناباس بہ انهن جي چال ۾ ڦاسي ويو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

13 اتي وارا سڀ يهودي، جيڪي مسيح جا ٿيا هئا سي بہ اهڙي پاکنڊپائيءَ ۾ پطرس جو ساٿ ڏيڻ لڳا، ايتري قدر جو خود برنباس بہ انهن جي پاکنڊپائيءَ ۾ ڦاسي پيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

13 باقي ٻين يھودين، جيڪي مسيحي ٿيا ھئا تن پطرس سان ملي ڪري رياڪاري ڪئي. ايتري قدر جو خود برنباس بہ انھن جي رياڪاريءَ ۾ ڦاسي پيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




گلتين 2:13
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هن کانئس پڇيو تہ ”ڇا تون سچ پچ عيسو آهين؟“ هن وراڻيو تہ ”ها.“


ڀلا پنهنجي آقا جي پٽ کان سواءِ آءٌ ٻيو ڪنهن جي خدمت ڪريان؟ جيئن مون اوهان جي پيءُ جي اڳيان خدمت پئي ڪئي آهي، تيئن آءٌ اوهان جي اڳيان بہ ڪندس.“


ڇو تون خدا جي مخالفت لاءِ آمادہ ٿيو وڃين، ۽ پنهنجي واتان اهڙيون ڳالهيون ٿو ڪڍين؟ ايتري قدر جو تنهنجي دل جوش وچان تيزيءَ سان ٿي ڌڙڪي، ۽ تنهنجيون اکيون ڳاڙهيون ٿيو وڃن؟


جهڙيءَ طرح چند مئل مکيون عطر جي پوريءَ بوتل کي بدبودار ڪريو ڇڏين، تهڙيءَ طرح ٿورڙي ئي بي‌عقلي سڄي ڏاهپ ۽ عزت کي خاڪ ۾ ملايو ڇڏي.


تنهن هوندي بہ ڌرتيءَ تي اهڙو ڪوبہ سچار ماڻهو ڪونهي جيڪو رڳو نيڪي ئي نيڪي ڪندو رهي ۽ ڪا خطا نہ ٿي هجيس.


ساڳيءَ طرح اوهين بہ ماڻهن کي ٻاهران تہ نيڪ نظر ٿا اچو، پر اوهان جو اندر رياڪاريءَ ۽ خدا جي نافرمانيءَ سان ڀريل آهي.“


يوسف نالي هڪ لاوي هو جنهن جو وطن قبرص هو، تنهن کي رسولن برنباس جو لقب ڏنو هو، جنهن جي معنيٰ آهي ”همت‌افزائي ڪندڙ.“


اوهين ڄاڻو ٿا تہ خداوند عيسيٰ تي ايمان آڻڻ کان اڳ ۾ اوهان کي ڪنهن نہ ڪنهن نموني گمراهہ ڪري گونگن بتن ڏانهن نيو ويندو هو.


تہ پوءِ پنهنجو پاڻ کي دوکو نہ ڏيو. ياد رکو، ”بري صحبت سٺيون عادتون بگاڙي ڇڏي ٿي.“


سو اوهان کي فخر ڪرڻ نہ ٿو جڳائي. اوهين نہ ٿا ڄاڻو ڇا تہ ٿورڙو ئي خمير سڄي ڳوهيل اٽي کي ڦنڊائي ڇڏيندو آهي؟


پر خبردار رهجو، ائين نہ ٿئي جو اوهان جي هيءَ آزادي ڪمزور سمجھہ وارن لاءِ گمراهيءَ جو سبب بڻجي.


آخرڪار چوڏهن سالن کان پوءِ آءٌ برنباس سان گڏجي وري يروشلم ڏانهن ويس ۽ طيطس کي بہ پاڻ سان گڏ وٺي ويس.


سو انهن جڏهن انهيءَ حقيقت کي مڃي ورتو تہ خدا سچ پچ مون کي خدمت ڪرڻ جو فضل عطا ڪيو آهي، تڏهن انهن جي طرفان يعقوب، پطرس ۽ يوحنا جيڪي ڪليسيا جا ٿنڀا ليکيا ويندا هئا، تن برنباس ۽ مون سان هٿ ملائي پاڻ سان شامل ڪيو. پوءِ هڪ راءِ ٿياسين تہ اسين غير يهودين ۾ خدمت ڪريون ۽ هو يهودين ۾.


تہ جيئن اسين ٻارڙا نہ رهون. مطلب تہ اسين ماڻهن جي ٺڳيءَ ۽ سندن مڪاريءَ وارن گمراهہ ڪندڙ منصوبن جي ڪري هر ڪوڙي تعليم جي وسيلي هيڏانهن هوڏانهن گهلبا نہ وتون.


جدا جدا قسمن جي عجيب تعليم تي لڳي گمراهہ نہ ٿيو. اوهان جي لاءِ چڱو اهو آهي تہ دلين کي خدا جي فضل جي وسيلي پختو رکو، نڪي رسمي کاڌن کائڻ جي وسيلي، جن مان ڪوبہ فائدو حاصل ڪونہ ٿو ٿئي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ