گلتين 1:8 - Muslim Sindhi Bible8 ڏسو، جيڪا خوشخبري اسان اوهان کي ٻڌائي آهي، تنهن کان جيڪڏهن ڪو مختلف خوشخبري ٻڌائي ٿو تہ انهيءَ تي شل لعنت هجي، پوءِ اسين ائين ڪريون توڙي آسمان مان ڪو ملائڪ اچي ائين ڪري. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible8 پر جيڪڏهن اسين، يا آسمان مان ڪو ملائڪ اوهان کي ڪا اهڙي خوشخبري ٻُڌائي، جا اسان اوهان کي نہ ٻُڌائي آهي، تہ انهيءَ تي شل لعنت هجي. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Hindu Sindhi Bible8 ڏسو، جيڪا خوشخبري اسان اوهان کي ٻڌائي آهي، تنهن کان جيڪڏهن ڪو مختلف خوشخبري ٻڌائي ٿو تہ انهيءَ تي شل لعنت هجي، پوءِ اسين ائين ڪريون توڙي آڪاش مان ڪو دوت اچي ائين ڪري. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Common Language New Testament8 پر جيڪڏھن اسين يا آسمان جو ڪو ملائڪ انھيءَ خوشخبريءَ جي بجاءِ جيڪا اسان اوھان کي ٻڌائي، ڪا ٻي خوشخبري ٻڌائي تہ انھيءَ تي شل لعنت ھجي. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
سو اي منهنجا آقا بادشاهہ! هاڻي پنهنجي هن ٻانهي جي ڳالهہ ٻڌو. جيڪڏهن توهان کي خداوند منهنجي خلاف کڙو ڪيو آهي تہ پوءِ منهنجي ڏوهہ کي معاف ڪرڻ لاءِ شل هو نذرانو قبول ڪري. پر جيڪڏهن اهو ڪن انسانن جو ڪم آهي تہ شل اهي خداوند جي آڏو لعنتي ٿين، ڇاڪاڻ تہ انهن مون کي ملڪ مان ڀڄائي ڪڍيو آهي، انهيءَ لاءِ تہ خداوند جي قوم ۾ منهنجو ڪو حصو نہ رهي ۽ مون کي چون ٿا تہ ’وڃي غير معبودن جي پوڄا ڪر.‘