Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




گلتين 1:23 - Muslim Sindhi Bible

23 پر انهن ڪليسيائن وارا رڳو ايترو ٻڌندا هئا تہ ”پولس جيڪو اڳي اسان کي ستائيندو هو، سو هاڻي انهيءَ ايمان واري خوشخبريءَ جي تبليغ ڪري رهيو آهي، جنهن کي هو ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو هو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

23 پر هو رڳو هيترو ٻُڌندا هئا، تہ فلاڻو جو اڳي اسان کي ستائيندو هو، سو هاڻي اُنهي دين جي منادي ٿو ڪري جنهن کي هو اڳي ڦٽائيندو هو؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

23 پر انهن منڊلين وارا رڳو ايترو ٻڌندا هئا تہ ”پولس جيڪو اڳي اسان کي ستائيندو هو، سو هاڻي انهيءَ وشواس واري خوشخبريءَ جو پرچار ڪري رهيو آهي، جنهن کي هو ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو هو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

23 پر اھي ماڻھو رڳو ايترو ٻڌندا ھئا تہ ”پولس جيڪو اڳي اسان کي ستائيندو ھو، سو ھاڻي انھيءَ عقيدي جي تبليغ ڪري رھيو آھي جنھن کي ھو تباھہ ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو ھو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




گلتين 1:23
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن هنڌ هنڌ ڦرڻ وارا ڪي يهودي ڀوپا بہ خداوند عيسيٰ جي نالي تي ماڻهن مان ڀوت ڪڍڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳا. اهي ڀوتن کي ڪڍڻ وقت هيئن چوندا هئا تہ ”آءٌ تو کي عيسيٰ جو واسطو ٿو ڏيان، جنهن جي پولس منادي ڪري رهيو آهي.“


اهڙيءَ طرح مسيح بابت خدا جو پيغام پکڙبو ويو ۽ يروشلم ۾ ايمان وارن جو تعداد بہ گھڻو وڌندو ويو. ان کان علاوہ ڪاهنن جو وڏو تعداد پڻ عيسيٰ مسيح بابت خوشخبريءَ جو تابعدار بڻيو.


پر حننياہ چيس تہ ”اي خداوند! ڪيترن ئي ماڻهن مون کي انهيءَ شخص بابت ٻڌايو آهي تہ هن تو تي ايمان رکندڙن سان يروشلم ۾ ڪيڏيون نہ جٺيون ڪيون آهن.


هو جلد ئي يهودين جي عبادت‌خانن ۾ وڃي عيسيٰ بابت تبليغ ڪرڻ لڳو تہ هو خدا جو فرزند آهي.


جن بہ هن جي اها ڳالهہ ٻڌي، سي سڀ حيران ٿي ويا ۽ چوڻ لڳا تہ ”هي اهو ناهي ڇا، جيڪو يروشلم ۾ عيسيٰ جو نالو وٺندڙن کي ستائيندو هو ۽ هتي بہ انهيءَ ارادي سان آيو هو تہ انهن ماڻهن کي گرفتار ڪري سردار ڪاهنن وٽ وٺي وڃي؟“


پوءِ سائول يروشلم ۾ اچي پهتو ۽ اتي جي ايمان وارن ۾ شامل ٿيڻ جي ڪوشش ڪيائين. پر اهي سڀيئي کانئس ڊنا ٿي، جو اعتبار ئي نہ ٿي آين تہ هو بہ ڪو ايمان وارو آهي.


تنهنڪري جيتري قدر موقعو ملي تہ اسين سڀني ماڻهن سان نيڪي ڪريون، خاص ڪري انهن سان جيڪي ايمان رکڻ جي وسيلي اسان سان هڪ ئي خاندان ۾ شامل آهن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ