Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




گلتين 1:14 - Muslim Sindhi Bible

14 آءٌ يهودي مذهب جي لحاظ کان ان وقت پنهنجي قوم جي گھڻن هڪ جيڏن کان وڌيڪ اڳڀرو ٿيندو ٿي ويس. آءٌ پنهنجي ابن ڏاڏن جي مذهبي ريتن رسمن تي نهايت ئي سرگرميءَ سان هلندو هئس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

14 ۽ مون يهودين جي مذهب ۾ پنهنجي قوم جي ماڻهن مان گهڻن پاڻ جيڏن کان وڌيڪ ترقي ڪئي هئي؛ ۽ پنهنجي ابن ڏاڏن جي روايتن لاءِ تمام گهڻو سرگرم هوس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

14 آءٌ يهودي ڌرم جي لحاظ کان ان وقت پنهنجي قوم جي گھڻن هڪ جيڏن کان وڌيڪ اڳڀرو ٿيندو ٿي ويس. آءٌ پنهنجي ابن ڏاڏن جي ڌرمي ريتن رسمن تي نهايت ئي سرگرميءَ سان هلندو هئس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

14 آءٌ يھودي مذھب ۾ رھندي ان وقت پنھنجي قوم جي گھڻن ھڪ جيڏن کان وڌيڪ ترقي ڪري رھيو ھوس. آءٌ پنھنجن ابن ڏاڏن جي ريتن رسمن تي نھايت ئي سرگرميءَ سان ھلندو ھوس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




گلتين 1:14
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پروردگار اوهان بابت فرمائي ٿو تہ ”هي ماڻهو منهنجي عبادت جي دعويٰ تہ ڪن ٿا، پر سندن لفظ بي‌معنيٰ ۽ سندن دليون ڪنهن ٻئي طرف آهن. هنن جو دين انهن انساني دستورن، ۽ روايتن کان سواءِ ٻيو ڪجھہ بہ ناهي، جن کي هو رڳو رواجي طور ياد ڪري ٿا ڇڏين.


توڙي جو آءٌ کڻي اوهان جون نيڪيون، ۽ چڱايون ظاهر بہ ڪريان، تڏهن بہ انهن مان اوهان کي ڪو فائدو نہ ٿيندو.


جيڪڏهن هو تو کان پڇن تہ ’اسين ڪيڏانهن وڃون؟‘ تہ پوءِ تون کين مون خداوند جو هي فرمان ٻڌاءِ تہ ’جن جي مقدر ۾ وبا لکيل آهي، سي انهيءَ موتمار بيماريءَ سان وڃي مرن، جن جي مقدر ۾ تلوار لکيل آهي، سي جنگ ۾ وڃي مرن، جن جي مقدر ۾ ڏڪار لکيل آهي، سي اڃ ۽ بک ۾ وڃي مرن، ۽ جن جي مقدر ۾ قيد لکيل آهي، سي ڌارين ملڪن ۾ قيد ٿي وڃن.‘


اٽلندو هنن پنهنجي دلين جي هوڏ موجب بعل ديوتائن کي پوڄيو آهي، جيئن کين سندن ابن ڏاڏن سيکاريو هو.


پر جيڪڏهن اهو ڪچو ماس ڦري اڇو ٿي پوي تہ هو وري ڪاهن وٽ اچي


تہ پوءِ ڀلي پنهنجي پيءُ جي عزت نہ ڪري.‘ اهڙيءَ طرح اوهين پنهنجين ريتن رسمن جي ڪري خدا جي ڪلام کي رد ڪريو ٿا.


جڏهن هنن اهو ٻڌو تڏهن خدا جي واکاڻ ڪرڻ لڳا. پوءِ چيائونس تہ ”ادا! اوهان کي خبر آهي تہ يهودين منجھان هزارين ماڻهن عيسيٰ مسيح تي ايمان آندو آهي، جيڪي شريعت تي ڏاڍي جوش ۽ جذبي سان عمل ڪري رهيا آهن.


”آءٌ هڪ يهودي آهيان ۽ ڪلڪيا جي شهر ترسس ۾ پيدا ٿيس. آءٌ هتي يروشلم ۾ ئي وڌي وڏو ٿيس ۽ گملي‌ايل وٽان علم حاصل ڪيو اٿم. هن مون کي وڏن جي شريعت جي بہ مڪمل تعليم ڏني. جهڙيءَ طرح اوهين سڀيئي اڄ خدا جي لاءِ ڏاڍا سرگرم آهيو، تهڙيءَ طرح آءٌ بہ هوندو هئس.


هائو، گھڻي عرصي کان وٺي اهي مون کي ڄاڻين ٿا ۽ جيڪڏهن مرضي هجين تہ شاهدي ڏين تہ ڪيئن آءٌ پنهنجي مذهب جي سڀني کان سخت پابند فرقي فريسيءَ موجب زندگي گذاريندو هئس.


ڪنهن وقت آءٌ پاڻ ائين سمجھندو هئس تہ عيسيٰ ناصريءَ جي سخت مخالفت ڪرڻ منهنجو فرض آهي.


خبردار رهجو، متان ڪو ماڻهو انهن اجاين ۽ گمراهہ ڪندڙ خيالن سان اوهان کي شڪار ڪري نہ وٺي، جن جو بنياد مسيح تي نہ پر ماڻهن جي روايتن ۽ هن دنيا جي ابتدائي اصولن تي آهي.


جيتوڻيڪ اوهان عيسيٰ کي نہ ڏٺو آهي، تڏهن بہ کيس پيار ٿا ڪريو. اوهين هن وقت بہ کيس ڏسڻ کان سواءِ مٿس ايمان آڻي اهڙي خوشي ٿا ملهايو جيڪا بيان ڪرڻ کان ٻاهر ۽ عظمت سان ڀرپور آهي،


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ