Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




عزرا 9:9 - Muslim Sindhi Bible

9 جيتوڻيڪ اسين غلام آهيون، تہ بہ تو اسان کي وساريو ناهي، بلڪ تو فارس جي بادشاهن جي دلين ۾ اسان لاءِ رحم وڌو آهي، تہ جيئن اسين وري بحال ٿي تنهنجي گھر جي تعمير ڪريون ۽ ان جي ڀڳل ٽٽل حصن جي مرمت ڪريون. اهڙيءَ طرح تو اسان کي يروشلم بلڪ سڄي يهوداہ ۾ پناهہ عطا ڪئي آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

9 ڇالاءِ جو اسين غلام آهيون؛ انهيءَ هوندي بہ اسان جي خدا اسان کي غلاميءَ ۾ بہ ڇڏي نہ ڏنو آهي، پر فارس جي بادشاهن جي نظر ۾ اسان کي رحم عطا ڪيو اٿس، جو اسان کي تازو ڪيو اٿس، تہ پنهنجي خدا جو گهر کڙو ڪريون، ۽ ان جي ڀڳل ڀريل حصن جي مرمت ڪريون، ۽ اسان کي يهوداہ ۽ يروشلم ۾ ڀت ڏني اٿس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




عزرا 9:9
25 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جڏهن اهي يروشلم ۾ خداوند جي هيڪل جي جاءِ تي پهتا تہ گھراڻن جي ڪن وڏن خداوند جي گھر کي پنهنجي اصل جاءِ تي وري تعمير ڪرڻ لاءِ نذرانا ڏنا.


بابل کان يروشلم ڏانهن روانو ٿيو. موسيٰ جي شريعت جيڪا خداوند، بني اسرائيل جي خدا ڏني هئي، تنهن ۾ هو هوشيار عالم هو. شهنشاهہ هن کي هر اُها شيءِ ڏني جيڪا هن کانئس گھري، ڇاڪاڻ تہ خداوند سندس خدا جو هٿ مٿس هو.


اهي بابل کان پهرئين مهيني جي پهرين تاريخ تي روانا ٿيا ۽ پنجين مهيني جي پهرين تاريخ تي يروشلم ۾ اچي پهتا، ڇاڪاڻ تہ سندن خدا جو فضل ڀريو هٿ مٿن هو.


پر هاڻي اي اسان جا خدا! هن کان پوءِ اسين ڇا چئون؟ ڇاڪاڻ تہ اسان تنهنجي حڪمن جو ڪوبہ لحاظ نہ رکيو آهي،


پوءِ مون هنن کي ٻڌايو تہ ”اوهين ڏسو ٿا تہ اسان جو ڪهڙو حال ٿي ويو آهي. يروشلم ويران ٿيو پيو آهي ۽ ان جا دروازا سڙيا پيا آهن. سو اچو تہ يروشلم جون ڀتيون وري تعمير ڪريون تہ جيئن اسين وڌيڪ خوار خراب نہ ٿيون.“


هنن تنهنجي هڪ بہ نہ ٻڌي، ۽ جيڪي معجزا تو هنن لاءِ ڪيا هئا، سي سڀ وساري ڇڏيائون. هو ڏاڍا مغرور ٿي ويا، ۽ بغاوت ڪندي پاڻ مان هڪڙو اڳواڻ مقرر ڪيائون، تہ جيئن وري وڃي مصر جي غلاميءَ ۾ پون. پر تون اهڙو خدا آهين جيڪو معاف ڪرڻ لاءِ تيار، مهربان، رحم ڀريو، ڪاوڙ ۾ ڍرو ۽ شفقت سان ڀرپور آهين. انهيءَ ڪري تو هنن کي وساري نہ ڇڏيو.


شال انهيءَ تي ڪو ئي بہ رحم نہ ڪري! نڪي سندس يتيم ٻارن تي ڪنهن کي ڪا ڪهل اچي.


توڙي جو آءٌ مصيبتن مان ٿو گذران، تہ بہ تون مون کي محفوظ رکين ٿو، ۽ منهنجي دشمنن جي ڪاوڙ خلاف تون مٿن هٿ کڻين ٿو. بيشڪ تنهنجو زورآور هٿ مون کي بچائي وٺي ٿو.


اهڙيءَ طرح خداوند بني اسرائيل کي ڏکن ۽ تڪليفن کان ۽ انهيءَ سخت پورهئي کان آرام بخشيندو، جيڪو کانئن زور زبردستيءَ سان ڪرايو ويندو هو.


هن ٽڪريءَ کي کيڙيو، ۽ انهيءَ جا پٿر ڪڍي زمين صاف ڪيائين. اتي هن انگورن جون عمديون وليون لڳايون، جنهن جي پهري لاءِ هن هڪ ٺُلهہ بہ ٺهرايو. هن اتي رس ڪڍڻ جو هڪڙو چيچڙو بہ بڻايو. پوءِ هو انتظار ڪرڻ لڳو تہ باغ ۾ عمدا انگور ٿين. پر انهيءَ ۾ رڳو کٽا انگور پيدا ٿيا.


ڏسو، آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو تہ هاڻي آءٌ انگورن جي باغ سان ڇا ڪندس. آءٌ انهيءَ جو لوڙهو ڪڍي ڇڏيندس، ۽ اهو چراگاهہ بڻجي ويندو. آءٌ انهيءَ جي ڀت ڀڃي ڇڏيندس، ۽ اهو لتاڙيو ويندو.


اهي قديم ڊٺل جاين کي وري اڏيندا. هائو، اهي انهن اجڙيل شهرن جي مرمت ڪندا، جيڪي پيڙهين کان اجاڙيل آهن.


پر تون جلاوطن ٿيلن کي مون خداوند خدا جو هي پيغام ٻڌاءِ تہ ’جيتوڻيڪ مون ئي اوهان کي ڏورانهين قومن ۾ موڪلي ڇڏيو آهي ۽ ڌارين ملڪن ۾ پکيڙي ڇڏيو اٿم، تڏهن بہ جن جن ملڪن ۾ اوهين ويا آهيو اتي ڪنهن حد تائين اوهين منهنجي عبادت ڪري سگھو ٿا، ڇاڪاڻ تہ آءٌ اوهان سان گڏ موجود آهيان.


تنهنڪري ڄاڻي وٺ ۽ سمجھي ڇڏ تہ يروشلم کي وري اڏڻ ۽ آباد ڪرڻ واري حڪم جاري ٿيڻ کان وٺي، مسح ڪري مخصوص ڪيل بادشاهہ جي اچڻ تائين ست دفعا ست ست سال ٿيندا. پوءِ ٻاهٺ دفعا ستن ستن سالن تائين شهر اندر گھٽيون ۽ قلعي جي چوڌاري حفاظتي کاهيون ٺاهيون وينديون، جيتوڻيڪ اهي مصيبت جا ڏينهن هوندا.


اوهان پنهنجي محنت جي ڪمائيءَ مان گھڻو ڪجھہ حاصل ڪرڻ جي اميد رکي پر اوهان کي مليو ٿورو. اوهان اها ڪمائي پنهنجي گھر تہ آندي، پر مون ڦوڪ ڏيئي اها سڀ اڏائي ڇڏي. مون خداوند ائين ڇو ڪيو؟ مون ائين انهيءَ لاءِ ڪيو جو منهنجي هيڪل ويران لڳي پيئي آهي، جڏهن تہ اوهان مان هر ڪو پنهنجي پنهنجي گھر جي ڪم ۾ مصروف آهي ۽ منهنجي گھر ڏانهن ڌيان نہ ٿا ڏيو.


انهيءَ سبب جو خداوند ٿو فرمائي تہ ’آءٌ پاڻ انهيءَ جي حفاظت لاءِ ان جي چوڌاري باهہ جي ڀت وانگر ٿيندس ۽ آءٌ ئي منجھس رهي ان جو شان وَ شوڪت وڌائيندس.‘“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ