Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




عزرا 9:6 - Muslim Sindhi Bible

6 دعا گھريم تہ ”اي منهنجا خدا! آءٌ شرمندو آهيان، اي منهنجا خدا! آءٌ تو ڏانهن پنهنجو منهن کڻڻ کان لڄي ٿي رهيو آهيان، ڇاڪاڻ تہ اسان جا گناهہ وڌي اسان جي ڳاٽ کان بہ مٿي ٿي ويا آهن ۽ اسان جون خطائون وڃي آسمان سان لڳيون آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

6 ۽ چيم تہ اي منهنجا خدا آءٌ شرمندو آهيان، ۽ اي منهنجا خدا، آءٌ تو ڏانهن پنهنجي منهن کڻڻ کان لڄي ٿيو آهيان، ڇالاءِ جو اسان جا گناهہ اسان جي مٿي تي گهڻا ٿي ويا آهن، ۽ اسان جو ڏوهہ وڌي آسمان تائين چڙهي ويو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




عزرا 9:6
27 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سدوم شهر جا ماڻهو خداوند جي نظر ۾ بدڪار ۽ وڏا گنهگار هئا.


تہ تون هنن جي دعا ٻڌج. هائو، دشمنن جي انهيءَ ملڪ ۾ جتي هو قيدي آهن، اتي جڏهن هنن جي دل ڦيرو کائي ۽ هو پشيمان ٿي پنهنجي پوريءَ دل وَ جان سان تو آڏو توبهہ‌تائب ٿين ۽ سندن ابن ڏاڏن کي ڏنل ملڪ، تنهنجي چونڊيل شهر ۽ تنهنجي نالي جوڙايل هن گھر ڏانهن منهن ڪري منٿ ڪري چون تہ ’اسان گناهہ ڪيو آهي، اسان غلط ڪم ڪيو آهي، اسان بڇڙائي ڪئي آهي،‘


سامريہ شهر ۾ ئي عودد نالي خداوند جو هڪڙو نبي رهندو هو، جيڪو ٻاهر نڪري وڃي سامريہ ڏانهن موٽندڙ لشڪر سان مليو. هن کين چيو تہ ”جيئن تہ خداوند اوهان جي ابن ڏاڏن جو خدا يهوداہ تي ڪاوڙيل هو، تنهنڪري هن انهن کي اوهان جي هٿن ۾ ڏنو آهي. پر اوهان جنهن بيدرديءَ سان کين ڪٺو آهي، تنهن جي دانهن عرش عظيم تائين وڃي پهتي آهي.


جيڪي ڪجھہ اسان جي بڇڙن ڪمن ۽ وڏن گناهن جي ڪري اسان سان ٿيو آهي، بيشڪ تو اسان جي خدا، انهن جي مقابلي ۾ اسان جي گناهن کان گھٽ سزا ڏني آهي، جو اسان مان هيترا ڄڻا باقي بچي ويا آهن.


اي خداوند، بني اسرائيل جا خدا! بيشڪ تون سچو آهين، تنهن هوندي بہ تو اسان مان ڪجھہ باقي بچايا آهن. هاڻي اسين پنهنجن گناهن سوڌو تنهنجي حضور ۾ حاضر ٿيا آهيون، توڙي جو هن حالت ۾ ڪوبہ تنهنجي حضور ۾ بيهي نہ ٿو سگھي.“


اي منهنجا خداوند! مون تي پنهنجي رحم جي نظر ڪر ۽ ڪن ڏيئي منهنجي دعا ٻڌ، جيڪا آءٌ ڏينهن رات تنهنجي ٻانهن بني اسرائيل لاءِ گھرندو ٿو رهان. آءٌ پنهنجي طرفان، پنهنجي پيءُ جي گھراڻي طرفان ۽ بني اسرائيل جي طرفان اهي گناهہ باسيان ٿو، جيڪي اسان ڪيا آهن.


”اي خداوند! آءٌ تہ هڪڙو ناچيز آهيان، آءٌ تو کي ڪهڙو جواب ٿو ڏيئي سگھان؟ آءٌ پنهنجو هٿ پنهنجي وات تي رکي خاموش ٿو رهان.


تڏهن نہ رڳو پنهنجي چيل ڳالهين جي ڪري آءٌ پاڻ کي ننديان ٿو، بلڪ مٽي ۽ رک مٿي ۾ وجھي توبهہ ٿو ڪريان.“


پنهنجي گناهن جي ٻوڏ اندر آءٌ ٻڏي رهيو آهيان. هائو، اهي اهڙي ڳري بار وانگر آهن، جنهن جي هيٺان آءٌ چيڀاٽجي رهيو آهيان.


منهنجي نادانيءَ جي ڪري منهنجو پورو بدن ڦٽجي پيو آهي. اهي ڦٽ ايترا تہ ڪنا ٿي ويا آهن، جو انهن منجھان بانس ٿي اچي.


پوءِ موسيٰ موٽي خداوند وٽ آيو ۽ کيس چيائين تہ ”افسوس! هنن ماڻهن وڏو گناهہ ڪيو آهي جو پنهنجي لاءِ سون جو معبود ٺاهيائون.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”هاڻي اچو تہ انهيءَ معاملي کي نبيريون، پوءِ جيتوڻيڪ اوهين گناهن جي ڪري رت جي ڳاڙهاڻ سان ڀريل هوندا، تڏهن بہ آءٌ اوهان کي برف جهڙو شفاف ڪري ڇڏيندس. هائو، توڙي جو اوهين گناهن سبب رت جهڙا لال ڳاڙها هوندا، تہ بہ آءٌ اوهان کي کير جهڙو اڇو ڪري ڇڏيندس.


اي خداوند! اسان جون بدڪاريون تو آڏو گھڻيون وڌي ويون آهن. اسان جا اهي گناهہ اسان جي خلاف شاهدي ٿا ڏين، جيڪي اسان کان ڪونہ ٿا وسرن. هائو، اسين پنهنجي بدڪارين کان پوريءَ طرح واقف آهيون.


اهو ئي سبب آهي جو مينهن جھلجي ويو آهي، ۽ بهار وارو وسڪارو بہ ناهي ٿيو. انهيءَ هوندي بہ تنهنجي چال چلت ڪڃريءَ جهڙي آهي، ۽ شرم وچان ٻڏي بہ نہ ٿي مرين.


گمراهيءَ کان پوءِ اسان توبهہ ڪئي. سمجھي وٺڻ کان پوءِ اسان پنهنجي گوڏن تي هٿ هنيا. اسين شرمندا ٿياسين ۽ ڪنڌ کڻي هيٺ ڪيوسين، ڇاڪاڻ تہ اسان جي قوم شروع کان ئي ذلت کنئي هئي.‘


پر اهي چوندا تہ ”اسان بابل جا زخم ڇٽائڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ان جا زخم ڇٽي نہ سگھيا. سو ڇڏي ڏيوس. هلو تہ اسين پنهنجي پنهنجي وطن موٽي هلون، ڇاڪاڻ تہ بابلين جي سزا چوٽ چڙهي ويئي آهي.“


ڇا هو پنهنجن ڪراهت جهڙن ڪمن کان شرمندا آهن؟ نہ، هنن کي بلڪل شرم ڪونهي آيو، کين اها بہ خبر ڪانهي تہ شرم ڪهڙي شيءِ آهي. سو برباد ٿيندڙن سان گڏ هو بہ برباد ٿيندا. جڏهن آءٌ کين سزا ڏيندس تڏهن سندن پڄاڻي ٿي ويندي. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“


ڇا هو پنهنجن ڪراهت جهڙن ڪمن کان شرمندا آهن؟ نہ، هو بلڪل شرمندا ڪونہ آهن. کين اها بہ خبر ڪانهي تہ شرم ڪهڙي شيءِ آهي. سو برباد ٿيندڙن سان گڏ هو بہ برباد ٿيندا. جڏهن آءٌ کين سزا ڏيندس تڏهن سندن پڄاڻي ٿي ويندي. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“


”اي خداوند! بيشڪ اسان گناهہ ڪندي تنهنجي خلاف بغاوت ڪئي، ۽ تو اسان کي معافي نہ ڏني.


آءٌ تنهنجيون ڪيل سڀيئي بدڪاريون معاف ڪري ڇڏيندس. پر تون اهي ياد ڪري پشيمان ٿيندينءَ ۽ شرم وچان وري اڳتي هڪ لفظ بہ نہ ڪڇندينءَ. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“


پر جيڪڏهن هو پنهنجي بدڪاريءَ توڙي پنهنجن ابن ڏاڏن جي بدڪاريءَ جو اقرار ڪندا تہ جيڪا نافرماني ڪري هو منهنجي خلاف هليا آهن،


تڏهن پٽ چيس تہ ’اي بابا! آءٌ خدا جو ۽ اوهان جو ڏوهاري آهيان ۽ انهيءَ لائق نہ آهيان جو اوهان جو پٽ سڏايان.‘


پر ٽيڪس اُڳاڙيندڙ پري بيٺو رهيو ۽ آسمان ڏانهن اکيون کڻي بہ نہ نهاريائين، بلڪ ڇاتي پٽيندي چوڻ لڳو تہ ’اي خدا! مون گنهگار تي رحم ڪر.‘


پوءِ جن ڪمن تي اوهين هن مهل شرمسار آهيو، تن کي ڪرڻ مان اوهان کي ڪهڙو فائدو مليو؟ ڪجھہ بہ نہ، ڇاڪاڻ تہ انهن ڪمن جو نتيجو تہ موت آهي.


ڇاڪاڻ تہ انهيءَ جا گناهہ عرش عظيم تائين اچي پهتا آهن، ۽ خدا کي هن جون بدڪاريون ياد آهن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ