Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




عزرا 9:13 - Muslim Sindhi Bible

13 جيڪي ڪجھہ اسان جي بڇڙن ڪمن ۽ وڏن گناهن جي ڪري اسان سان ٿيو آهي، بيشڪ تو اسان جي خدا، انهن جي مقابلي ۾ اسان جي گناهن کان گھٽ سزا ڏني آهي، جو اسان مان هيترا ڄڻا باقي بچي ويا آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

13 ۽ جيڪي اسانجن بڇڙن ڪمن ڪري، ۽ اسان جي وڏي گناهہ ڪري اسان تي آيو آهي، تنهن کانپوءِ جڏهن تو اسان جي خدا، اسان کي ايتري گهٽ سزا ڏني، جنهن جا اسين پنهنجن گناهن ڪري لائق هئاسين، ۽ اسان مان هيترا باقي بچيا اٿيئي،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




عزرا 9:13
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اوهان جي ابن ڏاڏن بہ تہ ائين ئي ڪيو هو، جنهن ڪري اسان جي خدا اسان تي ۽ هن شهر تي بيحد مصيبت آندي. هاڻي اوهين سبت جي ڏينهن جي بي‌حرمتي ڪري بني اسرائيل تي خدا کي وڌيڪ ڪاوڙايو ٿا.“


تنهنڪري هاڻي اي اسان جا خدا! اي عظمت، قدرت ۽ هيبت وارا خدا! تون جيڪو پنهنجو عهد قائم رکندي لافاني شفقت ڪندڙ آهين، سو اسان جي هن مصيبت کي معمولي نہ ڄاڻ، جيڪا اسان تي، اسان جي بادشاهن، اميرن، ڪاهنن، نبين ۽ ابن ڏاڏن توڙي تنهنجي سڄي قوم تي، اشور جي بادشاهہ جي وقت کان وٺي اڄ ڏينهن تائين ايندي رهي آهي.


ڪاش! هو تو کي پنهنجي حڪمت جا راز کولي ٻڌائي، جيڪا انساني سمجھہ کان تمام گھڻي مٿاهين آهي. پوءِ تون ڄاڻي سگھندين تہ تنهنجي گناهن جي ڀيٽ ۾ خدا تو سان ڪيتري نرمي ڪئي آهي.


هو اسان جي ڪيل گناهن موجب اسان سان هلت نہ ٿو ڪري، نڪي وري اسان جي بڇڙاين مطابق اسان کي بدلو ڏئي ٿو.


خداوند جي شفقت ابدي آهي، ۽ سندس رحم ڪرڻ ڪڏهن بہ بند نہ ٿو ٿئي.


اي خداوند! مون تنهنجي هاڪ ٻڌي آهي. اي خداوند! آءٌ تنهنجي عجيب ڪمن تي اچرج ۾ آهيان. اسان جي حياتيءَ ۾ ئي اهي ڏينهن وري آڻ، هن ئي زماني ۾ انهن کي وري پڌرو ڪر، پنهنجي غضب جي وقت رحم کي بہ ياد ڪر.


اوهان هيتريون تڪليفون اجايو سٺيون ڇا؟ اهي سچ پچ اجايو هيون ڇا؟


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ