Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




عزرا 9:1 - Muslim Sindhi Bible

1 انهن سڀني ڳالهين کان پوءِ اڳواڻ مون وٽ آيا ۽ چوڻ لڳا تہ ”بني اسرائيل ڪاهنن ۽ لاوين سميت پنهنجي آس‌پاس رهندڙ غير قومن يعني ڪنعانين، حتين، فرزين، يبوسين، عمونين، موآبين، مصرين ۽ امورين کان پاڻ کي ڌار نہ ڪيو آهي، بلڪ انهن جي ڪراهت جهڙين ڳالهين تي بہ عمل ڪري رهيا آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

1 هاڻي جڏهن هي ڪم پورا ٿيا، تڏهن امير مون وٽ آيا، ۽ چوڻ لڳا تہ، اسرائيل جي ماڻهن، ۽ ڪاهنن، ۽ لاوين پاڻ کي ماڻهن کان ڌار نہ ڪيو آهي، ۽ انهن جي ڪراهت وارن دستورن موجب هليا آهن، يعني ڪنعانين، ۽ حتين، ۽ فرزين، ۽ يبوسين، ۽ عمونين، ۽ موآبين، ۽ مصرين، ۽ امورين جي دستورن موجب:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




عزرا 9:1
37 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سو چئن پيڙهين کان پوءِ تنهنجو اولاد هتي موٽي ايندو، ڇاڪاڻ تہ امورين جي بدڪاري اڃا تائين پنهنجي حد کي نہ پهتي آهي جو کين سزا ڏئي هڪالي ڪڍان.“


بادشاهہ سليمان فرعون جي ڌيءَ کان سواءِ ٻين بہ گھڻين ڌارين عورتن سان پيار ڪندو هو جن ۾ موآبي، عموني، ادومي، صيداني ۽ حتي عورتون شامل هيون.


جن غير قومن کي خداوند بني اسرائيل جي اڳيان هڪالي ڪڍيو هو تن جي ڪراهت جهڙن ڪمن جي پيروي ڪندي هن بہ اهي ئي ڪم ڪيا جيڪي خداوند جي نظر ۾ برا هئا.


سليمان ڪنعان جي انهن بچي ويل ماڻهن جو اهو اولاد بيگر ۾ لڳايو، جن کي سندن ملڪ تي قبضي ڪرڻ وقت بني اسرائيل نہ ماريو هو. انهن ۾ حتي، اموري، فرزي، حوي ۽ يبوسي شامل هئا جن جو اولاد اڄ ڏينهن تائين اتي غلاميءَ ۾ رهندو پيو اچي.


تڏهن عيلام جي اولاد مان سڪنياہ ولد يحي‌ايل عزرا کي چيو تہ ”اسان غير قومن جي عورتن سان پرڻجي خدا جو گناهہ ڪيو آهي. انهيءَ هوندي بہ بني اسرائيل وارن کي اڃا تائين اميد آهي.


عملدارن ۽ اڳواڻن فيصلو ڪيو تہ جيڪو ٽن ڏينهن اندر اچي حاضر نہ ٿيندو تنهن جي سڄي ملڪيت ضبط ڪئي ويندي ۽ کيس موٽي آيلن جي جماعت مان خارج ڪيو ويندو.


انهن ئي ڏينهن ۾ مون ڪي يهودي ڏٺا جيڪي بني اشدود، بني عمون ۽ بني موآب جون عورتون پرڻجي آيا هئا.


تنهن تي طوبياہ عموني جيڪو سندس ڀر ۾ بيٺو هو تنهن چيو تہ ”هي جيڪي ڪجھہ ٺاهين پيا، تنهن تي جيڪڏهن ڪو لومڙ چڙهي وڃي تہ اهو ان کي ڪيرائي وجھندو.“


پر جڏهن سنبلط، طوبياہ ۽ ڏکڻ وارن عربن، اوڀر وارن عمونين ۽ اولهہ وارن اشدودين ٻڌو تہ يروشلم جي ڀتين جي مرمت ٿيندي پئي وڃي ۽ انهيءَ جا ٻرگھل بند ٿي ويا آهن، تڏهن هو ڏاڍا ڪاوڙيا.


اٽلندو انهن قومن سان هو رلي ملي ويا، ۽ انهن غير قومن جي ريتن رسمن تي پڻ هلڻ لڳا.


جنهن ملڪ جي ڏيڻ جو خداوند اوهان جي ابن ڏاڏن سان قسم کنيو هو ۽ جنهن ۾ آسودگي ۽ خوشحالي آهي، جڏهن خداوند اوهان کي انهيءَ ڪنعانين، حتين، امورين، حوين ۽ يبوسين جي ملڪ ۾ پهچائي تڏهن اوهين ساڳئي ئي مهيني ۾ اها رسم ادا ڪندا رهجو.


جڏهن منهنجو فرشتو اوهان جي اڳيان هلندو رهندو ۽ اوهان کي امورين، حتين، فرزين، ڪنعانين، حوين ۽ يبوسين جي ملڪ اندر وٺي ويندو تڏهن آءٌ انهن کي بلڪل چٽ ڪري ڇڏيندس.


هن ڪري جو پوءِ اها خبر ڪيئن پوندي تہ تنهنجي مهربانيءَ جي نظر مون تي ۽ تنهنجي قوم تي آهي؟ اها خبر انهيءَ ڳالهہ مان ئي پوندي جو تون اسان سان گڏ هلندو رهين، تہ جيئن آءٌ ۽ تنهنجي قوم سڄيءَ دنيا جي قومن کان ڌار ليکجون.“


اي خداوند جي هيڪل جو سامان کڻي هلڻ وارؤ! روانا ٿيو، هائو، اوهين بابل شهر مان نڪري وڃو. اوهين ڪنهن بہ ناپاڪ شيءِ کي نہ ڇُهو، بلڪ پاڪيزگيءَ سان انهيءَ منجھان نڪري وڃو.


جڏهن بادشاهہ جي عملدارن اهي ڳالهيون ٻڌيون تڏهن اهي شاهي محل کان خداوند جي گھر اچي پهتا ۽ هيڪل جي ”نئون دروازو“ نالي در جي لنگھہ وٽ منهنجي فيصلي ڪرڻ لاءِ ويهي رهيا.


تڏهن ڪاهنن ۽ نبي سڏائيندڙن کي عملدارن ۽ اتي موجود سڀني ماڻهن چيو تہ ”هن ماڻهوءَ کي موت جي سزا نہ ڏيڻ گھرجي، ڇاڪاڻ تہ هن خداوند اسان جي خدا جي نالي سان اسان کي اهي ڳالهيون ٻڌايون آهن.“


اوهين مصر جي ملڪ وارن ماڻهن جهڙا ڪم نہ ڪجو، جتي اوهين رهندا هئا، نڪي وري ڪنعان جي ملڪ وارن ماڻهن جهڙا ڪم ڪجو، جتي آءٌ اوهان کي وٺي ٿو هلان. اوهين انهن جي رسمن تي نہ هلجو.


اوهان يهوداہ وارن خداوند سان بي‌وفائي ڪندي يروشلم ۾ ڪڌو ڪم ڪيو آهي. هائو، اوهان غير معبودن سان تعلق جوڙي خداوند جي پاڪ ۽ پياري گھر جي بي‌حرمتي ڪئي آهي.


آءٌ بني اسرائيل کي جبلن جي چوٽيءَ تان ڏسان ٿو، هائو، ٽڪرين تان منهنجي مٿن نظر پوي ٿي. هيءَ اُها قوم آهي جيڪا اڪيلي رهي ٿي، ۽ ڄاڻي ٿي تہ هوءَ ٻين قومن کان بي مثال قوم آهي.


پوءِ جڏهن سمورا ماڻهو خدا سان ملاقات واري خيمي جي آڏو روئي رهيا هئا، تڏهن بني اسرائيل جو هڪڙو ماڻهو، موسيٰ ۽ سڄيءَ قوم جي اکين اڳيان، هڪڙي مدياني عورت کي پاڻ سان گڏ پنهنجي قوم ۾ وٺي آيو.


”جڏهن اوهين انهيءَ ملڪ ۾ پهچو جيڪو خداوند اوهان جو خدا اوهان کي ڏيڻ وارو آهي، تڏهن اوهين انهن قومن وانگر ڪراهت جهڙا ڪم ڪرڻ نہ سکجو.


انهن جي ٽين پيڙهيءَ ۾ جيڪي ٻار پيدا ٿين، سي خداوند جي قوم ۾ حق حقوق رکندڙ فرد ٿي سگھن ٿا.“


موسيٰ چيو تہ ”جڏهن خداوند اوهان جو خدا اوهان کي انهيءَ ملڪ ۾ پهچائيندو، جنهن تي قبضو ڪرڻ لاءِ اوهين وڃو ٿا، تڏهن اتي جون ست قومون يعني حتي، جِرجاشي، اموري، ڪنعاني، فرزي، حِوي ۽ يبوسي، جيڪي اوهان کان وڏيون ۽ طاقت واريون آهن، تن کي اوهان جي اڳيان ڀڄائي ڪڍندو.


پر جيڪڏهن اوهين ڦري ويندا ۽ اهي باقي بچيل قومون جيڪي اوهان منجھہ رهن ٿيون تن سان گڏجي ويندا ۽ جيڪڏهن اوهين انهن سان رشتيداريءَ جي ڏي وٺ ڪندا ۽ انهن سان رِلي‌مِلي ويندا،


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ