Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




عزرا 8:36 - Muslim Sindhi Bible

36 هنن شهنشاهہ جا حڪم‌ناما سندس نائبن ۽ اولهہ واري فرات نديءَ جي صوبي وارن گورنرن کي پهچائي ڏنا، جنهن کان پوءِ هنن پوري قوم ۽ خدا جي گھر جي مدد ڪئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

36 ۽ هنن بادشاهہ جا پروانا، بادشاهہ جي نائبن، ۽ نديءَ جي هن ڀر وارن والين کي پهچائي ڏنا: ۽ انهن قوم جي، ۽ خدا جي گهر جي مدد ڪئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




عزرا 8:36
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن اولهہ واري فرات نديءَ جي صوبي واري گورنر تتنيءَ ۽ شتر بوزني ۽ انهن جي ساٿين مڪمل طرح شهنشاهہ جي ان حڪم جي تعميل ڪئي.


مون کيس اهو بہ چيو تہ ”اي بادشاهہ سلامت! مهرباني فرمائي مون کي اولهہ واري فرات نديءَ جي صوبي وارن گورنرن ڏانهن فرمان لکي ڏيو تہ جيئن هو مون کي راهداري ڏين، تان جو آءٌ وڃي يهوداہ ۾ پهچان.


پوءِ پهرئين مهيني جي تيرهين تاريخ شاهي ڪاتبن کي سڏايو ويو. جيئن هامان کين حڪم ڏنو تيئن هُنن شهنشاهہ جي سڀني نائبن، سڀني صوبن جي گورنرن ۽ سڀني ماڻهن جي اڳواڻن ڏانهن لکيو. اهي خط هر صوبي جي رسم‌الخط ۽ هر قوم جي ٻوليءَ ۾ لکيا ويا. اهي خط شهنشاهہ اخسويرس جي نالي سان لکيا ويا ۽ انهن تي شاهي منڊيءَ جي مُهر لڳائي ويئي.


صوبن جي سڀني مختيارن يعني نوابن، گورنرن ۽ شاهي منتظمين يهودين جي مدد ڪئي، ڇاڪاڻ تہ مردڪئيءَ جو رعب تاب مٿن سوار هو.


جڏهن انسان جون راهون خداوند کي پسند اچن ٿيون، تڏهن هو سندس دشمنن کي بہ دوست بڻايو ڇڏي.


جڏهن اپلوس جو يونان جي صوبي اخيا ڏانهن وڃڻ جو ارادو ٿيو تہ اتي جي ايمان وارن کيس همتائيندي يونان جي ايمان وارن ڏانهن خط لکي ڏنس تہ اهي يونان ۾ سندس آڌرڀاءُ ڪن. اپلوس اتي پهتو ۽ جن ماڻهن خدا جي فضل سان خداوند عيسيٰ تي ايمان آندو هو، تن جي وڏي همت‌افزائي ڪيائين،


پر زمين انهيءَ عورت جي مدد ڪئي ۽ پنهنجو وات کولي انهيءَ پاڻيءَ کي پي ويئي، جيڪو ازدها پنهنجي وات مان وهايو هو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ