34 سڀ شيون تعداد ۽ تور موجب ڏنيون ويون ۽ انهن جو سمورو وزن انهيءَ مهل ئي لکيو ويو.
34 سڀ شيون شمار ۽ تور موجب ڏنيون ويون: ۽ انهن جي ڪل تور بروقت لکي ويئي.
اوهين انهن جي چڱيءَ طرح سنڀال ڪجو جيستائين اوهين يروشلم ۾ خداوند جي گھر جي خزاني ۾ مکيہ ڪاهنن، لاوين ۽ بني اسرائيل جي گھراڻن جي وڏن اڳيان توري سندن حوالي ڪريو.“
چوٿين ڏينهن اسان چاندي، سون ۽ ٿانوَ، توري پنهنجي خدا جي گھر ۾ مريموت ولد اورياہ ڪاهن جي هٿ ۾ ڏنا. هن سان گڏ اليعزر ولد فينحاس ۽ ٻہ لاوي يوزباد ولد يشوع ۽ نوعيدياہ ولد بنوي هئا.
تنهن کان پوءِ جيڪي جلاوطنيءَ مان موٽيا هئا تن بني اسرائيل جي خدا لاءِ هي ساڙڻ واريون قربانيون پيش ڪيون: ٻارهن ڍڳا سڄي بني اسرائيل جي ٻارهن قبيلن مطابق، ڇهانوي گھٽا، ستهتر گھيٽا. اهي سڀ خداوند جي لاءِ ساڙڻ واري قربانيءَ طور هئا. انهيءَ کان علاوہ پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيءَ لاءِ ٻارهن ٻڪر بہ هئا.