Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




عزرا 8:28 - Muslim Sindhi Bible

28 مون کين چيو تہ ”اوهين ۽ هي سڀ ٿانوَ خداوند جي لاءِ مخصوص آهيو، باقي خالص چاندي ۽ سون خداوند اسان جي ابن ڏاڏن جي خدا لاءِ خوشيءَ سان ڏنل نذرانو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

28 ۽ مون انهن کي چيو تہ اوهين خداوند جي لاءِ پاڪ آهيو، ۽ باسڻ بہ پاڪ آهن؛ ۽ روپو ۽ سون، خداوند اسان جي ابن ڏاڏن جي خدا لاءِ خوشيءَ جو نذرانو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




عزرا 8:28
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

لاوين تي اهو ڪم رکيو ويو تہ هو خداوند جي هيڪل جي خدمت جي وقت، اڱڻ ۽ حجرن ۾ ۽ سڀني مخصوص شين جي سنڀال ڪرڻ ۾ بني هارون جي مدد ڪن.


هنن جا ٻيا لاوي ڀائر خدا جي هيڪل جي خزانن ۽ وقف ڪيل شين جي خزانن جا نگران هئا.


جڏهن هو سمورو ڪم پورو ڪري چڪا تڏهن باقي بچيل رقم هنن بادشاهہ ۽ يهويدع جي اڳيان آڻي رکي جن انهيءَ مان خوشبودان ۽ هيڪل جي خدمت ڪرڻ لاءِ ۽ قرباني پيش ڪرڻ لاءِ سون ۽ چانديءَ جا ٿانوَ جوڙايا. يهويدع جي جيئري رهڻ تائين باقاعدگيءَ سان هيڪل ۾ ساڙڻ واريون قربانيون پيش ڪيون وينديون هيون.


ويهہ سونا پيالا جن جي تور ساڍا اٺ ڪلوگرام هئي ۽ ٻہ ٿانوَ عمدي چمڪندڙ پتل جا، جيڪي سون جهڙا قيمتي هئا، سي کين توري ڏنم.


اهڙيءَ طرح بني اسرائيل جي سڀني مردن ۽ عورتن، جن جي دل چاهيو سي پنهنجي خوشيءَ سان خداوند جي لاءِ، انهن ڪمن واسطي نذرانو کڻي آيا، جن جي ڪرڻ جو خداوند موسيٰ کي حڪم ڏنو هو.


اي خداوند جي هيڪل جو سامان کڻي هلڻ وارؤ! روانا ٿيو، هائو، اوهين بابل شهر مان نڪري وڃو. اوهين ڪنهن بہ ناپاڪ شيءِ کي نہ ڇُهو، بلڪ پاڪيزگيءَ سان انهيءَ منجھان نڪري وڃو.


لاوي قبيلي لاءِ دعا گھرندي هن چيو تہ ”اي خدا! انهن ٻانهن وٽ تنهنجو اُوريم ۽ ٿُميم آهي، مساہ واري ٽڪريءَ تي تنهنجي آزمائڻ سان اهي سچا نڪتا هئا، هائو، جڏهن مريباہ چشمي وٽ تو انهن سان جھڳڙو ڪيو هو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ