Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




عزرا 8:16 - Muslim Sindhi Bible

16 سو مون اليعزر، اريئيل، سمعياہ، الناتن، يريب، الناتن، ناتن، زڪرياہ ۽ مسلام اڳواڻن کي گھرايو ۽ پڻ يريب ۽ الناتن عالمن کي گھرايو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

16 تڏهن مون اليعزر ۽ اريئيل ۽ سمعياہ، ۽ الناتن، ۽ يريب، ۽ الناتن، ۽ ناتن، ۽ زڪرياہ، ۽ مسلام کي گهرايو، جي رئيس هئا؛ ۽ يريب ۽ الناتن کي بہ، جي استاد هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




عزرا 8:16
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سو کيس چيائين تہ ”جيئن تہ تو نہ پنهنجي لاءِ وڏي حياتي گھُري آهي ۽ نہ دولت، نہ ئي وري پنهنجي دشمن لاءِ موت گھريو اٿيئي، بلڪ تو انصاف ڪرڻ لاءِ سمجھہ گھري آهي،


بني اِسڪار جا ٻہ سؤ سالار، انهن ماڻهن سميت جيڪي سندن حڪم هيٺ هئا. هنن سالارن ڄاتو پئي تہ بني اسرائيل کي ڇا ڪرڻ گھرجي ۽ انهيءَ جو بهترين وقت ڪهڙو آهي،


اوڀر واري دروازي لاءِ سلمياہ جو ڪڻو پيو. انهيءَ کان پوءِ سندس پٽ زڪرياہ، جيڪو عقلمند مشير هو، تنهن لاءِ ڪڻو وڌو ويو ۽ اُهو ڪڻو اتر واري دروازي لاءِ پيو.


خداوند، بني اسرائيل جي خدا جي شل واکاڻ هجي، جنهن زمين ۽ آسمان کي بڻايو ۽ جنهن دائود بادشاهہ کي سمجھہ ۽ عقل وارو هڪ پٽ عطا ڪيو، جيڪو خداوند جي لاءِ هڪ گھر ۽ پنهنجي لاءِ هڪ محل تعمير ڪرائي ٿو.


حارم جي اولاد مان معسياہ، الياہ، سمعياہ، يحي‌ايل ۽ عُزياہ،


سڀني کان آخر ۾ موٽندڙ ادونقام جي اولاد مان اليفلط، يعي‌ايل ۽ سمعياہ هئا، جن سان گڏ سٺ مرد هئا


مون انهن کي انهيءَ واهہ وٽ آڻي گڏ ڪيو جيڪو اهوا شهر ڏانهن وهي ٿو. اتي اسان خيما کوڙي ٽي ڏينهن رهي پياسين. تڏهن مون عام ماڻهن ۽ ڪاهنن ۾ جاچ ڪئي تہ مون کي لاوي ڏسڻ ۾ نہ آيا.


مون انهن کي ڪسيفيا ۾ رهندڙ اِدو اڳواڻ ڏانهن موڪليو تہ جيئن هو اِدو ۽ سندس لاوي ڀائر جيڪي هيڪل جا خدمتگار آهن، تن کي اهو عرض ڪن تہ اسان جي خدا جي گھر لاءِ ڪي خدمتگار موڪلين.


جيئن تہ اسان تي اسان جي خدا جو شفقت ڀريو هٿ هو، تنهنڪري لاوي ولد يعقوب جي اولاد مان محلي گھراڻي جي سربياہ نالي هڪ سمجھوءَ کي سندس پٽن ۽ مائٽن سميت هو اسان وٽ وٺي آيا جيڪي ڪل ارڙهن ڄڻا هئا.


بيشڪ اهو خداوند ئي آهي، جنهن کان اسان کي ڏاهپ ملي ٿي. هائو، ڄاڻ ۽ سمجھہ هن کان ئي حاصل ٿئي ٿي.


ڪن ماڻهن جا خيال اونهي کوهہ وانگر هوندا آهن، مگر سمجھہ وارا انهن کي ڳولي ڪڍندا آهن.


ملڪ اندر گھرو لڙائيءَ جي وقت تي گھڻا ئي ماڻهو بغاوت ڪندي حڪمران بڻجيو وڃن، مگر سمجھہ ۽ ڄاڻ وارو هڪڙو ئي حڪمران امن وَ سڪون بحال ڪريو وٺي.


هو ئي وقتن کي ڦيري ڇڏي ٿو ۽ زمانا تبديل ٿو ڪري، هو ئي بادشاهن کي قائم ٿو ڪري ۽ کين معزول پڻ ڪري ٿو، هو ئي ڏاهن کي ڏاهپ ۽ عقلمندن کي ڄاڻ عطا ڪري ٿو.


انهن مثالن تي غور ڪر، خداوند تو کي انهن سڀني ڳالهين جي سمجھہ ڏيندو.


اسين اهو بہ ڄاڻون ٿا تہ خدا جو فرزند هن دنيا ۾ آيو آهي. هن اسان کي سمجھہ بخشي آهي تہ جيئن اسين انهيءَ هستيءَ کي ڄاڻون جيڪو حقيقي آهي ۽ اسين انهيءَ حقيقيءَ ۾ سندس فرزند عيسيٰ مسيح ۾ هئڻ ڪري آهيون. اهو ئي حقيقي خدا ۽ دائمي زندگي آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ