Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




عزرا 8:15 - Muslim Sindhi Bible

15 مون انهن کي انهيءَ واهہ وٽ آڻي گڏ ڪيو جيڪو اهوا شهر ڏانهن وهي ٿو. اتي اسان خيما کوڙي ٽي ڏينهن رهي پياسين. تڏهن مون عام ماڻهن ۽ ڪاهنن ۾ جاچ ڪئي تہ مون کي لاوي ڏسڻ ۾ نہ آيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

15 ۽ مون انهن کي انهيءَ نديءَ وٽ آڻي گڏ ڪيو، جا اهوا ڏانهن وهيو ٿي وڃي؛ ۽ اتي اسان ٽي ڏينهن منزل ڪئي: ۽ مون ماڻهن ۽ ڪاهنن تي نظر ڪئي، ۽ انهن ۾ لاويءَ جي پٽن مان مون کي ڪوبہ ڏسڻ ۾ نہ آيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




عزرا 8:15
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اوهان کي اهو بہ معلوم هجي تہ ڪاهنن، لاوين، خدا جي هيڪل جي ڳائڻن، دربانن ۽ خدمتگارن يا هيڪل سان واسطي رکندڙن مان ڪنهن تي بہ ڪا ڍل، ٽيڪس يا چونگي ناهي مڙهڻي.“


بلڪ خدا شهنشاهہ، مشيرن ۽ سڀني سگھارن عملدارن جي آڏو منهنجو مان وڌايو آهي. بيشڪ منهنجي خدا جو هٿ مون تي هو، جنهن مون کي همت عطا ڪئي جو مون بني اسرائيل مان ڪجھہ مکيہ ماڻهن کي گڏ ڪيو، تہ جيئن هو مون سان گڏجي هلن.“


سو ارتخششتا شهنشاهہ جي شاهيءَ جي ستين سال ڪجھہ بني اسرائيل جن ۾ ڪاهن، لاوي، هيڪل جا ڳائڻا، دربان ۽ خدمتگار شامل هئا، سي پڻ عزرا سان گڏ يروشلم ۾ آيا.


۽ بِگويءَ جي اولاد مان عوطي ۽ زبود هئا، جن سان گڏ ستر مرد هئا.


سو مون اليعزر، اريئيل، سمعياہ، الناتن، يريب، الناتن، ناتن، زڪرياہ ۽ مسلام اڳواڻن کي گھرايو ۽ پڻ يريب ۽ الناتن عالمن کي گھرايو.


فينحاس جي اولاد مان جيرشوم هو، اتمر جي اولاد مان دانيال هو، دائود جي اولاد مان حطوش ولد سڪنياہ هو،


پوءِ اتي اهوا واهہ وٽ مون روزو رکڻ جو اعلان ڪيو، تہ جيئن اسين پنهنجي خدا جي آڏو عاجزي ڪريون ۽ کانئس دعا گھرون تہ اسان لاءِ ۽ اسان جي ٻارن ٻچن لاءِ سلامتيءَ واري راهہ ڏيکاري ۽ اسان جي مال ملڪيت جي سلامتي هجي.


پهرئين مهيني جي ٻارهين تاريخ تي يروشلم وڃڻ لاءِ اسين اهوا واهہ کان روانا ٿياسين. اسان جي خدا جو هٿ اسان تي هو، سو انهيءَ اسان کي رستي تي دشمنن ۽ ڌاڙيلن کان بچائي رکيو.


اسان بابل جي ندين جي ڪناري ويٺي ڏاڍو رنو. هائو، اسان اتي صيئون کي ياد ڪري رنو پئي.


ٽيهين سال جي چوٿين مهيني جي پنجين تاريخ تي آءٌ حزقي‌ايل ڪاهن ولد بُوزي بابل ملڪ جي ڪبار نهر جي ڪناري ٻين يهوداہ وارن سان گڏ جلاوطن هئس. اتي اوچتو مون ڏٺو تہ آسمان کُلي پيو ۽ انهيءَ ڏينهن کان وٺي خدا مون کي رويائون ڏيکارڻ شروع ڪيون.


تنهن کان پوءِ آءٌ ڪبار نهر جي ڀرسان تل‌ابيت شهر ۾ رهندڙ جلاوطنن وٽ موٽي آيس. آءٌ ستن ڏينهن تائين اتي پنهنجي ڏٺل ۽ ٻڌل ڳالهين تي سڪتي ۾ ويٺو رهيس.


سبت جي ڏينهن اسين شهر جي دروازي کان ٻاهر نديءَ جي ڪناري تي وياسين، جو سمجھيوسين تہ يهودي اتي عبادت لاءِ گڏ ٿيندا هوندا. اتي اسين انهن عورتن سان ويهي گفتگو ڪرڻ لڳاسين جيڪي اچي گڏ ٿيون هيون.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ