Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




عزرا 8:1 - Muslim Sindhi Bible

1 گھراڻن جا اهي وڏا جيڪي ارتخششتا شهنشاهہ جي شاهيءَ دوران بابل مان نڪري عزرا سان گڏ موٽيا تن جا ۽ سندن گھراڻن جا نالا جيڪي درج ٿيل آهن، سي هي آهن:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

1 هاڻي هنن جي اباڻي گهراڻن جا رئيس هي آهن، جيڪي ارتخششتا بادشاهہ جي بادشاهيءَ ۾ مون سان گڏجي بابل مان نڪري هليا، تن جو نسب نامو هي آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




عزرا 8:1
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جيئن سندن مائٽن بني هارون ڪڻا وڌا هئا، تيئن ئي هنن سڀني بہ ڪُڻا وڌا. ان وقت بہ دائود بادشاهہ، صدوق ۽ اخيملڪ ڪاهن ۽ ڪاهنن ۽ لاوين جي گھراڻن جا وڏا شاهد طور موجود هئا. ڪڻن ۾ وڏ ننڍائيءَ جو ڪو فرق نہ رکيو ويو.


يرياہ کي ٻہ هزار ست سؤ مائٽ هئا جيڪي قابل ماڻهو ۽ ڪٽنبن جا وڏا هئا، تن کي دائود بادشاهہ اردن درياءَ جي اوڀر طرف بني روبين تي، بني جد تي ۽ بني منسيءَ جي اڌ قبيلي تي خدا جي هر ڪنهن ڪم ۽ بادشاهہ جي هر ڪنهن ڪم لاءِ نگران مقرر ڪيو.


جن ۾ هو چوڌاري وارن سمورن ڳوٺن سميت ويندي بعل تائين رهندا هئا. اها ئي هنن جي رهڻي ڪهڻيءَ جي تواريخ آهي جيڪا وٽن هئي.


اسرائيل ملڪ جي سڀني ماڻهن جو سندن ڪٽنبن موجب شمار ڪيو ويو. اها ڳالهہ ”اسرائيل جي بادشاهن جو ڪتاب“ ۾ لکيل آهي. يهوداہ ملڪ جي ماڻهن کي سندن ئي گناهن ڪري بابل ڏانهن قيدي ڪري نيو ويو هو.


مٿي ڄاڻايل سڀ ماڻهو پنهنجي خانداني شجري موجب لاوي ڪٽنبن جا وڏا هئا. اهي يروشلم ۾ رهي پنهنجي ڪٽنبن جي اڳواڻي ڪندا هئا.


جنگي جوانن مٿان سالارن جو جملي تعداد ٻہ هزار ڇهہ سؤ هو.


تڏهن بني يهوداہ ۽ بني بنيامين جي گھراڻن جا وڏا، ڪاهن، لاوي ۽ اهي شخص جن جي دل ۾ خدا اها ڳالهہ وڌي تہ وڃي يروشلم ۾ خداوند جي هيڪل تعمير ڪجي، سي سڀيئي تيار ٿيا.


اهي زربابل، يشوع، نحمياہ، سِرايا، رعلياہ، مردڪي، بِلشان، مِسفار، بِگوي، رحوم ۽ بعنہ جي اڳواڻيءَ ۾ آيا. بني اسرائيل جي انهن ماڻهن جو تعداد هن طرح هو:


بني پرعُوس جا ٻہ هزار هڪ سؤ ٻاهتر ماڻهو هئا،


آءٌ حڪم ٿو جاري ڪريان تہ منهنجي شهنشاهت مان بني اسرائيل جا ماڻهو، ڪاهنن ۽ لاوين سميت جيڪي بہ تو سان گڏ يروشلم ڏانهن وڃڻ گھرن سي ڀلي وڃن.


بلڪ خدا شهنشاهہ، مشيرن ۽ سڀني سگھارن عملدارن جي آڏو منهنجو مان وڌايو آهي. بيشڪ منهنجي خدا جو هٿ مون تي هو، جنهن مون کي همت عطا ڪئي جو مون بني اسرائيل مان ڪجھہ مکيہ ماڻهن کي گڏ ڪيو، تہ جيئن هو مون سان گڏجي هلن.“


بابل کان يروشلم ڏانهن روانو ٿيو. موسيٰ جي شريعت جيڪا خداوند، بني اسرائيل جي خدا ڏني هئي، تنهن ۾ هو هوشيار عالم هو. شهنشاهہ هن کي هر اُها شيءِ ڏني جيڪا هن کانئس گھري، ڇاڪاڻ تہ خداوند سندس خدا جو هٿ مٿس هو.


سو ارتخششتا شهنشاهہ جي شاهيءَ جي ستين سال ڪجھہ بني اسرائيل جن ۾ ڪاهن، لاوي، هيڪل جا ڳائڻا، دربان ۽ خدمتگار شامل هئا، سي پڻ عزرا سان گڏ يروشلم ۾ آيا.


فينحاس جي اولاد مان جيرشوم هو، اتمر جي اولاد مان دانيال هو، دائود جي اولاد مان حطوش ولد سڪنياہ هو،


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ