عزرا 7:6 - Muslim Sindhi Bible6 بابل کان يروشلم ڏانهن روانو ٿيو. موسيٰ جي شريعت جيڪا خداوند، بني اسرائيل جي خدا ڏني هئي، تنهن ۾ هو هوشيار عالم هو. شهنشاهہ هن کي هر اُها شيءِ ڏني جيڪا هن کانئس گھري، ڇاڪاڻ تہ خداوند سندس خدا جو هٿ مٿس هو. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible6 اهو عزرا بابل مان نڪتو؛ ۽ موسيٰ جي شريعت، جا خداوند اسرائيل جي خدا ڏني هئي، تنهن ۾ اهو هوشيار استاد هو: ۽ بادشاهہ هن کي، خداوند سندس خدا جو جيڪو مٿس هٿ هو، تنهن موجب، جيڪي گهريائين سو ڏنو. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
هڪڙو فرمان مون کي شاهي ٻيلي جي رکوالي آسف ڏانهن بہ لکي ڏنو وڃي، تہ هو مون کي عمارتي ڪاٺ ڏئي، تہ جيئن خداوند جي گھر جي ڀر واري قلعي ۽ ڪوٽ جون ڀتيون ۽ دروازا ۽ جنهن گھر ۾ آءٌ رهندس تنهن جا دروازا ۽ ٻيو سامان ٺهرايان.“ جيئن تہ منهنجي خدا جو مون تي مهربانيءَ جو هٿ هو، تنهنڪري بادشاهہ منهنجا سڀيئي عرض قبول ڪيا.
جڏهن آءٌ يروشلم ۾ آيس، تڏهن ڇو اتي ڪوبہ ڪونہ هو؟ جڏهن مون اوهان کي سڏيو، تڏهن ڇا جي ڪري ڪوبہ جواب ڏيڻ وارو ڪونہ مليو؟ ڇا آءٌ ايترو ڪمزور ٿي ويو آهيان، جو اوهان کي جلاوطنيءَ کان بچائي نہ سگھيس؟ ياد رکو، آءٌ تہ هڪڙي ئي حڪم سان سمنڊ کي بہ سڪائي ٿو سگھان، ۽ ندين کي رڻپٽ ۾ تبديل ڪري ٿو سگھان. ايتري قدر جو پاڻي نہ ملڻ ڪري ان ۾ موجود مڇي ڳري سڙي وڃي ۽ بدبوءِ ڪري.