ياد رکو، خداوند جي شريعت سان تعلق رکندڙ سڀني ڳالهين جو اختيار امرياہ ڪاهن وٽ هوندو ۽ بادشاهہ جي قاعدن قانونن سان تعلق رکندڙ سڀني ڳالهين جو اختيار يهوداہ جي گورنر زبدياہ ولد اسماعيل وٽ هوندو. لاوي بہ منهنجي طرفان اوهان سان گڏ عملدار مقرر هوندا. سو اوهين همت سان ڪم ڪريو. شل خداوند نيڪن سان گڏ هجي.“
هارون جي پٽ اليعزر، فوطيايل جي ڌيئرن مان هڪڙيءَ سان شادي ڪئي. انهيءَ مان کيس فينحاس پيدا ٿيو. اهي سڀ لاوي قبيلي جي ابن ڏاڏن جي گھراڻن جا وڏا هئا جن جي نالن سان گھراڻا ٿيا.
پوءِ موسيٰ هارون ۽ سندس پٽن اليعزر ۽ اتمر کي چيو تہ ”اوهين پنهنجي مٿي جا وار نہ ڇوڙجو، نڪي خاص پوشاڪ ڦاڙجو، متان اوهين مري وڃو ۽ متان پوريءَ قوم تي خداوند جو غضب نازل ٿئي. پر بني اسرائيل مان اوهان جا ٻيا ماڻهو ڀلي انهن جي لاءِ سوڳ ملهائين جن کي خداوند ساڙيو آهي.
هي اُهي علائقا آهن جيڪي بني اسرائيل کي ڪنعان جي ملڪ ۾ ورثي طور مليا. اُهي علائقا اليعزر ڪاهن، يشوع ولد نون ۽ بني اسرائيل جي قبيلن جي سردارن کين ورهائي ڏنا.