Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




عزرا 7:28 - Muslim Sindhi Bible

28 بلڪ خدا شهنشاهہ، مشيرن ۽ سڀني سگھارن عملدارن جي آڏو منهنجو مان وڌايو آهي. بيشڪ منهنجي خدا جو هٿ مون تي هو، جنهن مون کي همت عطا ڪئي جو مون بني اسرائيل مان ڪجھہ مکيہ ماڻهن کي گڏ ڪيو، تہ جيئن هو مون سان گڏجي هلن.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

28 ۽ جنهن، بادشاهہ ۽ سندس مشيرن ۽ سڀني زور وارن اميرن جي اڳيان مون تي رحم ڪيو. ۽ منهنجي خدا جو هٿ جو مون تي هو، تنهن موجب مون کي طاقت ملي، ۽ مون اسرائيل مان مکيہ ماڻهو گڏ ڪيا، تہ مون سان گڏجي هلن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




عزرا 7:28
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هن چيس تہ ”اڳتي تنهنجو نالو يعقوب نہ پر اسرائيل سڏيو ويندو، ڇو تہ تون ماڻهن کان علاوہ خدا سان بہ ملهہ وڙهيو آهين ۽ کٽي ويو آهين.“


شال قادرِمطلق خدا انهيءَ کي اوهان تي مهربان ڪري، تہ جيئن هو بنيامين ۽ اوهان جي ٻئي ڀاءُ کي اوهان سان گڏ ڇڏي ڏئي. باقي جيڪڏهن آءٌ بي‌اولادي ٿيان تہ ٿيان.“


پر يهودي اڳواڻن تي پنهنجي خدا جي نظر هئي، سو انهن عملدارن يهودين کي تيستائين نہ روڪيو، جيستائين اهو معاملو دارا شهنشاهہ تائين پهتو ۽ انهيءَ کان لکت ۾ موٽ نہ ملين.


هاڻي آءٌ ۽ منهنجا ست مشير تو کي چئون ٿا تہ تون يروشلم بلڪ سڄي يهوداہ ۾ وڃي اهو معلوم ڪر تہ خدا جي شريعت جنهن جو تون عالم آهين، تنهن جي ڪيتري قدر اطاعت ڪئي وڃي ٿي.


بابل کان يروشلم ڏانهن روانو ٿيو. موسيٰ جي شريعت جيڪا خداوند، بني اسرائيل جي خدا ڏني هئي، تنهن ۾ هو هوشيار عالم هو. شهنشاهہ هن کي هر اُها شيءِ ڏني جيڪا هن کانئس گھري، ڇاڪاڻ تہ خداوند سندس خدا جو هٿ مٿس هو.


گھراڻن جا اهي وڏا جيڪي ارتخششتا شهنشاهہ جي شاهيءَ دوران بابل مان نڪري عزرا سان گڏ موٽيا تن جا ۽ سندن گھراڻن جا نالا جيڪي درج ٿيل آهن، سي هي آهن:


مون انهن کي انهيءَ واهہ وٽ آڻي گڏ ڪيو جيڪو اهوا شهر ڏانهن وهي ٿو. اتي اسان خيما کوڙي ٽي ڏينهن رهي پياسين. تڏهن مون عام ماڻهن ۽ ڪاهنن ۾ جاچ ڪئي تہ مون کي لاوي ڏسڻ ۾ نہ آيا.


جيئن تہ اسان تي اسان جي خدا جو شفقت ڀريو هٿ هو، تنهنڪري لاوي ولد يعقوب جي اولاد مان محلي گھراڻي جي سربياہ نالي هڪ سمجھوءَ کي سندس پٽن ۽ مائٽن سميت هو اسان وٽ وٺي آيا جيڪي ڪل ارڙهن ڄڻا هئا.


جيتوڻيڪ اسين غلام آهيون، تہ بہ تو اسان کي وساريو ناهي، بلڪ تو فارس جي بادشاهن جي دلين ۾ اسان لاءِ رحم وڌو آهي، تہ جيئن اسين وري بحال ٿي تنهنجي گھر جي تعمير ڪريون ۽ ان جي ڀڳل ٽٽل حصن جي مرمت ڪريون. اهڙيءَ طرح تو اسان کي يروشلم بلڪ سڄي يهوداہ ۾ پناهہ عطا ڪئي آهي.


تنهنڪري تون پنهنجي هن ٻانهي جي دعا ٻڌ ۽ پنهنجي انهن ٻانهن جي دعا ڏانهن بہ ڪن ڏي، جيڪي تنهنجي نالي جي تعظيم ڪري خوش ٿيندا آهن. مهرباني ڪري هاڻي مون کي ڪامياب ڪر ۽ بادشاهہ جي دل ۾ منهنجي لاءِ رحم وجھہ.“ تن ڏينهن ۾ آءٌ بادشاهہ جو ساقي هئس.


هڪڙو فرمان مون کي شاهي ٻيلي جي رکوالي آسف ڏانهن بہ لکي ڏنو وڃي، تہ هو مون کي عمارتي ڪاٺ ڏئي، تہ جيئن خداوند جي گھر جي ڀر واري قلعي ۽ ڪوٽ جون ڀتيون ۽ دروازا ۽ جنهن گھر ۾ آءٌ رهندس تنهن جا دروازا ۽ ٻيو سامان ٺهرايان.“ جيئن تہ منهنجي خدا جو مون تي مهربانيءَ جو هٿ هو، تنهنڪري بادشاهہ منهنجا سڀيئي عرض قبول ڪيا.


شال انهيءَ تي ڪو ئي بہ رحم نہ ڪري! نڪي سندس يتيم ٻارن تي ڪنهن کي ڪا ڪهل اچي.


تنهن کان پوءِ هن حڪم جاري ڪيو تہ ”بادشاهہ ۽ سندس اميرن جي حڪم سان هي اعلان ڪيو وڃي ٿو تہ ڪوبہ ماڻهو يا جانور، ڍور ڍڳا يا رڍون ٻڪريون نڪي کائن نڪي پيئن، بلڪ ڪوبہ ماڻهو توڙي جانور ڪا شيءِ چکي بہ نہ.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ