Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




عزرا 7:27 - Muslim Sindhi Bible

27 عزرا چيو تہ ”خداوند اسان جي ابن ڏاڏن جي خدا جي تعريف هجي، جنهن شهنشاهہ جي دل ۾ اها ڳالهہ وڌي تہ يروشلم ۾ جيڪو خداوند جو گھر آهي، تنهن جي تعظيم ٿئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

27 خداوند اسان جي ابن ڏاڏن جو خدا شل برڪت وارو هجي، جنهن بادشاهہ جي دل ۾ اهڙي ڳالهہ وڌي آهي، تہ يروشلم ۾ جيڪو خداوند جو گهر آهي، سو سينگارجي؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




عزرا 7:27
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جڏهن بادشاهہ حزقياہ ۽ سندس عملدارن اچي اهو ڏٺو، تڏهن خداوند جي واکاڻ ڪيائون ۽ بني اسرائيل قوم کي دعا ڏنائون.


پوءِ هنن ست ڏينهن خوشيءَ وچان بي‌خميري مانيءَ جي عيد ملهائي، ڇاڪاڻ تہ خداوند اشور جي شهنشاهہ جي دل انهن ڏانهن ڦيرائي کين خوشي عطا ڪئي هئي. انهيءَ لاءِ تہ بني اسرائيل جي خدا جي گھر جي تعمير واري ڪم ۾ شهنشاهہ هنن جي مدد ڪئي.


رات جو ڪجھہ ماڻهن سان گڏجي اتان نڪتس. مون ڪنهن بہ ماڻهوءَ کي نہ ٻڌايو تہ خدا منهنجيءَ دل ۾ يروشلم بابت ڇا وڌو آهي. جنهن وهٽ تي آءٌ چڙهيل هئس، تنهن کان سواءِ اسان کي ٻيو ڪو وهٽ ڪونہ هو.


هڪڙو فرمان مون کي شاهي ٻيلي جي رکوالي آسف ڏانهن بہ لکي ڏنو وڃي، تہ هو مون کي عمارتي ڪاٺ ڏئي، تہ جيئن خداوند جي گھر جي ڀر واري قلعي ۽ ڪوٽ جون ڀتيون ۽ دروازا ۽ جنهن گھر ۾ آءٌ رهندس تنهن جا دروازا ۽ ٻيو سامان ٺهرايان.“ جيئن تہ منهنجي خدا جو مون تي مهربانيءَ جو هٿ هو، تنهنڪري بادشاهہ منهنجا سڀيئي عرض قبول ڪيا.


سو منهنجي خدا منهنجي دل ۾ اها ڳالهہ وڌي تہ اميرن، اڳواڻن ۽ عام ماڻهن کي هڪ هنڌ گڏ ڪريان، تہ جيئن گھراڻن موجب سندن فهرست تيار ڪئي وڃي. سو جيڪي سڀ کان پهريائين موٽيا هئا، تن جي نسب‌نامي جو ڪتاب مون کي ملي ويو، جنهن ۾ هي لکيل هو.


موسيٰ ورندي ڏنس تہ ”آءٌ خوشيءَ سان تنهنجي لاءِ دعا گھرندس. هاڻي وقت مقرر ڪري ٻڌاءِ تہ ڪڏهن آءٌ تنهنجي، تنهنجي نوڪرن ۽ تنهنجي رعيت جي لاءِ دعا گھران تہ هي ڏيڏر تو تان ۽ تنهنجي گھرن تان دفع ٿين ۽ رڳو درياءَ ۾ وڃي رهن.“


خداوند حڪمرانن کي پنهنجي قابوءَ ۾ ٿو رکي، هو جيڏانهن چاهي ٿو، تيڏانهن پاڻيءَ جي واهين وانگر کين وهائي ٿو.


لبنان جي ٻيلن جو نهايت عمدو ڪاٺ تو وٽ آندو ويندو، يعني صنوبر، چيل ۽ شمشاد جي وڻن جو ڪاٺ. انهيءَ لاءِ تہ انهن سان منهنجي پاڪ گھر کي سينگاريو وڃي. هائو، اها هيڪل، جيڪا منهنجي پيرن جي صندلي آهي، تنهن کي آءٌ رونق بخشيندس.


هو اسان جي قوم سان گھڻو پيار ڪري ٿو ۽ اسان جو عبادت‌خانو بہ هن ئي ٺهرايو آهي.“


خدا جو شڪر آهي، جنهن طيطس جي دل ۾ بہ اوهان لاءِ اها ساڳي سرگرمي پيدا ڪئي آهي جيڪا مون ۾ آهي،


آءٌ خداوند عيسيٰ ۾ نهايت خوش آهيان، جو اوهان کي منهنجو ساٿ ڏيڻ لاءِ نئين سر ڳڻتي پيدا ٿي. بيشڪ اڳي بہ اوهان کي اهڙي ڳڻتي هئي، پر انهيءَ کي ظاهر ڪرڻ جو گھڻي وقت کان اوهان کي موقعو نہ ٿي مليو.


”جيڪو نئون عهد اچڻ وارن ڏينهن ۾ آءٌ پنهنجي قوم سان ٻڌندس، سو هي آهي تہ آءٌ پنهنجا قانون سندن دلين ۾ وجھندس، ۽ سندن ذهنن تي اهي نقش ڪندس.“


پر هاڻ آءٌ خداوند چوان ٿو تہ جيڪو عهد آءٌ بني اسرائيل سان اچڻ وارن ڏينهن ۾ ٻڌندس، سو هن طرح ٻڌندس جو آءٌ پنهنجا قانون هنن جي ذهنن ۾ وجھندس، ۽ اهي سندن دلين تي بہ لکندس. آءٌ سندن خدا هوندس، ۽ هو منهنجي قوم هوندا.


هر چڱي ۽ ڪامل بخشش مٿان کان آهي، يعني انهيءَ خدا پيءُ جي طرفان ملي ٿي، جيڪو آسمان مان روشني ڏيندڙ شين جو خالق آهي. هو ڦرندڙ پاڇن وانگر تبديل نہ ٿو ٿئي.


انهيءَ لاءِ جو خدا انهن جي دلين ۾ اها ڳالهہ وجھي ڇڏي آهي تہ اهي ڏهہ بادشاهہ سندس مقصد پورو ڪن ۽ هڪ راءِ ٿي انهيءَ وقت تائين بادشاهي ڪرڻ جو پنهنجو اختيار انهيءَ حيوان جي حوالي ڪن، جيستائين خدا جون ڳالهيون پوريون ٿين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ