Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




عزرا 7:24 - Muslim Sindhi Bible

24 اوهان کي اهو بہ معلوم هجي تہ ڪاهنن، لاوين، خدا جي هيڪل جي ڳائڻن، دربانن ۽ خدمتگارن يا هيڪل سان واسطي رکندڙن مان ڪنهن تي بہ ڪا ڍل، ٽيڪس يا چونگي ناهي مڙهڻي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

24 ۽ اسين اوهان کي هي تاڪيد بہ ٿا ڪريون تہ ڪاهنن، لاوين، ڳائڻن، دربانن، نتينيم، يا خدا جي هن گهر جي خدمتگارن مان ڪنهن تي بہ ڍل، يا محصول، يا چونگي، رکڻ جائز نہ آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




عزرا 7:24
8 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر مذهبي اڳواڻن جي زمين هن خريد نہ ڪئي، ڇاڪاڻ تہ مذهبي اڳواڻن کي فرعون کان وظيفو ملندو هو ۽ هو انهيءَ تي گذران ڪندا هئا. سو انهن کي پنهنجي زمين وڪڻڻ جي ضرورت پيش نہ آئي.


سو يوسف مصر جي ملڪ لاءِ اهو قانون ٺاهي ڇڏيو تہ فصل جو پنجون حصو فرعون بادشاهہ کي ملي. اهو قانون اڄ ڏينهن تائين هلندو ٿو اچي. رڳو مذهبي اڳواڻن جي زمين فرعون جي ڪانہ ٿي.


سو شهنشاهہ سلامت کي معلوم هجي تہ جيڪڏهن اهو شهر وري تعمير ٿي ويو ۽ ان جون ڀتيون پوريون ٿي ويون تہ اهي ماڻهو ڍل، ٽيڪس ۽ چونگي ڏيڻ بند ڪري ڇڏيندا، جنهن جي نتيجي ۾ اوهان کي خراج جي وصوليءَ ۾ نقصان پهچندو.


جيئن تہ يروشلم ۾ وڏا طاقتور بادشاهہ ٿي گذريا آهن جن اولهہ واري فرات نديءَ جي صوبي وارن سڀني ملڪن تي بادشاهي پئي ڪئي آهي ۽ کين ڍل، ٽيڪس ۽ چونگي پئي مليا آهن.


سو ارتخششتا شهنشاهہ جي شاهيءَ جي ستين سال ڪجھہ بني اسرائيل جن ۾ ڪاهن، لاوي، هيڪل جا ڳائڻا، دربان ۽ خدمتگار شامل هئا، سي پڻ عزرا سان گڏ يروشلم ۾ آيا.


اڃا ٻين بہ چيو پئي تہ ”اسان پنهنجين ٻنين ۽ انگورن جي باغن جي ڍل شهنشاهہ کي ڏيڻ لاءِ پئسا اڌارا ورتا آهن.


عيسيٰ اتان روانو ٿيو ۽ رستي سان هلندي هن متيءَ نالي هڪ شخص کي پنهنجي ٽيڪس اُڳاڙڻ واري اڏي تي ويٺل ڏٺو. عيسيٰ هن کي سڏي چيو تہ ”منهنجي پٺيان هل.“ تنهن تي متي اٿيو ۽ سندس پٺيان هلڻ لڳو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ