Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




عزرا 7:21 - Muslim Sindhi Bible

21 آءٌ انهن خزانچين ڏانهن هي حڪم جاري ڪريان ٿو جيڪي اولهہ واري فرات نديءَ جي صوبي ۾ رهن ٿا، تہ ”عرش عظيم جي خدا جي شريعت جي عالم عزرا ڪاهن کي جيڪي بہ گھرجي سو اوهين سعيو ڪري کيس مهيا ڪري ڏجو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

21 ۽ آءٌ، يعني ارتخششتا بادشاهہ، جيڪي خزانچي نديءَ جي هن ڀر آهن، تن سڀني ڏانهن حڪم جاري ٿو ڪريان تہ جيڪي بہ عزرا ڪاهن، آسمان جي خدا جي شريعت جو استاد اوهان کي ڪرڻ لاءِ چوي، سو اوهين گهڻي سعيي سان ڪجو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




عزرا 7:21
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنهنڪري اسين شهنشاهہ سلامت کي اطلاع ٿا ڏيون تہ جيڪڏهن هي شهر تعمير ٿي ويو ۽ ان جون ڀتيون وري جڙي راس ٿي ويون تہ پوءِ اولهہ واري فرات نديءَ جي صوبي ۾ اوهان جي حڪمراني نہ رهندي.“


جيئن تہ يروشلم ۾ وڏا طاقتور بادشاهہ ٿي گذريا آهن جن اولهہ واري فرات نديءَ جي صوبي وارن سڀني ملڪن تي بادشاهي پئي ڪئي آهي ۽ کين ڍل، ٽيڪس ۽ چونگي پئي مليا آهن.


شهنشاهہ دارا ورنديءَ ۾ لکي موڪليو تہ ”اي تتني! اولهہ واري فرات نديءَ جي صوبي جا گورنر ۽ اي شتر بوزني ۽ اوهان جا ساٿي عملدار! اوهين انهيءَ کان پري رهو.


انهن ڳالهين کان ڪيترائي سال پوءِ فارس جي شهنشاهہ ارتخششتا جي شاهيءَ جي ڏينهن ۾ هڪ شخص عزرا ولد سراياہ ولد عزرياہ ولد خلقياہ


اوهين ساڍا ٽي هزار ڪلوگرام چاندي، ڏهہ هزار ڪلوگرام ڪڻڪ، ٻہ هزار ليٽر مئي ۽ ٻہ هزار ليٽر زيتون جو تيل ۽ بي‌انداز لوڻ ڏجو.


بابل کان يروشلم ڏانهن روانو ٿيو. موسيٰ جي شريعت جيڪا خداوند، بني اسرائيل جي خدا ڏني هئي، تنهن ۾ هو هوشيار عالم هو. شهنشاهہ هن کي هر اُها شيءِ ڏني جيڪا هن کانئس گھري، ڇاڪاڻ تہ خداوند سندس خدا جو هٿ مٿس هو.


هنن شهنشاهہ جا حڪم‌ناما سندس نائبن ۽ اولهہ واري فرات نديءَ جي صوبي وارن گورنرن کي پهچائي ڏنا، جنهن کان پوءِ هنن پوري قوم ۽ خدا جي گھر جي مدد ڪئي.


مون کيس اهو بہ چيو تہ ”اي بادشاهہ سلامت! مهرباني فرمائي مون کي اولهہ واري فرات نديءَ جي صوبي وارن گورنرن ڏانهن فرمان لکي ڏيو تہ جيئن هو مون کي راهداري ڏين، تان جو آءٌ وڃي يهوداہ ۾ پهچان.


اي خداوند! تو اسان کي پنهنجا قاعدا قانون انهيءَ لاءِ ڏنا آهن، تہ جيئن اسين انهن تي دل وَ جان سان عمل ڪريون.


آءٌ هي حڪم جاري ٿو ڪريان تہ منهنجي سلطنت جي هر حصي ۾ ماڻهو دانيال جي خدا جي حضور ڊڄن ۽ سندس تعظيم ڪن. هو ئي زندہ ۽ ابد تائين قائم وَ دائم رهندڙ خدا آهي. هن جي بادشاهت اهڙي آهي، جيڪا ڪڏهن بہ ناس نہ ٿيندي، هائو، سندس بادشاهي پيڙهي بہ پيڙهي هلندي رهندي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ