عزرا 7:10 - Muslim Sindhi Bible10 اهو انهيءَ ڪري هو جو عزرا خداوند جي شريعت جي مطالعي ڪرڻ، مٿس عمل ڪرڻ ۽ بني اسرائيل ۾ قاعدن قانونن جي تعليم ڏيڻ لاءِ پنهنجو پاڻ کي وقف ڪري ڇڏيو هو. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible10 ڇالاءِ جو عزرا پنهنجي دل ۾، خداوند جي شريعت جو طالب رهڻ لاءِ، ۽ انهيءَ تي عمل ڪرڻ لاءِ، ۽ اسرائيل ۾ قاعدن ۽ حڪمن جي تعليم ڏيڻ لاءِ پڪو ارادو ڪيو هو. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
تڏهن سموئيل بني اسرائيل جي سڀني ماڻهن کي چيو تہ ”جيڪڏهن اوهين پوريءَ دل سان خداوند آڏو توبهہتائب ٿا ٿيو، تہ پوءِ ڌارين معبودن ۽ عستارات ديويءَ جي مورتين کي پاڻ وٽان ڪڍي اڇلائي ڇڏيو ۽ پنهنجو پاڻ کي دل سان خداوند جي حوالي ڪري ڇڏيو ۽ رڳو انهيءَ جي ئي عبادت ڪريو. تڏهن ئي هو اوهان کي فلستين جي هٿن مان ڇڏائيندو.“