Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




عزرا 7:1 - Muslim Sindhi Bible

1 انهن ڳالهين کان ڪيترائي سال پوءِ فارس جي شهنشاهہ ارتخششتا جي شاهيءَ جي ڏينهن ۾ هڪ شخص عزرا ولد سراياہ ولد عزرياہ ولد خلقياہ

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

1 هاڻي انهن ڳالهين کانپوءِ، فارس جي بادشاهہ ارتخششتا جي بادشاهيءَ ۾، عزرا بن سراياہ، بن خلقياہ،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




عزرا 7:1
19 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

”تون سردار ڪاهن خلقياہ وٽ وڃ ۽ کيس چئُہ تہ خداوند جي گھر ۾ ماڻهن جا آندل پئسا، جيڪي هيڪل جي دربانن ماڻهن کان وٺي گڏ ڪيا آهن، تن جو حساب ڪتاب ڪيو وڃي.


جڏهن سافن بادشاهہ جو حڪم کڻي سردار ڪاهن خلقياہ وٽ ويو، تڏهن خلقياہ سافن کي چيو تہ ”مون خداوند جي گھر مان شريعت جو ڪتاب لڌو آهي.“ پوءِ هن اُهو ڪتاب سافن کي ڏنو جنهن اُهو پڙهيو.


بابلي سالار نبوزرادان سردار ڪاهن سراياہ، نائب ڪاهن صفنياہ ۽ دربانن جي ٽن نگرانن کي قيد ڪري پنهنجي ملڪ وٺي ويو.


تڏهن خلقياہ شاهي محرر سافن کي چيو تہ ”مون خداوند جي گھر مان هي شريعت جو ڪتاب لڌو آهي.“ پوءِ اهو ڪتاب سافن کي ڏنائين،


هو سردار ڪاهن خلقياہ وٽ آيا ۽ کانئس اهي پئسا ورتائون جيڪي لاوي دربانن خداوند جي گھر ۾ گڏ ڪيا هئا ۽ خلقياہ وٽ رکيل هئا. اهي پئسا اسرائيل جي منسي ۽ افرائيم قبيلن ۽ باقي اسرائيل وارن کان ورتا ويا هئا، تنهن کان سواءِ بنيامين قبيلي وارن، يروشلم بلڪ سڄي يهوداہ وارن کان پڻ وصول ڪيا ويا هئا.


وري فارس جي شهنشاهہ ارتخششتا جي ڏينهن ۾ بشلام، متردات، طابئيل ۽ سندن ٻين ساٿين ڏانهس ارامي ٻوليءَ ۾ هڪ شڪايتي خط لکيو جيڪو ٻي ٻوليءَ ۾ کيس پڙهي ٻڌايو ويو.


سو حجي ۽ زڪرياہ نبين جي پيغامن مطابق يهودين جي اڳواڻن تعمير جو ڪم جاري رکيو. هنن بني اسرائيل جي خدا جي حڪم موجب ۽ فارس جي بادشاهن خورس، دارا ۽ ارتخششتا جي فرمانن موجب هيڪل جوڙي تيار ڪئي.


اهو انهيءَ ڪري هو جو عزرا خداوند جي شريعت جي مطالعي ڪرڻ، مٿس عمل ڪرڻ ۽ بني اسرائيل ۾ قاعدن قانونن جي تعليم ڏيڻ لاءِ پنهنجو پاڻ کي وقف ڪري ڇڏيو هو.


شهنشاهہ ارتخششتا جي طرفان عزرا ڪاهن ڏانهن سلام، جيڪو عرش عظيم جي خدا جي شريعت جو وڏو عالم آهي،


ولد سلوم ولد صدوق ولد اخيطوب


آءٌ انهن خزانچين ڏانهن هي حڪم جاري ڪريان ٿو جيڪي اولهہ واري فرات نديءَ جي صوبي ۾ رهن ٿا، تہ ”عرش عظيم جي خدا جي شريعت جي عالم عزرا ڪاهن کي جيڪي بہ گھرجي سو اوهين سعيو ڪري کيس مهيا ڪري ڏجو.


۽ شراياہ ولد خلقياہ ولد مسلام ولد صدوق ولد مرايوت ولد اخيطوب جيڪو هيڪل ۾ سردار ڪاهن هو.


چئن مهينن کان پوءِ هڪڙي ڏينهن جڏهن بادشاهہ جي اڳيان مئي آندي ويئي، تڏهن مون مئي کڻي بادشاهہ کي ڏني. ان کان اڳ هن مون کي ڪڏهن بہ غمگين نہ ڏٺو هو،


جڏهن بني اسرائيل پنهنجن پنهنجن شهرن ۾ آباد ٿي ويا، تڏهن ستين مهيني جي پهرينءَ تاريخ تي سڀ ماڻهو يڪمشت ٿي يروشلم جي پاڻيءَ واري دروازي جي اڳيان کُليل ميدان ۾ اچي گڏ ٿيا. شريعت جي عالم عزرا ڪاهن کي هنن عرض ڪيو تہ هو موسيٰ جي شريعت جو ڪتاب آڻي پڙهي ٻڌائي، جنهن ۾ خداوند بني اسرائيل لاءِ حڪم ڏنا آهن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ