عزرا 6:8 - Muslim Sindhi Bible8 انهيءَ کان علاوہ آءٌ هي حڪم ٿو ڪريان تہ خدا جي هن گھر جي تعمير ڪرڻ ۾ اوهين يهودين جي اڳواڻن جي مدد ڪريو. هنن ماڻهن جا خرچ پکا شاهي خزاني يعني اولهہ واري فرات نديءَ جي صوبي جي ٽيڪس مان وقت سر ادا ڪيا وڃن تہ جيئن ڪم رڪجي نہ وڃي. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible8 تنهن کانسواءِ آءٌ هي حڪم ٿو ڪريان، تہ خدا جي هن گهر جوڙڻ لاءِ، يهودين جي بزرگن سان ڪهڙي هلت ڪجو: بادشاهہ جي مال مان، يعني نديءَ جي هن ڀر جي ڍل مان، ڏاڍي ڪوشش سان هنن ماڻهن کي خرچ پهچايو وڃي، تہ هنن کي روڪ نہ ٿئي. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
هڪڙو فرمان مون کي شاهي ٻيلي جي رکوالي آسف ڏانهن بہ لکي ڏنو وڃي، تہ هو مون کي عمارتي ڪاٺ ڏئي، تہ جيئن خداوند جي گھر جي ڀر واري قلعي ۽ ڪوٽ جون ڀتيون ۽ دروازا ۽ جنهن گھر ۾ آءٌ رهندس تنهن جا دروازا ۽ ٻيو سامان ٺهرايان.“ جيئن تہ منهنجي خدا جو مون تي مهربانيءَ جو هٿ هو، تنهنڪري بادشاهہ منهنجا سڀيئي عرض قبول ڪيا.