Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




عزرا 6:6 - Muslim Sindhi Bible

6 شهنشاهہ دارا ورنديءَ ۾ لکي موڪليو تہ ”اي تتني! اولهہ واري فرات نديءَ جي صوبي جا گورنر ۽ اي شتر بوزني ۽ اوهان جا ساٿي عملدار! اوهين انهيءَ کان پري رهو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

6 تنهنڪري هاڻي اي تتني، نديءَ جي هن ڀر جا والي، ۽ شتربوزني، ۽ اوهان جا سنگتي افرسڪين، جي نديءَ جي هن ڀر آهيو، اوهين انهيءَ هنڌ کان پري رهجو:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




عزرا 6:6
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هن چيس تہ ”اڳتي تنهنجو نالو يعقوب نہ پر اسرائيل سڏيو ويندو، ڇو تہ تون ماڻهن کان علاوہ خدا سان بہ ملهہ وڙهيو آهين ۽ کٽي ويو آهين.“


شال قادرِمطلق خدا انهيءَ کي اوهان تي مهربان ڪري، تہ جيئن هو بنيامين ۽ اوهان جي ٻئي ڀاءُ کي اوهان سان گڏ ڇڏي ڏئي. باقي جيڪڏهن آءٌ بي‌اولادي ٿيان تہ ٿيان.“


”هي خط ناظم اعليٰ رحوم گورنر، سندس محرر شمسي ۽ سندن ساٿين جيڪي جج ۽ وڏا عملدار آهن، تن جي طرفان آهي. انهيءَ کان علاوہ انهن جي طرفان بہ آهي جيڪي ارڪ، بابل ۽ عيلام جي گاديءَ واري شهر سوسن جا اصلي رهاڪو هئا.


انهيءَ دوران اولهہ واري فرات نديءَ جي صوبي جو گورنر تتني ۽ شتر بوزني ۽ انهن جا ساٿي وٽن آيا ۽ کانئن پڇيائون تہ ”هن عبادت‌گاهہ ۽ انهيءَ جي ڀتين کي وري تعمير ڪرڻ جو اختيار اوهان کي ڪنهن ڏنو آهي؟“


جيڪو خط اولهہ واري فرات نديءَ جي صوبي واري گورنر تتنيءَ ۽ شتر بوزني ۽ سندس ساٿي عملدارن دارا شهنشاهہ ڏانهن موڪليو هو، تنهن جو متن هي آهي تہ


تڏهن اولهہ واري فرات نديءَ جي صوبي واري گورنر تتنيءَ ۽ شتر بوزني ۽ انهن جي ساٿين مڪمل طرح شهنشاهہ جي ان حڪم جي تعميل ڪئي.


خدا جي گھر جي هن ڪم ۾ اوهين اجائي ٽنگ نہ اڙايو. يهودين جو گورنر ۽ سندن اڳواڻ ڀلي تہ خدا جو گھر انهيءَ ساڳيءَ جاءِ تي وري تعمير ڪن.


تنهنڪري تون پنهنجي هن ٻانهي جي دعا ٻڌ ۽ پنهنجي انهن ٻانهن جي دعا ڏانهن بہ ڪن ڏي، جيڪي تنهنجي نالي جي تعظيم ڪري خوش ٿيندا آهن. مهرباني ڪري هاڻي مون کي ڪامياب ڪر ۽ بادشاهہ جي دل ۾ منهنجي لاءِ رحم وجھہ.“ تن ڏينهن ۾ آءٌ بادشاهہ جو ساقي هئس.


توڙي جو انسان ڪيڏو بہ غصو ڪري، تہ بہ هو تنهنجيءَ تعريف جو سبب بڻبو. هائو، سندس غصي جي نتيجي ۾ تون واکاڻ جو تاج پائيندين.


خداوند حڪمرانن کي پنهنجي قابوءَ ۾ ٿو رکي، هو جيڏانهن چاهي ٿو، تيڏانهن پاڻيءَ جي واهين وانگر کين وهائي ٿو.


جيڪڏهن خداوند ڪنهن جي خلاف آهي تہ ڪابہ ڏاهپ، سوچ سمجھہ يا صلاح مصلحت ڪم نہ ٿي اچي.


تنهن هوندي بہ خداوند پنهنجي قوم کي جلاوطنيءَ جي سزا بيشڪ ڏني. هائو، هن سخت آنڌيءَ جيان اوڀر جا لشڪر آڻي، کين پري ڌڪي ڪڍي ڇڏيو.


سو انهن سڀني ڳالهين جي نتيجي ۾ اسين ڇا چئون؟ جيڪڏهن خدا اسان سان آهي تہ ڪير اسان جو مخالف ٿي سگھندو؟


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ