Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




عزرا 6:5 - Muslim Sindhi Bible

5 خدا جي گھر جا سونا ۽ چانديءَ وارا ٿانوَ جيڪي نبوڪدنضر يروشلم مان ڪڍي بابل ۾ آندا هئا، سي بہ موٽائي يروشلم ۾ ساڳيءَ جاءِ تي خدا جي گھر اندر رکيا وڃن.‘“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

5 ۽ خدا جي گهر جا سونا ۽ روپا باسڻ، جي نبوڪدنضر يروشلم واري هيڪل مان ڪڍي بابل ۾ آندا، سي بہ موٽائي يروشلم واري هيڪل ۾ رکيا وڃن، جيئن سڀڪو باسڻ پنهنجي جاءِ تي رهي، ۽ اُهي تون خداوند جي گهر ۾ رکج.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




عزرا 6:5
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سو جيئن خداوند اڳ ئي ٻڌائي ڇڏيو هو، تيئن نبوڪدنضر خداوند جي هيڪل مان ۽ شاهي محل مان سڀ خزانا ميڙي سيڙي کڻائي ويو ۽ سون جون اهي شيون بہ ٽڪرا ٽڪرا ڪرائي ڇڏيون جيڪي اسرائيل جي بادشاهہ سليمان خداوند جي گھر لاءِ ٺهرايون هيون.


نئين سال جي بهار جي موسم ۾ بادشاهہ نبوڪدنضر لشڪر موڪلي هن کي بابل ۾ آڻايو ۽ ساڻس گڏ خداوند جي گھر مان قيمتي شيون بہ آڻايائين ۽ يهوياڪين جي چاچي صدقياہ کي يروشلم بلڪ سڄي يهوداہ جو بادشاهہ مقرر ڪيائين.


خدا جي گھر جا سڀ ٿانوَ، وڏا توڙي ننڍا، ان جا خزانا ۽ بادشاهہ ۽ سندس عملدارن جا خزانا، اهي سڀ جو سڀ هو بابل ڏانهن کڻائي ويو.


خدا جي هيڪل جا سون ۽ چانديءَ جا ٿانوَ جيڪي نبوڪدنضر يروشلم مان ڪڍي بابل واري پوڄا گھر ڏانهن کڻي ويو هو، سي بہ خورس شهنشاهہ بابل جي پوڄا گھر مان ڪڍي هڪڙي ماڻهوءَ جي حوالي ڪيا جنهن جو نالو شيس‌بضر هو، جنهن کي هن يهوداہ جو گورنر مقرر ڪيو هو.


پوءِ مون يرمياہ وڃي ڪاهنن ۽ ٻين سڀني ماڻهن کي خداوند جو هي فرمان ٻڌايو تہ ”اوهين انهن نبي سڏائيندڙن جي ڳالهين ڏانهن ڌيان نہ ڏيو، جيڪي اڳڪٿي ڪري چون ٿا تہ ’هاڻ سگھو ئي خداوند جي هيڪل جو سامان بابل مان موٽائي آندو ويندو.‘ اهي اوهان کي ڪوڙيون اڳڪٿيون ڪري ٿا ٻڌائين.


ان کان علاوہ سون ۽ چانديءَ جون ٺهيل شيون جن ۾ پياليون، پيالا، ٽانڊن رکڻ لاءِ منگالا، رک لاءِ تغاريون، شمعدان، لوبان‌دان ۽ اوتڻ واري قربانيءَ جا پيالا شامل هئا، سي سڀ پڻ شاهي محافظن جو سالار کڻائي ويو.


پروردگار بادشاهہ يهويقيم کي نبوڪدنضر جي هٿان گرفتار ڪرايو ۽ انهيءَ سان گڏ پنهنجي هيڪل جا چونڊ ٿانوَ بہ هن جي هٿ ۾ ڏيئي ڇڏيائين. نبوڪدنضر اهي ساڻ کڻي بابل ملڪ ۾ پنهنجي معبود جي بت‌خاني ۾ آيو، جتي هن اهي ٿانوَ بت‌خاني جي خزاني ۾ رکي ڇڏيا.


مئي پيئندي پيئندي نشي ۾ بيلشضر حڪم ڪيو تہ سون ۽ چانديءَ جا جيڪي ٿانوَ سندس پيءُ نبوڪدنضر يروشلم جي هيڪل مان ڪڍي آندا هئا، سي وٽس آندا وڃن تہ جيئن بادشاهہ پاڻ، سندس امير، سندس زالون ۽ سريتون انهن ۾ مئي پيئن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ