Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




عزرا 6:4 - Muslim Sindhi Bible

4 انهيءَ جي ڀتين ۾ وڏن پٿرن جي هر ٽن بارن کان پوءِ هڪ بار نئين ڪاٺ جو هجي. انهيءَ ڪم جو سمورو خرچ شاهي خزاني مان ڏنو وڃي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

4 وڏن پٿرن جي ٽن قطارن، ۽ نئين ڪاٺ جي هڪڙي قطار سان: ۽ انهيءَ جو ڪل خرچ بادشاهہ جي گهر مان ڏجي:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




عزرا 6:4
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هيڪل جي اڳيان اڱڻ جوڙايو ويو جنهن جي ڀتين ۾ تراشيل پٿرن جي هر ٽئين بار کان پوءِ ديال جي ڪاٺ جو شهتير پيل هو.


پوءِ ماڻهن رازن ۽ واڍن جي مزدوريءَ لاءِ پئسا ڏنا. هنن کائڻ پيئڻ جون شيون ۽ زيتون جو تيل بہ ڏنو تہ جيئن اهي شيون صيدا ۽ صور ڏانهن موڪليون وڃن، جنهن جي عيوض لبنان کان يافا تائين سمنڊ رستي ديال جا وڻ وڍائي آندا وڃن. اهو سڀ ڪجھہ فارس جي بادشاهہ خورس جي اجازت سان ٿي ڪيو ويو.


شهنشاهہ سلامت کي نيڪ روشن هجي تہ اسين يهوداہ علائقي ۾ خدا تعاليٰ جي گھر ڏانهن وياسين. اتي ڏٺوسون تہ ماڻهو ان گھر کي وڏن وڏن پٿرن سان تعمير پيا ڪن ۽ سندس ڀتين ۾ ڪاٺ پئي وڌائون. انهن جي اڳواڻن جي هدايتن هيٺ ڪم وڏي سوچ ويچار ۽ تيزيءَ سان ٿيندو پيو وڃي.


انهيءَ کان علاوہ آءٌ هي حڪم ٿو ڪريان تہ خدا جي هن گھر جي تعمير ڪرڻ ۾ اوهين يهودين جي اڳواڻن جي مدد ڪريو. هنن ماڻهن جا خرچ پکا شاهي خزاني يعني اولهہ واري فرات نديءَ جي صوبي جي ٽيڪس مان وقت سر ادا ڪيا وڃن تہ جيئن ڪم رڪجي نہ وڃي.


اها ئي قدرت تون هيڪل مان ظاهر ڪر، جيڪا يروشلم ۾ آهي، جتي بادشاهہ تنهنجي لاءِ نذرانا ٿا آڻين.


ترسيس ۽ ٻيٽن جا بادشاهہ هن لاءِ نذرانا آڻيندا. صبا ۽ شبا ملڪن جا بادشاهہ هن لاءِ سوغاتون آڻيندا.


انهن جا بادشاهہ تنهنجي پٽن جا سنڀاليندڙ ابا ٿيندا، ۽ راڻيون تنهنجي ڌيئرن جون پاليندڙ مائرون ٿينديون. اهي گوڏن ڀر جھڪي تنهنجي تعظيم ڪندا. هائو، اهي تنهنجي پيرن جي مٽي چٽيندا. تڏهن تون ڄاڻيندينءَ تہ آءٌ ئي خداوند آهيان، ۽ جيڪي مون تي ڀروسو ٿا ڪن، سي ڪڏهن بہ شرمندا نہ ٿيندا.“


پر زمين انهيءَ عورت جي مدد ڪئي ۽ پنهنجو وات کولي انهيءَ پاڻيءَ کي پي ويئي، جيڪو ازدها پنهنجي وات مان وهايو هو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ