عزرا 6:21 - Muslim Sindhi Bible21 سو بني اسرائيل جيڪي جلاوطنيءَ مان موٽي آيا هئا ۽ اُهي ماڻهو جيڪي ملڪ جي غير قومن جي گندگيءَ مان نڪري پاڻ کي ڌار ڪري خداوند، بني اسرائيل جي خدا جي عبادت ڪرڻ لاءِ هنن وٽ آيا هئا، تن سڀني گڏجي کاڌو. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible21 ۽ بني اسرائيل، جي وري بہ قيد مان ڇُٽي آيا هئا، ۽ اُهي ماڻهو جي ملڪ جي غير قومن جي گندگيءَ مان نڪري، پاڻ کي ڌار ڪري، خداوند اسرائيل جي خدا جي ڳولڻ لاءِ هنن وٽ آيا هئا، تن سڀني کاڌو، အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
اسين سڀيئي ماڻهو، ڪاهن، لاوي، هيڪل جا دربان، ڳائڻا ۽ خدمتگار ۽ اُهي سڀ ماڻهو جن خدا جي شريعت خاطر پنهنجي ملڪ ۾ رهندڙ ڌارين قومن کان پاڻ کي ڌار ڪيو آهي، اسان جون زالون، پٽ، ڌيئرون، پنهنجن ڀائرن ۽ پنهنجن اميرن سان شامل ٿي پنهنجي عقل ۽ هوش حواس سان قسم تي چئون ٿا ۽ لکي ٿا ڏيون ۽ جيڪڏهن انهيءَ اقرار جي ڀڃڪڙي ڪريون تہ اسان تي لعنت هجي. ”اسين خدا جي انهيءَ شريعت تي هلنداسين، جيڪا خدا جي ٻانهي موسيٰ جي معرفت ڏني ويئي آهي. اسين خداوند پنهنجي خدا جي سڀني حڪمن ۽ قاعدن قانونن کي مڃينداسون ۽ انهن تي عمل ڪنداسون.