Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




عزرا 6:17 - Muslim Sindhi Bible

17 خدا جي انهيءَ گھر کي مخصوص ڪرڻ وقت هنن هڪ سؤ ڍڳا، ٻہ سؤ گھٽا، چار سؤ گھيٽا قربان ڪيا ۽ سڄي بني اسرائيل طرفان پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيءَ لاءِ ٻارهن ٻڪر، هر هڪ قبيلي طرفان هڪ ٻڪر جي حساب سان قربان ڪيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

17 ۽ انهيءَ خدا جي گهر جي تصدق ڪرڻ لاءِ، هنن هڪ سؤ ڍڳا، ٻہ سؤ گهٽا، ۽ چار سؤ گهيٽا قربان ڪيا؛ ۽ سڄي اسرائيل جي طرفان گناهہ جي قربانيءَ لاءِ اسرائيل جي فرقن جي شمار موجب، ٻارهن ٻڪر قرباني ڏنائون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




عزرا 6:17
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

الياس ٻارهن پٿر کنيا، جيڪي يعقوب جي نسل يعني بني اسرائيل جي ٻارهن قبيلن جي تعداد موجب هئا. هي يعقوب اهو هو جنهن کي خداوند چيو هو تہ ”تنهنجو نالو اسرائيل ٿيندو.“


پوءِ بادشاهہ سليمان ۽ بني اسرائيل جي سڀني ماڻهن خداوند جي حضور ۾ قربانيون پيش ڪيون.


ان کان پوءِ ڪاهنن اهي ٻڪر ڪُٺا ۽ سڄي بني اسرائيل جي ڪفاري لاءِ انهن جو رت قربان‌گاهہ تي پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيءَ طور هاريو، ڇاڪاڻ تہ بادشاهہ حڪم ڏنو هو تہ سڄي قوم لاءِ ساڙڻ واري قرباني ۽ پاڪ ٿيڻ واسطي قرباني ڪئي وڃي.


سليمان خداوند جي حضور ۾ سلامتيءَ جون قربانيون پيش ڪيون، جن ۾ هن ٻاويهہ هزار ڍور ڍڳا ۽ هڪ لک ويهہ هزار رڍون ٻڪريون ذبح ڪيون. اهڙيءَ طرح بادشاهہ ۽ بني اسرائيل جي سڀني ماڻهن خداوند جو گھر مخصوص ڪيو.


تنهن کان پوءِ جيڪي جلاوطنيءَ مان موٽيا هئا تن بني اسرائيل جي خدا لاءِ هي ساڙڻ واريون قربانيون پيش ڪيون: ٻارهن ڍڳا سڄي بني اسرائيل جي ٻارهن قبيلن مطابق، ڇهانوي گھٽا، ستهتر گھيٽا. اهي سڀ خداوند جي لاءِ ساڙڻ واري قربانيءَ طور هئا. انهيءَ کان علاوہ پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيءَ لاءِ ٻارهن ٻڪر بہ هئا.


پوءِ جڏهن کيس پنهنجو ڪيل گناهہ معلوم ٿي وڃي، تڏهن هو پنهنجي قربانيءَ واسطي هڪڙي بي‌عيب ٻڪري آڻي پنهنجي ڪيل گناهہ جي لاءِ پيش ڪري.


جيڪڏهن سردار ڪاهن ڪو اهڙو گناهہ ڪري وجھي، جنهن جي ڪري سڄي قوم ڏوهاري ٿئي، تہ پوءِ هو پنهنجي ڪيل گناهہ جي لاءِ هڪڙو بي‌عيب وهڙو مون خداوند جي حضور ۾ پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيءَ طور آڻي پيش ڪري.


اوهين منهنجي بادشاهيءَ ۾ مون سان گڏ کائيندا پيئندا ۽ اوهان مان هر ڪو تخت تي ويهي بني اسرائيل جي ٻارهن قبيلن جا فيصلا ڪندو.“


شهر جي وڏي ۽ مٿاهين ڪوٽ کي ٻارهن دروازا هئا، جن تي ٻارهن ملائڪ بيٺا هئا. دروازن تي بني اسرائيل جي ٻارهن قبيلن جا نالا لکيل هئا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ