Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




عزرا 5:2 - Muslim Sindhi Bible

2 تڏهن زربابل ولد سالتي‌ايل ۽ يشوع ولد يوصدق يروشلم ۾ خداوند جي گھر کي وري تعمير ڪرڻ جي ڪم کي لڳي ويا. انهن ٻنهي سان خدا جا نبي بہ گڏ هئا جن ساڻن مدد پئي ڪئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

2 تڏهن زربابل بن سالتي ايل، ۽ يشوع بن يوصدق اُٿيا، ۽ خدا جو گهر، جو يروشلم ۾ آهي، سو جوڙڻ لڳا؛ ۽ انهن سان خدا جا نبي شامل هئا، جن انهن کي مدد ڏني.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




عزرا 5:2
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اهي سڀ خورس شهنشاهہ متردات نالي شاهي خزانچيءَ جي هٿان ڪڍائي آندا، جنهن اهي بني يهوداہ جي سردار شيس‌بضر کي ڳڻي ڏنا.


ڪاهنن مان جن ڌاريون عورتون پرڻيون هيون سي هي هئا: معسياہ، اليعزر، يارب ۽ جِدلياہ، جيڪي يشوع ولد يوصدق جي ڀائرن ۽ اولاد مان هئا.


تڏهن يشوع ولد يوصدق ۽ سندس ٻيا ساٿي ڪاهن، زربابل ولد سالتي‌ايل ۽ سندس قوم وارا اٿيا ۽ بني اسرائيل جي خدا جي قربان‌گاهہ تعمير ڪرڻ لڳا تہ جيئن انهيءَ تي ساڙڻ واريون قربانيون پيش ڪن، جيئن خدا جي ٻانهي موسيٰ جي شريعت ۾ لکيل آهي.


يروشلم شهر ۾ هيڪل جي جاءِ تي پهچڻ کان پوءِ، ٻئي سال جي ٻئي مهيني ۾ زربابل، يشوع، ڪاهن، لاوي ۽ سندن ٻيا هم‌قوم، يعني اهي سڀ جيڪي جلاوطنيءَ مان موٽي يروشلم ۾ آيا هئا تن ڪم شروع ڪري ڏنو. جيڪي لاوي ويهن سالن جا يا انهيءَ کان وڏيءَ عمر جا هئا تن کي هنن هيڪل جي تعمير جي نظرداري ڪرڻ لاءِ مقرر ڪيو.


سو حجي ۽ زڪرياہ نبين جي پيغامن مطابق يهودين جي اڳواڻن تعمير جو ڪم جاري رکيو. هنن بني اسرائيل جي خدا جي حڪم موجب ۽ فارس جي بادشاهن خورس، دارا ۽ ارتخششتا جي فرمانن موجب هيڪل جوڙي تيار ڪئي.


اڄ نائين مهيني جي چوويهين تاريخ آهي ۽ اڄوڪي ڏينهن اوهان هيڪل جو بنياد رکي چڪا آهيو سو هاڻي کان اوهين غور ڪري ڏسجو تہ ايندڙ وقت ۾ اوهان کي ڇا ٿو ملي.


تڏهن هن ٻڌايو تہ ”هي انهن ٻن شخصن ڏانهن اشارو آهي، جن کي رب العالمين جي خاص خدمت لاءِ مسح ڪري مخصوص ڪيو ويو آهي.“


تڏهن مون انهيءَ ملائڪ کان پڇيو تہ ”اي منهنجا سائين! هن مان ڇا مراد آهي؟“


اهو سون ۽ چاندي کڻي وڃي تون انهن مان هڪڙو تاج ٺهراءِ ۽ اهو تاج سردار ڪاهن يشوع ولد يهوصدق جي مٿي تي وڃي رک.


قادر‌مطلق خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي بني اسرائيل وارؤ! دلجاءِ ڪريو ۽ همت نہ هاريو. هن وقت اوهين اهو ساڳيو ئي فرمان ٻڌو ٿا، جيڪو نبين انهن ڏينهن ۾ ٻڌايو هو جڏهن نئين سر تعمير ڪرڻ لاءِ منهنجي هيڪل جو بنياد وڌو ٿي ويو.


مطلب تہ ايمان جي معاملي ۾ اسين اوهان تي حڪم هلائڻ نہ ٿا چاهيون، پر اوهان جي خوشيءَ ۾ اوهان جا مددگار آهيون، ڇاڪاڻ تہ اوهين پنهنجي ايمان تي مضبوطيءَ سان قائم آهيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ