Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




عزرا 5:14 - Muslim Sindhi Bible

14 خدا جي هيڪل جا سون ۽ چانديءَ جا ٿانوَ جيڪي نبوڪدنضر يروشلم مان ڪڍي بابل واري پوڄا گھر ڏانهن کڻي ويو هو، سي بہ خورس شهنشاهہ بابل جي پوڄا گھر مان ڪڍي هڪڙي ماڻهوءَ جي حوالي ڪيا جنهن جو نالو شيس‌بضر هو، جنهن کي هن يهوداہ جو گورنر مقرر ڪيو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

14 ۽ خدا جي گهر جا سونا ۽ روپا باسڻ، جي نبوڪدنضر يروشلم واري هيڪل مان ڪڍي بابل واريءَ هيڪل ۾ آندا، سي بہ خورس بادشاهہ بابل جي هيڪل مان ڪڍي، هڪڙي ماڻهوءَ جي حوالي ڪيا، جنهن جو نالو شيسبضر هو، ۽ جنهن کي هن والي ڪيو هو؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




عزرا 5:14
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

خدا جي گھر جا سڀ ٿانوَ، وڏا توڙي ننڍا، ان جا خزانا ۽ بادشاهہ ۽ سندس عملدارن جا خزانا، اهي سڀ جو سڀ هو بابل ڏانهن کڻائي ويو.


نبوڪدنضر خداوند جي گھر جا ٿانوَ بہ بابل ڏانهن کڻي ويو ۽ هن اهي بابل ۾ پنهنجي محل ۾ وڃي رکرائي ڇڏيا.


شهنشاهہ کيس چيو هو تہ هو وڃي يروشلم ۾ خدا جو گھر پنهنجي اصلي جاءِ تي وري تعمير ڪري ۽ اهي ٿانوَ انهيءَ ۾ کڻي رکي.


تڏهن انهيءَ شيس‌بضر اچي يروشلم ۾ خدا جي گھر جو بنياد وڌو. انهيءَ وقت کان وٺي هن وقت تائين، اهو پئي تعمير ٿيو آهي پر اڃا مڪمل نہ ٿي سگھيو آهي.‘


خدا جي گھر جا سونا ۽ چانديءَ وارا ٿانوَ جيڪي نبوڪدنضر يروشلم مان ڪڍي بابل ۾ آندا هئا، سي بہ موٽائي يروشلم ۾ ساڳيءَ جاءِ تي خدا جي گھر اندر رکيا وڃن.‘“


عزرا چيو تہ ”خداوند اسان جي ابن ڏاڏن جي خدا جي تعريف هجي، جنهن شهنشاهہ جي دل ۾ اها ڳالهہ وڌي تہ يروشلم ۾ جيڪو خداوند جو گھر آهي، تنهن جي تعظيم ٿئي.


خداوند حڪمرانن کي پنهنجي قابوءَ ۾ ٿو رکي، هو جيڏانهن چاهي ٿو، تيڏانهن پاڻيءَ جي واهين وانگر کين وهائي ٿو.


ان کان علاوہ سون ۽ چانديءَ جون ٺهيل شيون جن ۾ پياليون، پيالا، ٽانڊن رکڻ لاءِ منگالا، رک لاءِ تغاريون، شمعدان، لوبان‌دان ۽ اوتڻ واري قربانيءَ جا پيالا شامل هئا، سي سڀ پڻ شاهي محافظن جو سالار کڻائي ويو.


فارس جي شهنشاہ دارا جي حڪومت جي ٻئي سال، ڇهين مهيني جي پهرين تاريخ تي خداوند حجي نبيءَ جي معرفت يهوداہ صوبي جي گورنر زربابل ولد سالتي‌ايل ۽ سردار ڪاهن يشوع ولد يوصدق ڏانهن پيغام موڪليو.


خداوند هر ڪنهن جي دل ۾ پنهنجي هيڪل جي ڪم لاءِ جذبو جاڳايو. سو يهوداہ جو گورنر زربابل، سردار ڪاهن يشوع ۽ اهي ماڻهو جيڪي جلاوطنيءَ کان موٽي آيا هئا، تن سڀني قادرِمطلق خداوند پنهنجي خدا جي هيڪل تي ڪم شروع ڪيو.


”تون يهوداہ جي گورنر زربابل، سردار ڪاهن يشوع ۽ ٻين سڀني ماڻهن کي منهنجو هي پيغام ٻڌاءِ تہ


”تون يهوداہ جي گورنر زربابل کي منهنجو هي پيغام ڏي تہ آءٌ زمين وَ آسمان کي لوڏي ڇڏيندس.


جڏهن گورنر هي حال ڏٺو تہ خداوند عيسيٰ بابت تعليم تي حيران ٿي ويو ۽ مٿس ايمان آندائين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ