Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




عزرا 5:11 - Muslim Sindhi Bible

11 تنهن تي هنن جيڪا اسان کي ورندي ڏني سا هيءَ آهي تہ ’اسين زمين ۽ آسمان جي خدا جا ٻانها آهيون ۽ انهيءَ ئي گھر جي وري تعمير ٿا ڪريون جيڪو اڄ کان گھڻا ئي سال اڳ بني اسرائيل جي هڪڙي وڏي بادشاهہ تعمير ڪرايو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

11 ۽ انهن اسان کي هن طرح ورندي ڏيئي چيو تہ اسين آسمان ۽ زمين جي خدا جا ٻانها آهيون، ۽ اُهو گهر ٿا جوڙيون جو هن کان ڪيترا ورهيہ اڳي جوڙيو ويو هو، ۽ جو اسرائيل جي هڪڙي وڏي بادشاهہ جوڙي پورو ڪيو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




عزرا 5:11
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

آءٌ تو کي خداوند، زمين ۽ آسمان جي خدا جو قسم ٿو ڏيان تہ جن ڪنعانين ۾ آءٌ رهان ٿو تن جي ڌيئرن مان ڪنهن سان بہ تون منهنجي پٽ جي شادي نہ ڪرائيندين.


سليمان جي بادشاهيءَ جي يارهين سال بُول مهيني ۾ جيڪو سال جو اٺون مهينو آهي، رٿيل نقشي تحت هيڪل پوريءَ طرح جڙي راس ٿي. اهڙيءَ طرح سليمان کي انهيءَ جي ٺهرائڻ ۾ ست سال لڳي ويا.


هيڪل ۽ شاهي محل جوڙائڻ ۾ سليمان کي ويهہ سال لڳي ويا.


اسان انهن کان سندن نالا بہ پڇيا تہ جيئن اهي نالا اوهان ڏانهن لکي موڪليون.


آءٌ بادشاهن جي آڏو بہ تنهنجي حڪمن جو بيان ڪندي، هرگز شرمندگي محسوس نہ ڪندس.


اوهين عرش عظيم واري خدا جو شڪرانو ادا ڪريو، جو انهيءَ جو رحم هميشہ هميشہ تائين قائم آهي.


پوءِ بادشاهہ نبوڪدنضر ڀڙڪندڙ باهہ جي کوري جي منهن وٽ ويجھو اچي پڪاري چيو تہ ”اي سدرڪ، ميسڪ ۽ عبدنجو، خدا تعاليٰ جا ٻانهؤ! ٻاهر نڪري اچو.“ تڏهن اهي ٽيئي باهہ منجھان نڪري ٻاهر آيا.


يونس کين وراڻيو تہ ”آءٌ عبراني آهيان ۽ خداوند عرش عظيم جي خدا جي بندگي ڪندو آهيان، جنهن سمنڊ ۽ زمين پيدا ڪئي آهي.“


”جيڪو ماڻهن جي اڳيان کُليو کُلايو مون کي قبول ڪندو، تنهن کي آءٌ بہ پنهنجي آسمان واري پيءُ جي اڳيان قبول ڪندس.


”آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو تہ جيڪو مون کي ماڻهن جي اڳيان کُليو کُلايو قبول ڪندو تہ ان کي ابنِ آدم بہ خدا جي ملائڪن جي اڳيان قبول ڪندو.


ڏسو، جنهن خدا جو آءٌ ٻانهو آهيان ۽ جنهن جي آءٌ عبادت ٿو ڪريان، تنهن جو ملائڪ رات منهنجي ڀرسان ظاهر ٿيو


آءٌ خوشخبري ٻڌائيندي نہ ٿو شرمايان، ڇاڪاڻ تہ اها هر انهيءَ ماڻهوءَ جي ڇوٽڪاري لاءِ خدا جي قدرت آهي، جيڪو مسيح تي ايمان آڻي ٿو. اها پهريائين يهودين لاءِ ۽ هاڻي غير قومن لاءِ بہ آهي.


ڇا اوهين نہ ٿا ڄاڻو تہ جيڪڏهن اوهين ڪنهن جي تابعداري ڪريو ٿا تہ انهيءَ طرح اوهين پنهنجو پاڻ کي انهيءَ جا غلام ٿا بڻايو؟ هاڻي جيڪڏهن اوهين گناهہ جي تابعداري ڪندا تہ ان جو نتيجو موت آهي. پر جيڪڏهن خدا جي تابعداري ڪندا تہ ان جو نتيجو سچائي آهي.


پر خدا نہ ڪري جو آءٌ ڪنهن ٻيءَ ڳالهہ تي فخر ڪريان، سواءِ پنهنجي خداوند عيسيٰ مسيح جي صليب جي. هن جي صليب واري موت سان دنيا منهنجي لاءِ مري چڪي آهي ۽ آءٌ دنيا جي لاءِ.


هاڻ جيڪڏهن خداوند جي عبادت ڪرڻ اوهان کي چڱي نہ ٿي لڳي، تہ پوءِ اڄ فيصلو ڪريو تہ اوهين ڪنهن جي عبادت ڪندا، انهن معبودن جي جن جي پوڄا اوهان جا ابا ڏاڏا فرات نديءَ جي پرينءَ ڀر ڪندا هئا، يا امورين جي معبودن جي جن جي ملڪ ۾ اوهين رهو ٿا. باقي رهيو سوال منهنجو ۽ منهنجي ڪٽنب جو، سو اسين خداوند جي ئي عبادت ڪندا رهنداسين.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ