Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




عزرا 4:6 - Muslim Sindhi Bible

6 اخسويرس جي شهنشاهيءَ جي شروع ۾ ئي مخالفن يروشلم شهر بلڪ سڄي يهوداہ جي رهاڪن جي خلاف لکت ۾ شڪايت ڪئي هئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

6 ۽ اخسويرس جي بادشاهيءَ جي شروع ۾، هنن يهوداہ ۽ يروشلم جي ماڻهن جي برخلاف هڪڙي فرياد لکي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




عزرا 4:6
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ اسحاق جي نوڪرن هڪ ٻيو کوهہ کوٽيو ۽ انهيءَ تان بہ جھيڙو ٿي پيو، سو هن انهيءَ جو نالو ”دشمني“ رکيو.


هنن سرڪاري عملدارن کي رشوتون ڏيئي سندن خلاف ڪيو. فارس جي بادشاهہ خورس جي ڏينهن کان وٺي فارس جي بادشاهہ دارا جي ڏينهن تائين هو ائين ڪندا رهيا.


هي واقعو فارس جي بادشاهہ اخسويرس جي دور جو آهي. هي اهو اخسويرس آهي جيڪو هندستان کان وٺي سوڊان تائين هڪ سؤ ستاويهہ صوبن جو شهنشاهہ هو.


ستين ڏينهن جڏهن شهنشاهہ مئي جي نشي ۾ مخمور هو، تڏهن هن پنهنجي ستن خواجہ‌سرا خدمتگارن مهومان، بزتا، خربوناہ، بِگتا، ابگتا، زتار ۽ ڪرڪس کي حڪم ڏنو تہ


نيٺ آستر کي شاهي محل ۾، شهنشاهيءَ جي ستين سال جي ڏهين مهيني، يعني طيبت مهيني ۾ شهنشاهہ وٽ آندو ويو.


پوءِ شهنشاهہ اخسويرس کي هامان چيو تہ ”هڪڙي قوم آهي جيڪا اوهان جي شهنشاهت جي سڀني صوبن ۾ ٽڙيل پکڙيل ۽ ٻين قومن کان الڳ‌ٿلڳ رهي ٿي. انهيءَ جا رسم وَ رواج ٻين سڀني قومن جي رسم وَ رواجن جي خلاف آهن ۽ اها قوم اوهان شهنشاهہ سلامت جي قانونن کي بہ ڪونہ ٿي مڃي. سو اها ڳالهہ اوهان جي حق ۾ ناهي تہ ان قوم کي ائين ئي ڇڏي ڏجي.


پوءِ انهيءَ هستيءَ مون دانيال کي چيو تہ ”هاڻي آءٌ تو کي انهيءَ ڳجھہ واري ڳالهہ جي حقيقت ٻڌايان ٿو. سو ٻڌ، فارس ۾ اڃا ٽن بادشاهن جي حڪومت اچڻي آهي ۽ ان بعد چوٿون بادشاهہ ٿيندو، جيڪو انهن سڀني کان وڌيڪ دولتمند هوندو. هو دولت ۽ طاقت ۾ ايترو تہ وڌي ويندو، جو پوري شهنشاهت کي يونان جي بادشاهت خلاف اٿاري کڙو ڪندو.


دارا بن اخسويرس، جيڪو مادئين جي نسل مان هو، سو بابلين جي ملڪ تي بادشاهہ مقرر ٿيو.


انهن صليب تي هن جي مٿان هڪڙي تختي پڻ هنئي جنهن تي سندس موت جو اهو سبب لکيائون تہ ”هي عيسيٰ آهي، يهودين جو بادشاهہ.“


هو جن ڳالهين جي مون تي هاڻي تهمت ٿا هڻن، تن جي اوهان جي اڳيان ڪا ثابتي بہ ڏيئي نہ ٿا سگھن.


جڏهن پولس پهتو تڏهن يهودي جيڪي يروشلم کان آيا هئا، سي چوگرد ڦري آيس ۽ مٿس گھڻيون ئي سخت تهمتون هڻڻ لڳا. پر هو انهن جي ڪا ثابتي ڏيئي نہ سگھيا.


پوءِ مون آسمان ۾ هڪڙو وڏو آواز ٻڌو، جنهن چيو تہ ”هاڻي اسان جي خدا جو ڇوٽڪارو، قدرت ۽ بادشاهي ۽ سندس مسيح جي اختياري آئي آهي، ڇاڪاڻ تہ اسان جي ڀائرن ڀينرن تي تهمت هڻڻ وارو، جيڪو رات ڏينهن اسان جي خدا جي اڳيان مٿن تهمت هڻندو ٿي رهيو، سو هيٺ اڇلايو ويو آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ