عزرا 4:3 - Muslim Sindhi Bible3 پر زربابل، يشوع ۽ بني اسرائيل جي گھراڻن جي وڏن کين وراڻيو تہ ”اسان جي خدا جي هيڪل تعمير ڪرڻ ۾ اوهان جو ڪوبہ واسطو ڪونهي. اسين پاڻ خداوند، بني اسرائيل جي خدا لاءِ هيڪل تعمير ڪنداسين، جيئن فارس جي بادشاهہ خورس اسان کي حڪم ڏنو آهي.“ အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible3 پر زربابل ۽ يشوع، ۽ اسرائيل جي اباڻن گهراڻن جي باقي ٻين رئيسن، انهن کي چيو تہ اسان جي خدا لاءِ گهر جوڙڻ ۾ اوهان جو ڪوبہ واسطو ڪونهي؛ پر اسين پاڻ گڏجي خداوند اسرائيل جي خدا لاءِ گهر جوڙينداسين، جيئن فارس جي بادشاهہ خورس اسان کي حڪم ڏنو آهي. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |