Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




عزرا 4:23 - Muslim Sindhi Bible

23 سو جڏهن ارتخششتا جو خط رحوم گورنر، سندس محرر شمسيءَ ۽ انهن جي ساٿين اڳيان پڙهيو ويو، تڏهن هو هڪدم يروشلم ۾ يهودين وٽ ويا ۽ زور زبردستيءَ سان انهن کان يروشلم جي نئين سر تعمير جو ڪم بند ڪرايائون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

23 ۽ پوءِ جڏهن ارتخششتا بادشاهہ جي خط جو نقل رحوم، ۽ شمسيءَ ڪاتب، ۽ انهن جي سنگتين جي اڳيان پڙهيو ويو، تڏهن هو تڪڙا ٿي يروشلم ۾ يهودين وٽ ويا، ۽ زور زبردستيءَ سان انهن کان ڪم بند ڪرايائون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




عزرا 4:23
8 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

خط جي جواب ۾ شهنشاهہ هي ورندي ڏني تہ ”رحوم گورنر، سندس محرر شمسي ۽ انهن جا ٻيا ساٿي جيڪي سامريہ شهر ۾ ۽ اولهہ واري فرات نديءَ جي صوبي ۾ رهندڙ آهن، تن ڏانهن سلام،


خبردار ٿجو، متان انهيءَ ڪم ۾ ڪا غفلت ڪريو. ائين نہ ٿئي جو شاهي مفادن کي وڌيڪ نقصان رسي.“


ساڳيءَ طرح خدا جو گھر جيڪو يروشلم ۾ آهي، تنهن جي تعمير جو ڪم ٺپ ٿي ويو ۽ اهو فارس جي شهنشاهہ دارا جي شاهيءَ جي ٻئي سال تائين بند رهيو.


وري فارس جي شهنشاهہ ارتخششتا جي ڏينهن ۾ بشلام، متردات، طابئيل ۽ سندن ٻين ساٿين ڏانهس ارامي ٻوليءَ ۾ هڪ شڪايتي خط لکيو جيڪو ٻي ٻوليءَ ۾ کيس پڙهي ٻڌايو ويو.


اهي ماڻهو جيستائين بدڪاري نہ ڪن، تيستائين کين آرام ڪونہ ٿو اچي. هائو، جيستائين اهي ماڻهو ڪنهن بي‌گناهہ کي نقصان نہ پهچائين تيستائين کين ننڊ ئي ڪين ٿي اچي.


ويل آهي منهنجي قوم جي انهن اميرن لاءِ! جيڪي بڇڙائيءَ جون رٿون ٿا رٿين. اهي رات جو پنهنجي بستري تي ليٽندي بہ بڇڙائيءَ جا منصوبا ٿا جوڙين. پوءِ صبح ٿيندي ئي اهي انهن کي عمل ۾ ٿا آڻين، ڇاڪاڻ تہ اهو سڀ ڪجھہ سندن هٿ وس ۾ آهي.


انهن جا قدم خونريزي ڪرڻ لاءِ تڪڙا ٿا هلن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ