Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




عزرا 4:19 - Muslim Sindhi Bible

19 منهنجي حڪم جاري ڪرڻ تي تواريخي ڪاغذات ۾ جاچ ڪئي ويئي، جنهن مان معلوم ٿيو تہ اهو شهر قديم وقت کان وٺي بادشاهن جي خلاف باغي پئي رهيو آهي ۽ فتني فساد جو ڳڙهہ پئي رهيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

19 ۽ مون حڪم ڪيو، ۽ ڳولا ڪئي ويئي آهي، ۽ معلوم ٿيو آهي تہ هي شهر قديم وقت کان وٺي بادشاهن جي برخلاف باغي پئي ٿيو آهي، ۽ ان ۾ فتنو ۽ فساد ڪرڻ ۾ پئي آيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




عزرا 4:19
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سو خداوند هن ساڻ هو ۽ هو جيڪي بہ ڪندو هو تنهن ۾ ڪامياب ٿيندو هو. هو اشور جي شهنشاهہ کان باغي ٿيو ۽ ڪڏهن بہ هن جي تابعداري نہ قبوليائين.


خداوند جي غضب جي ڪري ئي يروشلم وارن بلڪ سڄي يهوداہ وارن جو اهڙو حال ٿيو ۽ آخرڪار خداوند انهن کي پنهنجي حضور مان تڙي ڇڏيو.


تہ جيئن اوهان پنهنجي ابن ڏاڏن جي تواريخي ڪاغذات ۾ جاچ ڪري سگھو. انهن تواريخي ڪاغذات ۾ اوهين ڏسندا تہ اهو شهر هڪ باغي شهر آهي. اهو صوبن جي گورنرن ۽ بادشاهن لاءِ تڪليفن جو باعث رهيو آهي ۽ پراڻي وقت کان وٺي فساد جو ڳڙهہ پڻ رهيو آهي. اهو ئي سبب آهي جو هي شهر برباد ڪيو ويو هو.


جيڪو خط اوهان اسان ڏانهن موڪليو سو منهنجي اڳيان ترجمو ڪري پڙهيو ويو آهي.


جيئن تہ يروشلم ۾ وڏا طاقتور بادشاهہ ٿي گذريا آهن جن اولهہ واري فرات نديءَ جي صوبي وارن سڀني ملڪن تي بادشاهي پئي ڪئي آهي ۽ کين ڍل، ٽيڪس ۽ چونگي پئي مليا آهن.


تنهنڪري هاڻي جيڪڏهن شهنشاهہ مهربانيءَ جي نظر ڪري ۽ بابل واري شاهي دفتر ۾ جاچ ڪرائي تہ شهنشاهہ خورس يروشلم ۾ خدا جي گھر جي وري تعمير جو حڪم جاري ڪيو هو يا نہ. پوءِ اوهين اسان ڏانهن ان بابت پنهنجو فيصلو ڏياري موڪليو.“


خدا جا راز ڳجھا آهن ۽ انهيءَ مان ئي سندس عظمت ظاهر آهي، جڏهن تہ بادشاهہ جي عظمت انهيءَ ۾ آهي تہ هو رازن بابت کوجنا ڪري.


جڏهن اوهين ڪا اهڙي ڳالهہ ٻڌو تڏهن انهيءَ جي تحقيقات ۽ جاچ ڪجو ۽ چڱيءَ طرح پڇا‌ڳاڇا ڪجو. جيڪڏهن اها سچي ۽ يقيني ڳالهہ هجي تہ اوهان جي وچ ۾ ڪو اهڙو ڪراهت جهڙو ڪم ٿيو آهي،


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ