Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




عزرا 4:13 - Muslim Sindhi Bible

13 سو شهنشاهہ سلامت کي معلوم هجي تہ جيڪڏهن اهو شهر وري تعمير ٿي ويو ۽ ان جون ڀتيون پوريون ٿي ويون تہ اهي ماڻهو ڍل، ٽيڪس ۽ چونگي ڏيڻ بند ڪري ڇڏيندا، جنهن جي نتيجي ۾ اوهان کي خراج جي وصوليءَ ۾ نقصان پهچندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

13 هاڻي بادشاهہ کي معلوم هجي، تہ جيڪڏهن اهو شهر جڙندو ۽ ڀتيون پوريون ٿينديون، تہ هو ڍل، محصول، يا چونگي نہ ڏيندا، ۽ نيٺ بادشاهن کي نقصان پوندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




عزرا 4:13
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هاڻ جيئن تہ اسين شهنشاهہ سلامت جا نمڪ خوار آهيون ۽ اسان کي اهو مناسب ناهي تہ شهنشاهہ سلامت جو نقصان ٿيندو ڏسون، تنهنڪري اسان هي خط موڪلي اوهان شهنشاهہ سلامت کي اطلاع ٿا ڏيون


جيئن تہ يروشلم ۾ وڏا طاقتور بادشاهہ ٿي گذريا آهن جن اولهہ واري فرات نديءَ جي صوبي وارن سڀني ملڪن تي بادشاهي پئي ڪئي آهي ۽ کين ڍل، ٽيڪس ۽ چونگي پئي مليا آهن.


اوهان کي اهو بہ معلوم هجي تہ ڪاهنن، لاوين، خدا جي هيڪل جي ڳائڻن، دربانن ۽ خدمتگارن يا هيڪل سان واسطي رکندڙن مان ڪنهن تي بہ ڪا ڍل، ٽيڪس يا چونگي ناهي مڙهڻي.“


اڃا ٻين بہ چيو پئي تہ ”اسان پنهنجين ٻنين ۽ انگورن جي باغن جي ڍل شهنشاهہ کي ڏيڻ لاءِ پئسا اڌارا ورتا آهن.


مغرور ماڻهو مون تي تهمتون ٿا هڻن، پر آءٌ پنهنجي پوريءَ دل سان تنهنجي قاعدن تي هلندو رهان ٿو.


تنهنجي زبان بڇڙائيءَ جا منصوبا پيئي جوڙي. اها پاڪيءَ جيان تکي آهي ۽ دغابازيءَ سان پيئي هلي.


تنهن تي پطرس وراڻين تہ ”هائو، ڇو نہ ڏيندو آهي.“ پوءِ جڏهن پطرس گھر ۾ اندر گھڙيو تہ هن جي ڳالهائڻ کان اڳ ۾ ئي عيسيٰ پڇيس تہ ”شمعون! تنهنجي ڪهڙي راءِ آهي؟ ڌرتيءَ جا بادشاهہ ٽيڪس ۽ ڍل ڪنهن کان اُڳاڙيندا آهن؟ ڇا پنهنجي ملڪ جي رهاڪن کان يا ڌارين کان؟“


عيسيٰ اتان روانو ٿيو ۽ رستي سان هلندي هن متيءَ نالي هڪ شخص کي پنهنجي ٽيڪس اُڳاڙڻ واري اڏي تي ويٺل ڏٺو. عيسيٰ هن کي سڏي چيو تہ ”منهنجي پٺيان هل.“ تنهن تي متي اٿيو ۽ سندس پٺيان هلڻ لڳو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ