Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




عزرا 4:10 - Muslim Sindhi Bible

10 بلڪ اهو خط انهن سڀني ماڻهن جي صلاح سان آهي، جن کي سندن شهرن مان بزرگ ۽ عالي مرتبہ اسنفر لڏائي آڻي سامريہ شهر ۾ ۽ اولهہ واري فرات نديءَ جي صوبي ۾ ٻين هنڌن تي آباد ڪيو هو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

10 ۽ باقي ٻين انهن قومن، جن کي عالي جناب معزز اسنفر آڻي سامريہ جي شهر ۾، ۽ نديءَ جي هن ڀر واري باقي ملڪ ۾، ۽ ٻين هنڌن تي ويهاريو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




عزرا 4:10
8 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جڏهن بني يهوداہ ۽ بني بنيامين جي دشمنن ٻڌو تہ جلاوطنيءَ کان موٽي آيلن خداوند، بني اسرائيل جي خدا لاءِ هيڪل تعمير ڪرڻ شروع ڪيو آهي،


خط جو متن هي آهي تہ ”بحضور شهنشاهہ ارتخششتا، ازطرف اوهان جا ٻانها جيڪي اولهہ واري فرات نديءَ جي صوبي ۾ رهن ٿا.


خط جي جواب ۾ شهنشاهہ هي ورندي ڏني تہ ”رحوم گورنر، سندس محرر شمسي ۽ انهن جا ٻيا ساٿي جيڪي سامريہ شهر ۾ ۽ اولهہ واري فرات نديءَ جي صوبي ۾ رهندڙ آهن، تن ڏانهن سلام،


شهنشاهہ ارتخششتا جي طرفان عزرا ڪاهن ڏانهن سلام، جيڪو عرش عظيم جي خدا جي شريعت جو وڏو عالم آهي،


هو پنهنجي ساٿين ۽ سامريہ جي فوج اڳيان چوڻ لڳو تہ ”هي ڪمزور يهودي ڇا ٿا ڪن؟ هو پاڻ تہ اهي ڀتيون ٺاهي نہ ٿا سگھن. انهيءَ لاءِ هو قربانيون پيش ڪندا ڇا؟ هي تعمير جو ڪم هڪڙي ئي ڏينهن ۾ پورو ٿي ويندو ڇا؟ ڪچري جي ڍير ۾ جيڪي پٿر سڙي ويا آهن، هو تن کي وري جوڙي استعمال ڪندا ڇا؟“


تنهنڪري هاڻي اي اسان جا خدا! اي عظمت، قدرت ۽ هيبت وارا خدا! تون جيڪو پنهنجو عهد قائم رکندي لافاني شفقت ڪندڙ آهين، سو اسان جي هن مصيبت کي معمولي نہ ڄاڻ، جيڪا اسان تي، اسان جي بادشاهن، اميرن، ڪاهنن، نبين ۽ ابن ڏاڏن توڙي تنهنجي سڄي قوم تي، اشور جي بادشاهہ جي وقت کان وٺي اڄ ڏينهن تائين ايندي رهي آهي.


سو سڀني جو حق ادا ڪريو. جنهن کي ڍل ڏيڻي هجي تنهن کي ڍل ڏيو، جنهن کي ٽيڪس ڏيڻو هجي تنهن کي ٽيڪس ڏيو، جنهن کان ڊڄڻ گھرجي تنهن کان ڊڄو ۽ جنهن جو احترام ڪرڻ گھرجي تنهن جو احترام ڪريو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ