Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




عزرا 3:8 - Muslim Sindhi Bible

8 يروشلم شهر ۾ هيڪل جي جاءِ تي پهچڻ کان پوءِ، ٻئي سال جي ٻئي مهيني ۾ زربابل، يشوع، ڪاهن، لاوي ۽ سندن ٻيا هم‌قوم، يعني اهي سڀ جيڪي جلاوطنيءَ مان موٽي يروشلم ۾ آيا هئا تن ڪم شروع ڪري ڏنو. جيڪي لاوي ويهن سالن جا يا انهيءَ کان وڏيءَ عمر جا هئا تن کي هنن هيڪل جي تعمير جي نظرداري ڪرڻ لاءِ مقرر ڪيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

8 هاڻي انهن جي يروشلم ۾ ۽ خدا جي گهر ۾ اچڻ کانپوءِ، ٻئي سال جي ٻئي مهيني ۾، زربابل بن سالتي ايل، ۽ يشوع بن يوصدق، ۽ انهن جا باقي ٻيا ڀائر، ڪاهن ۽ لاوي، ۽ اهي سڀ جي قيد مان نڪري يروشلم ۾ آيا هئا، تن ڪم شروع ڪيو؛ ۽ جيڪي لاوي ويهن ورهين ۽ انهيءَ کان مٿي عمر جا هئا، تن کي خداوند جي گهر جي ڪم جي نظرداري ڪرڻ لاءِ مقرر ڪيائون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




عزرا 3:8
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

بادشاهہ انهن مان چوويهہ هزار خداوند جي هيڪل جي خدمت لاءِ مقرر ڪيا ۽ ڇهن هزارن کي عملدار ۽ جج مقرر ڪيائين.


يهوياڪين، جيڪو بابل ڏانهن قيد ٿي ويو هو تنهن جا پٽ هي هئا: سيالتي‌ايل،


ڪاهنن مان جن ڌاريون عورتون پرڻيون هيون سي هي هئا: معسياہ، اليعزر، يارب ۽ جِدلياہ، جيڪي يشوع ولد يوصدق جي ڀائرن ۽ اولاد مان هئا.


اهي زربابل، يشوع، نحمياہ، سِرايا، رعلياہ، مردڪي، بِلشان، مِسفار، بِگوي، رحوم ۽ بعنہ جي اڳواڻيءَ ۾ آيا. بني اسرائيل جي انهن ماڻهن جو تعداد هن طرح هو:


تڏهن يشوع ولد يوصدق ۽ سندس ٻيا ساٿي ڪاهن، زربابل ولد سالتي‌ايل ۽ سندس قوم وارا اٿيا ۽ بني اسرائيل جي خدا جي قربان‌گاهہ تعمير ڪرڻ لڳا تہ جيئن انهيءَ تي ساڙڻ واريون قربانيون پيش ڪن، جيئن خدا جي ٻانهي موسيٰ جي شريعت ۾ لکيل آهي.


ساڳيءَ طرح خدا جو گھر جيڪو يروشلم ۾ آهي، تنهن جي تعمير جو ڪم ٺپ ٿي ويو ۽ اهو فارس جي شهنشاهہ دارا جي شاهيءَ جي ٻئي سال تائين بند رهيو.


پر زربابل، يشوع ۽ بني اسرائيل جي گھراڻن جي وڏن کين وراڻيو تہ ”اسان جي خدا جي هيڪل تعمير ڪرڻ ۾ اوهان جو ڪوبہ واسطو ڪونهي. اسين پاڻ خداوند، بني اسرائيل جي خدا لاءِ هيڪل تعمير ڪنداسين، جيئن فارس جي بادشاهہ خورس اسان کي حڪم ڏنو آهي.“


تڏهن انهيءَ شيس‌بضر اچي يروشلم ۾ خدا جي گھر جو بنياد وڌو. انهيءَ وقت کان وٺي هن وقت تائين، اهو پئي تعمير ٿيو آهي پر اڃا مڪمل نہ ٿي سگھيو آهي.‘


تڏهن زربابل ولد سالتي‌ايل ۽ يشوع ولد يوصدق يروشلم ۾ خداوند جي گھر کي وري تعمير ڪرڻ جي ڪم کي لڳي ويا. انهن ٻنهي سان خدا جا نبي بہ گڏ هئا جن ساڻن مدد پئي ڪئي.


فارس جي شهنشاہ دارا جي حڪومت جي ٻئي سال، ڇهين مهيني جي پهرين تاريخ تي خداوند حجي نبيءَ جي معرفت يهوداہ صوبي جي گورنر زربابل ولد سالتي‌ايل ۽ سردار ڪاهن يشوع ولد يوصدق ڏانهن پيغام موڪليو.


”زربابل جي هٿن منهنجي گھر جو نئين سر بنياد وڌو آهي ۽ انهيءَ جا هٿ ئي ان کي مڪمل ڪندا.“ اهو ڏسي اوهين يهوداہ وارا ڄاڻي وٺندا تہ قادر‌مطلق خداوند ئي مون کي اوهان ڏانهن موڪليو آهي.


پوءِ مون قادر‌مطلق خداوند جو هي فرمان کيس ٻڌاءِ تہ ’هڪڙو شخص، جنهن کي مون ”نئون ڦٽندڙ سلو“ جو نالو ڏنو آهي، سو وڌي ڦلدار ٿيندو ۽ مون خداوند جي هيڪل کي نئين سر تعمير ڪندو.


جيڪي ٽيهن سالن جي عمر کان وٺي پنجاهہ سالن جي عمر تائين آهن ۽ مون خدا سان ملاقات واري خيمي ۾ ڪم ڪرڻ جي لائق آهن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ