Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




عزرا 3:7 - Muslim Sindhi Bible

7 پوءِ ماڻهن رازن ۽ واڍن جي مزدوريءَ لاءِ پئسا ڏنا. هنن کائڻ پيئڻ جون شيون ۽ زيتون جو تيل بہ ڏنو تہ جيئن اهي شيون صيدا ۽ صور ڏانهن موڪليون وڃن، جنهن جي عيوض لبنان کان يافا تائين سمنڊ رستي ديال جا وڻ وڍائي آندا وڃن. اهو سڀ ڪجھہ فارس جي بادشاهہ خورس جي اجازت سان ٿي ڪيو ويو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

7 هنن رازن ۽ واڍن کي پئسا بہ ڏنا؛ ۽ صيدون ۽ صور جي ماڻهن کي کائڻ پيئڻ جون شيون، ۽ تيل ڏنو، انهيءَ لاءِ تہ لبنان مان سرو جا وڻ سمنڊ تائين يافا ۾ آڻين، جيئن ڪ فارس جي بادشاهہ خورس عطا ڪيو هون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




عزرا 3:7
20 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

صور جي بادشاهہ حيرام دائود ڏانهن قاصد موڪليا، جن سان گڏ ديال جو ڪاٺ، واڍا ۽ رازا بہ موڪليائين. انهن دائود جي لاءِ هڪڙو محل جوڙيو.


سو هاڻي حڪم جاري ڪر تہ منهنجي لاءِ لبنان جي علائقي ۾ ديال جا وڻ وڍيا وڃن. منهنجا مزدور تنهنجي مزدورن سان همراهي ڪرائيندا ۽ آءٌ تنهنجي مزدورن جي تو کي اوتري ئي اجرت ڏيندس جيتري تون مقرر ڪندين. تو کي تہ خبر آهي تہ اسان جي ملڪ ۾ اهڙو ڪوبہ ڪونهي جيڪو ڪاٺ وڍڻ جي هنر ۾ اوهان صيدانين جهڙو هجي.“


جڏهن بہ پيتي پئسن سان ڀرجي ويندي هئي، تڏهن بادشاهہ جو محرر ۽ سردار ڪاهن ايندا هئا ۽ اهي پئسا ڳڻي ڳوٿرين ۾ وجھي ڇڏيندا هئا.


پر هيڪل جي چانديءَ جي پيالن، ڦلن لاهڻ جي چمٽن، ٿالهين، توتارن ۽ سون يا چانديءَ جي ڪنهن بہ ٿانو ٺهرائڻ تي انهن پئسن مان ڪجھہ بہ خرچ نہ ڪيو ويندو هو.


پوءِ اهي پئسا انهن کي ڏنا ويا جيڪي خداوند جي گھر جي ڪم تي نگران مقرر ڪيا ويا هئا. انهن نگرانن وري اهي پئسا


ستين مهيني جي پهرين تاريخ کان وٺي هو خداوند جي لاءِ قربانيون ساڙڻ لڳا، توڙي جو خداوند جي هيڪل جو اڃا بنياد بہ نہ وڌو هئائون.


يهوداہ ۽ اسرائيل ملڪن جا رهاڪو پڻ تو سان واپار ڪندا هئا. هو تنهنجي شين جي بدلي ۾ پنهنجي عمدي ڪڻڪ ۽ ٻيو اناج، ماکي، زيتون جو تيل ۽ سرهاڻ تو وٽ آڻيندا هئا.


پر يونس اٿيو ۽ خداوند کان پري ڀڄي وڃڻ لاءِ ٻئي طرف واري شهر ترسيس ڏانهن کڻي منهن ڪيائين. هو يافا بندر تي پهتو ۽ اُتي هڪ سامونڊي جهاز ڏٺائين جيڪو ترسيس ڏانهن وڃڻ وارو هو. هو ڀاڙو ڏيئي ان ۾ وڃي ويٺو، انهيءَ لاءِ تہ خداوند کان ڀڄي جهاز وارن سان گڏ ترسيس ڏانهن هليو وڃي.


جيئن تہ هيروديس صور ۽ صيدا جي ماڻهن تي ڏاڍو ڪاوڙيل هو، تنهنڪري اتان جا ماڻهو هڪ ٽولو ٺاهي کيس پرچائڻ لاءِ وٽس آيا، ڇاڪاڻ تہ سندن شهرن جو دارومدار هيروديس جي ملڪ مان ملندڙ سيڌي سامان تي هو. انهن پهريائين محلات جي دربان بلاسطس کي پنهنجي پاسي ڪيو.


يافا ۾ مسيح تي ايمان رکندڙ هڪڙي عورت رهندي هئي، جنهن جو نالو طبيٿا يعني دورڪاس هو. هوءَ گھڻا ئي نيڪ ڪم ۽ خير خيراتون ڪندي هئي.


جيئن تہ لُدہ ڳوٺ يافا شهر جي ويجھو هو، تنهنڪري لُدہ جي ايمان وارن کي خبر پئجي ويئي تہ پطرس يافا ۾ آهي. پوءِ ٻہ ماڻهو هن ڏانهن موڪلي منٿ ڪيائونس تہ ”اسان وٽ جلدي هليا اچو.“


پوءِ پطرس ڪيترائي ڏينهن يافا ۾ شمعون نالي هڪ ماڻهوءَ وٽ رهيل هو، جيڪو چمڙي جو ڪم ڪندڙ هو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ