Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




عزرا 3:10 - Muslim Sindhi Bible

10 جڏهن رازا خداوند جي گھر جو بنياد وجھي رهيا هئا تڏهن ڪاهن پنهنجيون پوشاڪون پهري شرناين سان ۽ لاوي جيڪي آسف جو اولاد هئا، سي ٽلين سان پنهنجي پنهنجي جاءِ تي خداوند جو حمد ڪرڻ لاءِ اُٿي بيٺا، جيئن بني اسرائيل جي بادشاهہ دائود ترتيب مقرر ڪئي هئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

10 ۽ جڏهن رازن خداوند جي هيڪل جو بنياد وڌو، تڏهن هنن ڪاهنن کي سندن پوشاڪ ۾ قرنائن سان، ۽ آسف جي پٽن لاوين کي جهانجهن سان بيهاريو، تہ اسرائيل جي بادشاهہ دائود جي حڪم موجب، خداوند جي تعريف ڪن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




عزرا 3:10
26 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

شبنياہ، يهوسفط، نتني‌ايل، عماسي، زڪرياہ، بناياہ ۽ اليعزر جيڪي ڪاهن هئا، سي خداوند جي عهد واري صندوق جي اڳيان شرنايون وڄائڻ تي مقرر ڪيا ويا. عوبيدادوم ۽ يحياہ عهد واري صندوق لاءِ پڻ دربان ٿيا.


دائود کي توڙي صندوق کڻي هلڻ وارن سڀني لاوين، سڀني ڳائڻن ۽ ڳائڻ وارن جي اڳواڻ ڪنانياہ کي عمدي سڻيءَ جا جبا پهريل هئا. دائود کي سڻيءَ جو مذهبي وڳو پڻ پهريل هو.


دائود بادشاهہ آسف ۽ سندس ساٿين کي خداوند جي عهد واري صندوق جي اڳيان هميشہ لاءِ خدمت ڪرڻ واسطي مقرر ڪيو، انهيءَ لاءِ تہ هو روزانو واري ضروري ڪم موجب خدمت ڪندا رهن.


هيمان ۽ يدوتون شرنايون ۽ ٽليون وڄائڻ تي مقرر هئا. خدا جا گيت ڳائڻ لاءِ هو ٻين سازن وڄائڻ تي پڻ مقرر هئا. بني يدوتون وارا ٻاهرئين دروازي تي دربان مقرر ڪيا ويا.


بادشاهہ چئن هزارن کي دربان مقرر ڪيو ۽ چئن هزارن کي مقرر ڪيائين تہ اهي خداوند جي واکاڻ انهن سازن سان ڪن جيڪي کين پاڻ موجود ڪري ڏنا هئائين.


ارڙهين ٽولي جو اڳواڻ حناني هو،


تنهن کان پوءِ هنن پنهنجي لاءِ ۽ ڪاهنن جي لاءِ عيد فصح جي قربانين جي تياري ڪئي، ڇاڪاڻ تہ ڪاهن جيڪي هارون جو اولاد هئا سي رات تائين چرٻي ۽ قربانين جا ٻيا ساڙڻ وارا حصا پيش ڪرڻ ۾ مصروف هئا.


ڳائڻا جيڪي آسف جو اولاد هئا سي انهن هنڌن تي بيهي رهيا جيڪي هنڌ بادشاهہ دائود جي هدايت سان آسف، هيمان ۽ بادشاهہ جي غيبدان يدوتون مقرر ڪيا هئا. دربانن کي پنهنجو پنهنجو در ڇڏڻ جي ضرورت ڪانہ هئي، ڇاڪاڻ تہ هنن جي هم‌قوم لاوين انهن لاءِ عيد فصح جي قربانين جي تياري پئي ڪئي.


آسف جو اولاد جيڪي هيڪل جا ڳائڻا هئا، تن جا هڪ سؤ اٺاويهہ ماڻهو هئا


تڏهن انهيءَ شيس‌بضر اچي يروشلم ۾ خدا جي گھر جو بنياد وڌو. انهيءَ وقت کان وٺي هن وقت تائين، اهو پئي تعمير ٿيو آهي پر اڃا مڪمل نہ ٿي سگھيو آهي.‘


وڏي آواز سان ٽليون وڄائي اوهين سندس واکاڻ ڪريو، هائو، ٽلين جي جھنڪار سان اوهين انهيءَ جي واکاڻ ڪريو.


سو هاڻي اوهين اڄ کان وٺي اڳتي لاءِ اُنهيءَ وقت کي ڌيان ۾ رکو، جڏهن اڃا منهنجي هيڪل جي نئين سر اڏاوت شروع ئي ڪين ٿي هئي.


هاڻي تہ ماڻهو هيڪل جي تعمير جي گھٽ رفتار ڏسي مايوس ٿا ٿين، پر جڏهن اهي زربابل جي تعمير جي جذبي کي ڏسندا تڏهن بيحد خوش ٿيندا. تڏهن ملائڪ شمعدان واري رويا جي ڳالهہ جاري رکندي چيو تہ ”شمعدان جا اهي ست ڏيئا خداوند جي ستن اکين مثل آهن، جيڪي سڄيءَ دنيا کي ڏسن پيون.“


تڏهن انهيءَ ملائڪ مون کي يهوداہ جي گورنر زربابل لاءِ قادر‌مطلق خداوند جو هي پيغام ٻڌايو تہ ”اي زربابل! تون ڪامياب ٿيندين، نہ لشڪر جي زور سان، نہ انساني طاقت سان پر فقط منهنجي روح سان.


جبل جيڏيون رڪاوٽون بہ تنهنجي اڳيان پٽ پڌر ٿي وينديون. تون هيڪل ٺهرائيندين ۽ جڏهن تون هيڪل جي چوٽيءَ تي آخري پٿر آڻي رکندين، تڏهن ماڻهو نعرا هڻي چوندا تہ ’خدا جو شڪر آهي! خدا جو شڪر آهي!‘“


پوءِ مون قادر‌مطلق خداوند جو هي فرمان کيس ٻڌاءِ تہ ’هڪڙو شخص، جنهن کي مون ”نئون ڦٽندڙ سلو“ جو نالو ڏنو آهي، سو وڌي ڦلدار ٿيندو ۽ مون خداوند جي هيڪل کي نئين سر تعمير ڪندو.


۽ ڪاهنن ۽ نبين کان پڇن تہ ”ڇا اسين پنجين مهيني ۾ روزو رکي اڃا بہ هيڪل جي تباهيءَ جو سوڳ ڪريون، جيئن هر سال ڪندا آيا آهيون؟“


تڏهن بادشاهہ دوئيگ کي چيو تہ ”تون اُٿ ۽ ڪاهنن تي حملو ڪر.“ پوءِ دوئيگ ادوميءَ اُٿي ڪاهنن تي حملو ڪيو. انهيءَ ڏينهن هن پنجاسي ڪاهن ماريا، جيڪي سڻيءَ جي ڪپڙي جو مذهبي وڳو پائيندا هئا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ