Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




عزرا 2:70 - Muslim Sindhi Bible

70 ڪاهنَ، لاوي، ۽ ڪجھہ ٻيا ماڻهو يروشلم ۾ ۽ ان جي آس‌پاس آباد ٿي ويا. ڳائڻا، دربانَ ۽ هيڪل جا خدمتگار آس‌پاس وارن ڳوٺن ۾ آباد ٿي ويا. باقي ٻيا بني اسرائيل وارا پنهنجن پنهنجن شهرن ۾ آباد ٿي ويا

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

70 انهيءَ طرح ڪاهن، ۽ لاوي، ۽ ڪي ٻيا ماڻهو، ۽ ڳائڻ وارا، ۽ دربان، ۽ نتينيم، پنهنجن شهرن ۾ ۽ سڀ اسرائيلي پنهنجن شهرن ۾ اچي رهيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




عزرا 2:70
7 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن هو واپس موٽيا ۽ اچي شهر جي دربانن کي سڏ ڪري کين ٻڌايائون تہ ”اسين ارامين جي خيمي‌گاهہ ۾ ويا هئاسون ۽ ڏٺوسون تہ اتي ڪوبہ ڪونہ هو. هائو، ڪوبہ انساني آواز ٻڌڻ ۾ ڪونہ ٿي آيو. رڳو گھوڙا ۽ گڏهہ ٻڌا بيٺا هئا ۽ تنبو بہ جيئن جو تيئن کوڙيل هئا.“


گذريل ڏينهن ۾ جيتوڻيڪ سائول بادشاهہ هو، تہ بہ اوهين ئي هئا جيڪي جنگ ۾ بني اسرائيل جي اڳواڻي ڪندا هئا. خداوند خدا جنهن جا اوهين خاص ٻانها آهيو، تنهن اوهان کي چيو هو تہ ’تون منهنجي قوم بني اسرائيل جي نگهباني ڪندين ۽ سندن بادشاهہ ٿيندين.‘“


پوءِ بني اسرائيل ۾ سڀني کان پهريائين جيڪي پنهنجن شهرن ۽ پنهنجي ملڪيتن تي موٽي آيا، تن ۾ ڪاهن، لاوي ۽ هيڪل جا خدمتگار بہ شامل هئا.


بابل صوبي ۾ رهندڙ جلاوطن، جن جي وڏن کي بابل جو بادشاهہ نبوڪدنضر قيد ڪري بابل ڏانهن وٺي ويو هو، سي سڀ يروشلم شهر ۽ سڄي يهوداہ ملڪ ۾ پنهنجن پنهنجن ڳوٺن ۾ موٽي آيا.


ڪاهن، لاوي، هيڪل جا دربان، ڳائڻا ۽ خدمتگار باقي ٻين بني اسرائيل وارن سميت پنهنجن پنهنجن شهرن ۽ ڳوٺن ۾ آباد ٿي ويا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ