Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




عزرا 2:68 - Muslim Sindhi Bible

68 جڏهن اهي يروشلم ۾ خداوند جي هيڪل جي جاءِ تي پهتا تہ گھراڻن جي ڪن وڏن خداوند جي گھر کي پنهنجي اصل جاءِ تي وري تعمير ڪرڻ لاءِ نذرانا ڏنا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

68 ۽ اباڻن گهراڻن جي رئيسن مان جڏهن ڪي يروشلم ۾ خداوند جي گهر آيا، تڏهن انهن پنهنجي خوشيءَ سان خدا جي گهر لاءِ نذرانا ڏنا؛ انهيءَ لاءِ تہ اُهو پنهنجي جاءِ تي کڙو ڪيو وڃي:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




عزرا 2:68
20 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن خداوند جي ملائڪ جاد کي حڪم ڏنو تہ ”دائود کي چئُہ تہ هو اُروناہ يبوسيءَ جي اَن ڳاهڻ واري پِڙ وٽ وڃي مون خداوند جي لاءِ هڪڙي قربان‌گاهہ ٺاهي.“


سو دائود چيو تہ ”هتي اَن ڳاهڻ واري پِڙ وٽ ئي خداوند جي هيڪل ٺاهي ويندي ۽ اڳتي هيءَ ئي بني اسرائيل لاءِ ساڙڻ واري قرباني پيش ڪرڻ جي قربان‌گاهہ ٿيندي.“


پوءِ سليمان يروشلم ۾ مورياہ جبل تي هيڪل جي تعمير شروع ڪرائي، جتي خداوند هن جي پيءُ دائود کي ڏيکاري ڏني هئي. اها جاءِ اُروناہ يبوسيءَ جي ڳاهہ ڳاهڻ جي پِڙ واري جاءِ هئي، جيڪا دائود انهيءَ ڪم لاءِ مقرر ڪري ڇڏي هئي.


اُٺن جو چار سؤ پنجٽيهہ ۽ گڏهن جو ڇهہ هزار ست سؤ ويهہ هو.


انهن پنهنجي وس آهر ڪم لاءِ گڏ ڪيل خزاني ۾ سون جا پنج سؤ ڪلوگرام، چانديءَ جا ٻہ هزار اٺ سؤ ڪلوگرام ۽ هڪ سؤ ڪاهنن وارا لباس ڏنا.


انهيءَ ملڪ جي رهاڪن کان ڊڄڻ جي باوجود، هنن قربان‌گاهہ کي ساڳيءَ ئي جاءِ تي وري تعمير ڪيو ۽ ان تي خداوند لاءِ صبح ۽ شام واريون روزاني جون ساڙڻ واريون قربانيون پيش ڪرڻ لڳا.


جيتوڻيڪ اسين غلام آهيون، تہ بہ تو اسان کي وساريو ناهي، بلڪ تو فارس جي بادشاهن جي دلين ۾ اسان لاءِ رحم وڌو آهي، تہ جيئن اسين وري بحال ٿي تنهنجي گھر جي تعمير ڪريون ۽ ان جي ڀڳل ٽٽل حصن جي مرمت ڪريون. اهڙيءَ طرح تو اسان کي يروشلم بلڪ سڄي يهوداہ ۾ پناهہ عطا ڪئي آهي.


تنهنجي جنگ ڪرڻ واري ڏينهن تي تنهنجا ماڻهو پاڻ کي پيش ڪندا. هائو، تنهنجا جوان پاڪيزگيءَ جي جمال سان تو وٽ پيش ٿيندا. جيئن صبح جو سوير تازگي ڏيندڙ ماڪ پوي ٿي، تيئن ئي اهي نوجوان تازگيءَ واري حالت ۾ تو وٽ ايندا.


”بني اسرائيل کي چئُہ تہ اهي منهنجي لاءِ نذرانو آڻين. هر هڪ ماڻهو پنهنجي دل جي خوشيءَ سان جيڪو بہ نذرانو آڻي، سو تون منهنجي لاءِ هن کان وٺ.


انهن مان جن جي دلين کين شوق ڏياريو سي خدا سان ملاقات واري خيمي جي ڪم لاءِ، انهيءَ جي هر قسم جي خدمت لاءِ ۽ ڪاهنن جي خاص پوشاڪن لاءِ خداوند جي حضور ۾ نذرانو کڻي آيا.


اهڙيءَ طرح بني اسرائيل جي سڀني مردن ۽ عورتن، جن جي دل چاهيو سي پنهنجي خوشيءَ سان خداوند جي لاءِ، انهن ڪمن واسطي نذرانو کڻي آيا، جن جي ڪرڻ جو خداوند موسيٰ کي حڪم ڏنو هو.


تڏهن هنن اهي سڀيئي نذراني واريون شيون، جيڪي بني اسرائيل مقدس خيمي جي بڻائڻ لاءِ آنديون هيون سي موسيٰ کان ورتيون. ماڻهو انهيءَ کان پوءِ بہ هر روز صبح جو پنهنجي مرضيءَ سان نذرانا آڻيندا رهيا.


جيڪڏهن ڏيڻ جي نيت هوندي تہ پوءِ جيڪي ڪجھہ بہ ڪنهن ماڻهوءَ وٽ هوندو تنهن موجب خدا سندس نذرانو قبول ڪندو، نڪي انهيءَ موجب جيڪي وٽس نہ آهي.


آءٌ شاهدي ٿو ڏيان تہ انهن پنهنجي حيثيت آهر، بلڪ پنهنجي حيثيت کان بہ وڌيڪ ڏنو ۽ پاڻمرادو ڏنو.


هر هڪ ماڻهو بغير ڪُرڪڻ ڪنجھڻ جي ۽ بغير ڪنهن لاچاريءَ جي اوترو ئي ڏئي جيترو هن دل ۾ ارادو ڪيو آهي، ڇو تہ خدا خوشيءَ سان ڏيڻ واري کي پيار ٿو ڪري.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ