Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




عزرا 2:58 - Muslim Sindhi Bible

58 هيڪل جي خدمتگارن ۽ سليمان جي نوڪرن جي اولاد جو ڪل تعداد ٽي سؤ ٻيانوي هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

58 سڀ نتينيم، ۽ سليمان جي نوڪرن جو اولاد ٽي سؤ ٻيانوي هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




عزرا 2:58
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سليمان ڪنعان جي انهن بچي ويل ماڻهن جو اهو اولاد بيگر ۾ لڳايو، جن کي سندن ملڪ تي قبضي ڪرڻ وقت بني اسرائيل نہ ماريو هو. انهن ۾ اموري، حتي، فرزي، حوي ۽ يبوسي شامل هئا جن جو اولاد اڄ ڏينهن تائين اتي غلاميءَ ۾ رهندو اچي.


پوءِ بني اسرائيل ۾ سڀني کان پهريائين جيڪي پنهنجن شهرن ۽ پنهنجي ملڪيتن تي موٽي آيا، تن ۾ ڪاهن، لاوي ۽ هيڪل جا خدمتگار بہ شامل هئا.


بني سفطياہ، بني خِطيل، بني فوڪرت‌ضبائم ۽ بني امي.


بني دلاياہ، بني طوبياہ ۽ بني نقودا جا ڇهہ سؤ ٻاونجاهہ ماڻهو جيڪي تل ملح، تل حرسا، ڪرُوب، ادان ۽ امير مان موٽي آيا هئا، سي اهو ثابت ڪري نہ سگھيا تہ هو بني اسرائيل آهن.


سو ارتخششتا شهنشاهہ جي شاهيءَ جي ستين سال ڪجھہ بني اسرائيل جن ۾ ڪاهن، لاوي، هيڪل جا ڳائڻا، دربان ۽ خدمتگار شامل هئا، سي پڻ عزرا سان گڏ يروشلم ۾ آيا.


۽ خداوند جي گھر جا خدمتگار جيڪي عوفل ٽڪريءَ تي رهندا هئا، تن اوڀر طرف پاڻيءَ واري دروازي ۽ ٻاهر نڪتل ٺُلهہ جي سامهون تائين ڀت جي تعمير ڪئي.


هيڪل جي خدمتگارن ۽ سليمان جي نوڪرن جي اولاد جو ڪل تعداد ٽي سؤ ٻيانوي هو.


مون ڪيترائي غلام ۽ ٻانهيون پڻ خريد ڪيون، جن جا پٽ ۽ ڌيئرون، جيڪي پيدا ٿيا سي بہ منهنجا نوڪر چاڪر بڻيا. مون وٽ ڍورن ڍڳن ۽ رڍن ٻڪرين جا گھڻا ئي ڌڻ هئا. هائو، منهنجي ملڪيت انهن سڀني کان وڌيڪ هئي جيڪي مون کان اڳ يروشلم ۾ رهندا هئا.


سو کين جيئرو رهڻ ڏيو، پر هو سڄيءَ قوم لاءِ ڪاٺير ۽ ماشڪي ٿي رهندا.“ اهڙيءَ طرح اڳواڻن جي قسم جو ڀرم رکيو ويو.


تنهنڪري هاڻي اوهين لعنتي آهيو. اوهين سڀ هميشہ غلاميءَ هيٺ رهندا ۽ منهنجي خدا جي پاڪ گھر لاءِ ڪاٺيون وڍيندا رهندا ۽ پاڻي ڀريندا رهندا.“


انهيءَ سان گڏوگڏ يشوع انهن کي قوم جي لاءِ ۽ خداوند جي قربان‌گاهہ جي لاءِ ڪاٺير ۽ ماشڪيءَ جي ڪم تي مقرر ڪيو. اڄ ڏينهن تائين هو انهيءَ قربان‌گاهہ واري جاءِ ۾ اهو ڪم ڪندا ٿا اچن، جا خدا پنهنجي لاءِ چونڊي هئي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ